سنڌ جا قديم هنر ۽ ان جو بچاءُ ۽ ترقي لاءِ تجويزون
هوا، سورج، مٽي، پاڻي، وڏي قدرت جي نعمت آ،
فقط سهڻا گل گلابي، ستارا، چنڊ ئي ناهن،
جَبلَ، جَرَ، جهَنگَ سڀ سُهڻا، رڳو صورت ئي صورت آ.
(استاد بخاري)
“هنر” لفظ جي معنيٰ عام طور هٿ جو پورهيو ئي آهي. جنهن ۾ هن مشيني دؤر ۾ مشين تي ٺهيل هنر به شامل آهن يعني انساني هٿن ۽ سندس ئي هٿن سان استعمال ڪيل جديد مشينن جي ميلاپ سان ٺهيل پر هٿ جا هنر “هنر” شمار ٿين ٿا. سنڌ جي ڌرتي صدين کان هنر ۽ هنرمندن جي سر زمين رهي آهي. هتي جي محنت ڪشن هميشه پنهنجي هٿن کان ۽ دماغ کان مثبت فائدا وٺي پنهنجي اهميت دنيا ۾ مڃرائي آهي. قديم تهذيبي ۽ تمدني خطي جي وارث هن سرزمين انيڪ هنر دنيا ۾ متعارف ڪرايا آهن، جن جهڙا دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ ڏسڻ ۾ نٿا اچن. سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
“علم وزير آهي ته هنر بادشاهه”
سو هنرمند ڪڏهن به بک نه مرندو، هو بادشاهه آهي سندس “حرڪت ۾ برڪت آهي” يا ٻين لفظن ۾ “ڪک هيٺان لک لڪيو پيو آهي” پر هنر به بنا سکڻ جي نٿو اچي، انهيءَ ڪم ۾ سکيا ۽ صبر ضروري آهي. رهبري ۽ ڄاڻ کان سواءِ ڪوبه ماڻهو پنهنجي فن ۾ طاق ٿي نٿو سگهي ۽ سکڻ لاءِ شوق، وقت، جستجو ۽ محنت مشروط آهن. باقي اهو چوڻ ته اسان جي قسمت خراب آهي يا تقدير ساٿ نه ڏنو يا ڪنهن مدد ئي ڪانه ڪئي ته اهو ٿيو انگل ڪرڻ. استاد بخاري انهيءَ تي چوي ٿو ته:
يا ته ڪوشش جو عمل ڪامل نه هو،
يا ته پورهيو پيار سان شامل نه هو،
نيڪ نيت، هوش، همت شرط هو،
مرد سامهون ڪو به ڪم مشڪل نه هو.
(استاد بخاري)
هنر جي دنيا جي هر خطي ۾ عزت آهي. سنڌ خطو اهڙن ئي باحيثيت ملڪن مان آهي جنهن جا هنرمند پنهنجو ٺاهيل قيمتي ڪپڙو ۽ ٻيو سامان ولايت ويچيندا هئا ۽ اُتان ماڻڪ موتي لعل وکر ۾ آڻيندا هئا. هتي جو جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جو ڪم، سونارڪو ڪم، سئيءَ سڳي جو ڀرت، ڪانن جو ٺاهيل سامان، واڻ واڻڻ جو هنر، پوچ جو هنر، رَليءَ جو هنر، چم جو هنر، مٽيءَ جا چٽيل ٿانوَ، موتين جا پوچ، لوهارڪو ڪم، واڍڪي ڪم ۾ ڪاٺ جي سامان تي نقش نگاري. اجرڪون، کيس، لونگيون، سنڌي ٽوپيون ۽ ٻيا انيڪ هنر آهن جن جو مثال پوريءَ دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. هتي جا ڪوري، رنگريز، لوهار، ڪنڀار، سونارا، قديم دؤر کان مشهور آهن. شاهه لطيف سائين ته پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي هر هنرمند کي مڃتا ڏني آهي. سندس نظر ۾ اهو سماج ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي جو پنهنجي پورهيت هٿن کي اهميت نٿو ڏئي. سندن موجب ته محنت ئي عظمت آهي ته محنت ئي امن، ڏاهپ، طاقت، اختيار، سک ۽ سڪار آهي. هر معاشري جي خوشحالي معاشي حالتن جي ترقيءَ جي آڌار تي آهي، تڏهن ته چوي ٿو ته:
“پچائي پهاڻ جن رساڻيو رُڪ کي.”
