مذهبي نفرتون قومن کي تباهه ڪن ٿيون
قوم ماڻهن جو فقط ميڙ نه آهي، پر قومن کي پنهنجي تهذيب، ثفافت ۽ تاريخي ورثا هوندا آهن. انهن جي پنهنجي هڪ منفرد سڃاڻپ هوندي آهي. قومي ٻڌي هڪ اهڙو اُتم عمل آهي، جنهن جي رهنمائي ۽ جدوجهد انهن قومن جا اڳواڻ ۽ ساڃهوند رهبر شخص پنهنجي ماڻهن جي مدد سان ڪندا آهن. جنهن ۾ سڄيءَ قوم جي هر طبقي جي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ سان ئي قوميت جي ترقيءَ جون راهمون هموار ٿينديون آهن. عربستان جي جنگجو قوم خدا جي رسول جي اطاعت سان جڏهن متحد ٿي تڏهن صرف ٽيهن سالن جي عرصي ۾ رومين، فارسين، ترڪين، حبشين، سوڊانين ۽ ڪيترين ئي قومن کي جهڪائي اسلام جو جهنڊو سربلند ڪيو. اهو صرف ٻڌيءَ جي طاقت جو ڪمال هو.
قومن جا اڳواڻ ذمه داريءَ سان پنهنجي جدوجهد جو رخ ظلمن جي خلاف ۽ حقن جي حاصلات طرف موڙيندا آهن. پاڪستان جي تاريخ کي ڏسنداسين ته 1947ع کان اڳ گڏيل هندوستان ۾ مسمان قوم کي نه پنهنجي مذهب جي آزادي هئي نه ئي هو صحيح نموني سان اسلامي ثقافت ۽ تهذيب کي زنده رکي سگهيا ٿي. هڪ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو غير يقيني ماحول هو، جنهن ۾ مسلمان اڳواڻن ۽ رهبرن قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ اتحاد، مسلسل جدوجهد، محنت ۽ قربانين جي صدقي آزادي حاصل ڪئي.
هميشه غلام اهي قومون ٿينديون آهن جن ٻڌيءَ جي عظيم قوت کي نه سمجهيو ۽ نه تاريخ مان سبق حاصل ڪيو ۽ نه ئي پاڻ ۾ جدوجهد ۽ ٻڌيءَ جي وصفن کي پيدا ڪري وڌايو ۽ جڏهن جڏهن قومون ظلمن جي گهاڻن ۾ پيڙاهڻيون ۽ تباهه و برباد ٿيون آهن ته صرف ۽ صرف پنهنجين شانِ بي نيازيءَ وارين عادتن يعني سستي، ڪاهلي، لاعلمي، نفاق ۽ پنهنجي ئي قوم واسين کي تباهه ڪرڻ جي ڪري.
جيڪڏهن سنڌ جي حالتن تي نظر ڊوڙائينداسين ته معلوم ٿيندو ته سنڌي قوم هميشه کان بهادر، حوصله مند ۽ سمجهو رهي آهي، پر جڏهن به هن قوم غفلت ڪئي ۽ عملي سجاڳيءَ کان منهن موڙيو، تڏهن ڪيترائي مغل، ارغون، ترخان ۽ انگريز هتي غاصب ٿي آيا آهن. مشهور چوڻيءَ موجب ته “ميرن کي گهر مان لڳي”، جيڪڏهن ميرن جي حڪومت ۾ ٻڌي هجي ها ته سنڌ انگريزن جي هٿ ۾ نه اچي ها. گڏوگڏ ميرن جي درويش صفتي ۽ سياسي بصيرت جي ڪَميءَ سنڌ جي لاءِ تباهيءَ ۽ زوال جا رستا کولي ڇڏيا. اڄ به سنڌ جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ امن امان جي صورتحال آهي، جنهن ۾ وڌندڙ آباديءَ جي اهم مسئلي کان علاوه ٻيا ڪيترائي سبب آهن. ڇا اسين پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي ڏسون ٿا ته ڌاڙيل فيڪٽر، جاگيردارن ۽ وڏيرن سنڌ کي ڪيترو نقصان ڏنو آهي؟ روز اخبارن ۾ خبرون اچن ٿيون ته فلاڻي ڳوٺ تي ڌاڙيلن جي چڙهائي، لٽ مار، بي گناهه خون، عورتن ۽ ٻارن جون ذلت آميز بي عزتيون ۽ قتل و اغوا ٿين ٿا.
