اَنِّ آهي ته ايمان آهي
هر ذي نفس کي رزق ڏيندڙ هو. رزاق “ماڪوڙيءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ” ڏيندڙ آهي. سندس قدرت کان عبث ڪونهي ته هو گهر ويٺي انسان کي رزق نه ڏئي. آسمان مان “من و سلويٰ” آخر ڪنهن لاٿو؟ اهو رب رحيم هر شيءِ تي قادر هئڻ جي باوجود، انسان کي رزق آسمان مان ڇو نٿو موڪلي؟ زمين تي مهيا ڇو ٿو ڪري؟ سڄي جڳ کي خلقيندڙ پالڻهار وٽ ته ڪنهن شيءِ جي کوٽ ناهي. هو چاهي ته جبل اَنَ جا ٺاهي، ماکيءَ ۽ کير جون نهرون جاري ڪري. ليڪن هو چاهي ٿو ته جيئن سندس قدرت جي ڪارسازي هلندڙ ۽ جاري ساري آهي تيئن انسان به محنت ۾ مشغول رهي ۽ محنت جي عظمت سان سلطاني سهاڳ ماڻي، جدوجهد، چرپر ۽ ڪوششن ۾ جيڪو اهم جذبو ڪارفرما آهي سو آهي دل جي مضبوطيءَ جو، جيئن،
“سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ”
ڪڏهن ڪڏهن طاقتور انسان به مقصدن ۾ حائل رڪاوٽن تي ڊڄي ارادن کان هٽي پري ٿي ويندا آهن پر ڪي ناتوان به سهڻيءَ وانگيان ارادي جا اٽل هئڻ سان نيٺ وڃي توڙ رسندا آهن اهڙيءَ ريت مشڪلاتون خود ئي حل ٿي ۽ رڪاوٽون راهه مان هٽي وڃن ٿيون، معنيٰ ته مهلون ۽ مشڪلون محنت جو مرڪ آهن، حيلي سان وسيلو پيدا ٿي ڌڻي ئي واهر ڪري ٿو. انهيءَ تي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
مَ رُو، مَ رڙ، مَ ڪي هنجون هار،
اٿي هن اونداهيءَ ۾، ٻارڻ ڪو ٻار،
آڙ جي هن آزارَ ۾ حيلا ڪر هزار،
ته پاڻيهي پالڻهار، واهر ڪنديئي وچ ۾
(11-11، سر مارئي)
هٿ پير هڻڻ سان قومون ويل وقت ورائي اوج ۽ ڪمال حاصل ڪنديون آهن. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جپان ۽ جرمنيءَ ۾ وڏي تباهي آندي پر انهن قومن کي صد آفرين آهي جو هو صرف شانائتي ماضيءَ تي اڪتفا ڪري ڪونه ويٺا. پنهنجي هيڻي حال جو احساس ڪري مستقبل جي ايتري ته زبردست پلاننگ ڪيائون جو شاندار صنعتي ۽ زرعي ترقي حاصل ڪري اڄ اهي ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا. اسان کي انهيءَ مان سبق سکڻ ڪرڻ گهرجي. اسين عظيم تهذيب يافته خطن جا والي ۽ وارث آهيون. جنهن جا قديم آثار شاهد آهن. پر هاڻي اسان جي عظمت ماضيءَ کي مانائتو بيان ڪرڻ ۾ نه پر حال کي مضبوط بڻائي شاندار مستقبل لاءِ اڳيان وڌڻ ۾ آهي. جنهن لاءِ شرط صرف محنت جو سچو جذبو آهي.
انهيءَ محنت جي جذبي جي سنڌي قوم کي سخت ضرورت آهي. شاندار ماضي انهيءَ جي ضمانت ڪانهي ته اسان جو مستقبل به شاندار هوندو. مستقبل اسان جي حال سان ٿو ٺهي ۽ حال کي مضبوط بنائڻ ۽ اڳيان جو سوچڻ ۽ رٿون رٿڻ اسان جو فرض آهي. وقت ۽ وير ڪنهن جو به انتظار نٿا ڪن. وقت هلندڙ شيءِ آهي جنهن کي روڪي نٿو سگهجي. ائين نه ٿئي ته وقت کي اسين واريءَ وانگر هٿن جي وٿين مان وڃائي ويهون ۽ ترقي پذير قوم سڏايون. اڃا وقت ويو نه آهي ۽ سجاڳيءَ جي ضرورت آهي. اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته عملي طور محنت ڪري. پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڪاميابي حاصل ڪريون، هاڻي تقدير کي ڏوهه ڏيڻ جي بجاءِ تدبير تي ڀاڙڻو آهي.