“سر سنداڻ ڪري پڇج گهر لوهار جو.”
“ڪچو ڏيج ڪلال کي منهن تي موٽائي.”
۽ اهڙا ٻيا انيڪ بيت آهن جن ذريعي هن عظيم شاعر قوم جي هنرمندن کي مڃتا ڏيندي. کين همٿايو آهي ۽ هنر کي هٿن جي عظيم قوت قرار ڏنوآهي. ٻڌ دؤر ۾ لوهارڪي هنر وڏي ترقي ڪئي. انهيءَ دؤر ۾ ڀالن، تراڙين ۽ ڪهاڙين وغيره سان گڏ ڪوڏرون، پاڪيون ۽ وڍڪٽ جو سامان ويندي سنهڙين شين تائين تيار ٿيندو هو.
لوهار جو ذڪر شاهه صاحب گهڻن هنڌن تي ڪيو آهي. کيس “آڳڙيو” ڪوٺيو آهي. فرمائي ٿو ته:
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
مترڪن منهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
لوهارڪو ڌنڌو سنڌ ۾ تمام قديم آهي، جنهن جو ذڪر نه فقط ويدن ۾ آهي پر موئن جي دڙي مان مليل سامان ۾ پڻ ڪهاڙين جا ٻه سادا ڳن مليا آهن.
هيءَ سنڌ ته انمول هنرن سان سينگاريل آهي. هتي ته ڪپهه تمام جهجهي ٿيندي هئي ۽ ان لاءِ ڪيئن ائٽ هوندا هئا جتي مرد ۽ عورتون سنهو سُٽ چرخن تي ڪتيندا هئا. هتان جو ڪپڙو پوريءَ دنيا ۾ مشهور هو، خاص طور ململ جو ڪپڙو ته ايترو نرم ۽ نفيس هو جو هنڌين مُلڪين ان جي هاڪ هوندي هئي جيئن شاهه چيو آهي ته:
ململ مان ماءِ، جي سکيون تن سون ڪيو.
سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪپڙي اُڻڻ جا آڏاڻا هوندا هئا، ٺٽو ۽ سيوهڻ ته انهيءَ جا خاص مرڪز هئا. نصرپور جي ڪاريگرن جو اُڻيل ڪپڙو نزاڪت ۽ نفاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. نصرپوري کيس، لُنگيون، سوسيون، گربيون، ڪناويز، ۽ ٻيا ڪپڙا پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هن ڏِسَ ۾ سکر، روهڙي ۽ شڪارپور به گهٽ نه هئا.