مذهب توڙي قوم جو نالو ٻوڙيائون،
باهيون ڏنائون، ٻار ڪوڪلا ڪيائون.
قومن جي ترقيءَ ۽ تعمير جو حل مسلسل جدوجهد، علم جي حاصلات ۽ ٻڌيءَ ۾ آهي. قومي ٻڌي قومن جي سڀني طبقن کي گڏ کڻي هلڻ ۾ آهي اڄ اسان وٽ پڙهيلن جو پليٽ فارم الڳ آهي ته هاري تحريڪ الڳ آهي. سياستدان الڳ آهن ته استاد الڳ آهن. هئڻ ايئن گهرجي ته ذات برادري جي طبقاتي فرق مان نجات حاصل ڪري پڙهيلن، اڻ پڙهيلن، ڳوٺاڻن ۽ شهرين جو هڪ گڏيل پليٽ فارم ٺاهجي، ڪا به جدوجهد چاهي اها بين الاقوامي هجي يا قومي، جيستائين ايڪي، اتحاد ۽ حوصلي و هوش سان نه هوندي ڪامياب نه ٿي سگهندي. هر جدوجهد ظلمن جي خلاف ۽ حقن جي حاصلات لاءِ هئڻ سان گڏ نفاق ۽ انتشار کان پاڪ هوندي، تڏهن ڪامياب ٿيندي آهي. جنهن ۾ مشڪلون اچن پر برداشت سان گڏ حوصلو ۽ ولولو قائم هجي.
هي ضروري ناهي، هر هر زلزلو پيدا ڪجي،
قوم ۾ ليڪن، مسلسل ولولو پيدا ڪجي،
مشڪلاتون اينديون رهنديون، پر ٻڌو مُشڪل ڪُشا!
هر قدم تي هوش سان گڏ، حوصلو پيدا ڪجي.
جڏهن هر قوم جا هاري ناري، ڪڙمي، ڪاسبي، قانوندان، صحافي، استاد ۽ دانشور هڪ هوندا، تڏهن ئي اها اڳيان وڌندي. سنڌي سماج جي گهٽ ترقي يافته هئڻ جي اهم سببن ۾ هڪ سبب وڏين قومي جدوجهدن جو نه هجڻ آهي. اسان جي سڄيءَ قوم کي ضرورت آهي سچن جاکوڙين، سورهيه سرويچن ۽ سمجهدار سڄاڻن جي، جيڪي منظم نموني سان قوم جي اڳواڻي ڪن ۽ مفادن کان پري ٿي هوش ۽ سمجهه کان ڪم وٺن. اهڙا اڳواڻ جن لاءِ بي ڌڙڪ چئي سگهجي ته:
جو قوم جياري، اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري، اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.
جنگ جوٽي، سِرُ ڏيئي سرهو ٿيڻ قومن جو مانُ آهي. دودي سومري جي دليريءَ جو داستان تاريخ ۾ اڄ ڏينهن تائين قائم هئڻ سان گڏ “دودو” نالو سنڌ ڌرتيءَ تي بهادري ۽ شجاعت جو اهڃاڻ آهي، جنهن پنهنجي قوم جي نياڻيءَ کي دهليءَ جي دربار ۾ موڪلڻ پسند نه ڪيو. جواب ڏنائين ته:
“ گولي ويندي گجرين، ته چوندا ٻاگهي دودي ڀيڻ”
نياڻي سياڻيءَ جو حيا، پنهنجيءَ قوم جي عورتن جي عزتن کي سر ساهه کان مٿي سمجهڻ ۽ عزت لاءِ تخت و تاج قربان ڪرڻ جي هيءَ ريت دلير ابڙي پاڻ سر ڏيئي نڀائي.
