امن جي اهميت
نظارو امن جو جنَّت کان بهتر آ،
اَڏا جنگين جا ذهنن مان پيا پَٽجن،
کُلي ويو امن جو هر دل ۾ دفتر آ.
“امن” سک ۽ سڪون جي دور جو نالو آهي. امن، سونهن آهي سنسار جي، جان آهي جنسار جي. “امن” ايمان جي سلامتي آهي. هي هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ۾ تمام گهڻي گهرائيءَ سان گڏ گهر، پاڙي، قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ جو راز سمايل آهي. دنيا جي تاريخ تي ڌيان ڌربو ته معلوم ٿيندو ته امن ئي آهي جنهن سان هر دور ۾ انساني ترقين جون راهون هموار رهيون آهن. امن جي ابتڙ، “بدامني”، انتشار ۽ برائيءَ سان گڏ اخلاقي قدرن جي پائمالي آهي. بدامني، ڏاڍ، ناانصافي ۽ غيربرابريءَ جو نالو آهي.
ڪو وقت هو جڏهن دنيا ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم هئي. “جيڪو ڏاڍو سو گابو”، جو اصول رائج هو. هاڻي به ظلم ۽ ناانصافي ٿئي ٿي پر انهيءَ کي روڪڻ جا اپاءُ ڪيا ٿا وڃن.
جو ظلم ڪندڙ آهي، اهو آ شيطان،
جو ظلم سهي، ڪين ڪُڇي سو حيوان،
جو امن ڏئي، امن گُهـري، امن وٺي،
هــن دور جــو انــســان، اهــو آ انــســان.
(استاد بخاري)
انساني ارتقا جي شروع دور ۾ قاعدا قانون نه ٺهيا هئا، ان ڪري انسانن جهنگلن وارن قانونن کي پنهنجو ڪيو. اڳيان هلي علم جي نور سان منجهن سمجهه آئي. پيغمبر، نبي ۽ ٻيا ڪيترائي ڏاها انسان اڳيان آيا، جن سندن رهبري ڪري، کين پنهنجي حقن ۽ فرضن جي ڄاڻ ڏني. قاعدا قانون ٺهيا ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ جون ڪوششون ٿيون. وري به مقصدي ۽ مفاد پرست انسانن پنهنجين لالچن ۽ خود غرضين جي سبب وڏن جي ڏنل سبقن کي هر دور ۾ وساريو. حضرت محمد صه جن کان اڳ عرب جي ريگستانن ۾ بي حساب غير انساني رسمون رائج هيون. جن جو انت رسول پاڪ صه جي تعليم ۽ قرآن جي نور سان آيو. پوريءَ دنيا ۾ هي نيڪ پيغام پکڙيو. اڄ دنيا جي چڱي حصي ۾ اسلام جي روشني ڦهليل آهي.
تاريخ شاهد آهي ته هر دور ۾ چڱن، مصلحن، مبلغن، نبين ۽ ولين انساني زندگيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون سرانجام ڏنيون آهن. هر مذهب ۾ انهيءَ جامثال موجود آهن ۽ اهڙن نيڪن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندي ۽ سندن تعليمات کي عام ڪيو وڃي ٿو. بنيادي طور الله پاڪ انسان کي اعليٰ کان اعليٰ ٺاهيو آهي، پر انهن مان جن کي گمراهي پلئه پئي، تن تباهيون پکيڙيون. پر ڏٺو وڃي ته بدامني ڦهلائيندڙ، انسانيت جا قاتل، جيئن فرعون، يزيد، هٽلر، هلاڪو، چنگيز خان ۽ ٻيا انساني تهذيب جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪيا ويا، بلڪه تاريخ جي ورقن ۾ نفرت ۽ ڌڪار سندن مقدر رهي آهي.
اڄ جي دور ۾ اقوام متحده جو قيام، عالمي امن ڪوششون، امن مارچ ۽ امن جا ڏينهن ۽ امن ڪانفرنسون انهيءَ جو اهڃاڻ آهن ته اڄ جي دنيا امن پسند ۽ جنگ جي نقصانن ۽ تباهيءَ کان پوريءَ ريت واقف آهي. پوريءَ دنيا ۾ جنگ کي ڌڪاري، امن جي پرچار ٿي ڪئي وڃي. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي تباهيءَ کي اڄ به ڏک سان ذڪر ڪيو ٿو وڃي. ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڌماڪي، ٻين تباهين ۽ بمن جي بربادين سان گڏ مختلف ملڪن جي پاڻ ۾ جنگين کي بين الاقوامي طور غير انساني ڪمن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. بيشڪ هر ملڪ پنهنجي سربلندي، سرفرازي ۽ حفاظت لاءِ ائٽمي توانائيءَ کي اهميت ڏئي ٿو ۽ پاڪستان به ائٽمي توانائيءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، پر دلي طور سڀ سڌريل انسان انسانيت لاءِ دل ۾ درد رکندي، هن دور جي ائٽمي تباهه ڪارين کي پوريءَ ريت نندين ٿا. هو امن چاهين ٿا ۽ امن سان ئي رهڻ گهرن ٿا. جوشيلا هوندي به هوش مند آهن ۽ پوريءَ ڪائنات جي لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمان موجب دعاڳو آهن ته:
سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌُ سُڪار،
دوست مِٺا دِلدارَ! عالَمُ سَڀُ آباد ڪرين.
(4-12، سارنگ)
اچو ته اسين گڏجي عهد ڪريون ته اسان کي نئين نسل جي روشن ڏيئن کي سهڻي سوجهري ۽ محنت سان منور ڪرڻو آهي. کين ساڃهه، سڃاڻپ ۽ انسانيت جو تقدس عطا ڪري، هن لطيف جي ڌرتيءَ کي سڪون ۽ آرام جو هندورو بنائڻو آهي هنن نوجوانن کي امن جي جهنڊي جو علمبردار ۽ پاسبان بنائي، سندن هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب ڏيڻا آهن. ڏاڍ جي خلاف کين هوشيار ڪري پنهنجيءَ حفاظت جي سمجهه ڏيئي، هن مادي ترقيءَ جي ڊوڙ واريءَ دنيا ۾، جنگ جي هولناڪين ۽ ناحق کان نفرت ڏيارڻي آهي.
اُجهايو جنگ ناحق جي، پيمبر ٿيو،
کَــڻو گيتا جا ۽ قُرآن جا گُــفتا،
ڀٽائي ۽ بخاريءَ کي گهرائي چئو؛
ٻُڌايو امن عاليشان جا گفتا.