ستيون جي سُومَريون، سي تو ڀَلي آنديون ڀاڳ،
راڻيون جي روپا جون، هي محل تَنين جا ماڳَ،
جي سر سلامت ڀاڳَ، ته سام نه ڏيندو اَبڙو.
قومي غيرت جا اهي اعليٰ مثال ئي سنڌ جون روايتون رهيا آهن. قومي غيرت ئي قومن جي ٻڌيءَ جي وڏي ۾ وڏي قوّت آهي. جيڪڏهن سنڌ ڏانهن ڪير ميريءَ اک سان نهاري ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. جيڪڏهن پاڪستان جي سلامتيءَ کي خطرو هجي ته سڄي قوم گڏجي حفاظت لاءِ محاذ قائم ڪري ۽ عالم اسلام جي لاءِ سازشون ٿين ته سڀني مسلمانن کي گڏجي خداپاڪ جي ڏسيل واٽ مطابق مسلمانن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
ٻڌيءَ ۾ برڪت ۽ نااتفاقي ۾ بدبختي آهي. ايمان، عدل، انصاف ۽ اتحاد ئي آزاديءَ جي فضا کي هموار ڪن ٿا.
“ٻڌي” ۽ “ايڪو” مختصر لفظ هوندي به تمام مضبوط آهن. انفرادي نيڪ عمل ۽ سوچون ويچار، جڏهن اجتماعيت ۾ تبديل ٿين ٿا تڏهن ئي قومون سينو سپر ڪري شيهي جي ڀت ٿي دشمنن جي اڳيان بيهنديون آهن. قومي جذبو انساني فطرت جو حصو آهي. پر جڏهن اهو اتم هوندو آهي ته اها قوم شانائتي هوندي آهي. تاريخ شاهد آهي ته عياش، ظالم، ۽ بدڪردار قومون عاد، فرعون ۽ نمرود جي قومن جيان تباهه ٿي ويون.
قومي ٻڌيءَ لاءِ هر دور ۾ ڏاهن، اديبن، عالمن ۽ شاعرن قوم کي سجاڳ ڪيو آهي کين ايڪي ۽ اتحاد جا سڏ ڏنا آهن. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو.
وَڳر ڪيو وَتَنِ، پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پَکيئَــڙن ماڻنهئان ميٺ گهڻو.
(4-5، ڏهر)
ساڳيءَ ريت شيخ اياز پڻ قوم کي سجاڳيءَ جو سڏ ٿو ڏئي:
ڏِسُ ته گڏجي هو پَکي سڀ ڪئن نه ڍوري تي لهن ٿا،
ڪو حَسد تن ۾ نه آهي، ڪئن نه هڪٻئي کي سَهَنِ ٿا.
(شيخ اياز)
هندوستان جي شاعر نارائڻ شيام قومي ٻڌيءَ جو سبق هن ريت ڏنو آهي:
ڏسو پکين جا ڏانو،
هڪٻئي مٿان اڏامندي،
ڪيئن سي ڪَنِ ٿا ڇانو.
(نارائڻ شيام)
مٿين مثالن مان هيءَ حقيقت چڱيءَ طرح چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته قومي ٻڌي نالو آهي، قوم جي اتفاق، محبت، همت، حوصلي، جدوجهد ۽ سجاڳيءَ جو. قومي ٻڌي نالو آهي، قوم جي هر هڪ فرد جي غيرت ۽ قربانيءَ جي جذبي جو. قومي ٻڌيءَ سان ماڻيل خودمختياري ئي قومن جي خوداعتمادي آهي. خودمختياري ۽ آزادي هر انسان جو ازلي حق هئڻ سان گڏ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت پڻ آهي.