سنڌ جي قديم هنرن ۾ ڪاشيءَ جو هنر پڻ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. موئن جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، آمري، ڀنڀور، برهمڻ آباد ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تان اڻ لڀ زيور، قيمتي ٿانو، ٺڪر جا ۽ گڏ ڪاشيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا پڻ مليا آهن. هيءُ هنر سنڌ جو آڳاٽو هنر آهي جو هن وقت به ٺٽو، سيوهڻ، بلڙي شاهه ڪريم، نصرپور ۽ هالا ۾ عروج تي آهي. ڪاشيءَ جو ڪم عام پينٽ ۽ مصوريءَ کان مختلف آهي. هيءُ چٽسالي مٽيءَ جي ٿانون تي ڪئي ويندي آهي. ۽ اهي ٿانو خاص چيڪي مٽيءَ مان جوڙيا وڃن ٿا. ۽ اها چيڪي مٽي درياهه جي ريٽ واري هنڌ تان حاصل ٿيندي آهي. ڪاشيگر انهي مٽيءَ کي سٽي ڪُٽي حوض ۾ پسائي ڇڏيندا آهن، جيڪا ڳچ وقت پسيل هوندي آهي. ان کان پوءِ ان مان ننڍا چاڻا ٺاهيا ويندا آهن ۽ جي انهيءَ مان ٿانو ٺاهڻا هوندا آهن ته ڪاشيگر اهي چَڪَ تي ٺاهيندو آهي. جيڪڏهن سرون ٺاهڻيون هونديون آهن ته پوءِ انهيءَ چاڻي کي قالب وسيلي ٺاهي ٺپڻيءَ سان لسو ڪيووڃي ٿو. ٿانون ۾ ڪٽليون، ڪوپ، جڳ، ساسرون، رانديڪا، گلدان ۽ گلدستا ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪاشيءَ جا رنگ ڌاتو آهن جيڪي جنگشاهي ۽ ٻين پاسن جي جبلن مان ملن ٿا. ٿانون، سرن ۽ ٻين شين تي ڪاشيءَ جا گل ٻوٽا ڪڍڻ کان اڳ استر ڏبو آهي جنهن کي ڪاشيگر چقمق جي پٿر مان جوڙيندا آهن ۽ انهيءَ جو رنگ ميرانجهڙو ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ڪاغذ تي ٺهيل نقش رکي، ان جي مٿان نيرو رنگ ڇٽيندا آهن ته ٿانو يا سِرَ تي اُن جو خاڪو نڪري ايندو آهي. پوءِ ان خاڪي ۾ ترتيب سان رنگ ڀريا ويندا آهن. انهيءَ ۾ سنهو پيٺل شيشي جو سفوف به استعمال ڪبو آهي ۽ پوءِ مٿان وري ٻئي مصالحي جو تهه پڻ ڏبو آهي. ته جيئن پچڻ وقت رنگن کي پکڙجڻ کان روڪي ۽ چمڪ پيدا ڪري. ڪاشيءَ جو هنر تمام نفيس ۽ محنت وارو ڪم آهي. هي سنڌ جو هڪ تمام ملهائتو هنر آهي جو دنيا ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اسان وٽ مسجدن ۽ درگاهن تي پڻ ڪاشيءَ جي ڪم جون سرون لڳل آهن جي قديم مسجدن ۽ درگاهن تي به ڏسڻ ۾ اچن پيون. موجوده وقت پڻ ڪيترائي شوقين پنهنجي گهرن کي انهيءَ سونهن سان سجائيندا نظر اچن ٿا. ته ڪيترين سرڪاري عمارتن جيئن يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ريسٽ هائوسن جي عمارتي سونهن ۾ ڪاشيءَ جي پٿر جو ڪمال آهي.
سنڌ ۾ ٺهيل چمڙي جون شيون تمام مضبوط ۽ ڪارائتيون هونديون هيون، هتي جو عمدو چمڙو يورپ پڻ موڪليو ويندو هو، عرب ۽ ايران کي به موڪليو ويندو هو. هتي چمڙي رنڱڻ جا ڪيترائي مڪان ۽ ڪاريگر هوندا هئا. هتي جي چوپائي مال جي وڏي هاڪ هئي، هي مالوند ماڻهو پنهنجي مال جي سٺي پرگهور ڪندا آهن. جنهن جي ڪري سندن ٻڪريون، ڍڳيون، مينهون، کير ته بي حساب ڏين پر قرباني ۽ خيرات طور ڪسجندڙ جانورن جي کُرن کان وٺي سڱن تائين هر شيءِ ڪمائتي ٿيندي آهي. خاص طور چمڙي جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي.
سنڌ سازو آواز ۽ موسيقي معرفت وڏي مقبوليت ماڻي آهي، هتي جي مشهور سازن ۾ يڪتارو، چنگ، بوڙينڊو، نڙ، بينون، ناد، نقيلون، دهل، سرندا ۽ ٻيا ڪيترا ساز آهن جي هنڌين ماڳين مشهور آهن، جن کي فنڪار سهڻو سجائي ۽ سينگاري وڏين وڏين محفلن ۾ آڻيندا آهن. سندن ڳائڻ وڄائڻ سان گڏ انهن سازن جي سونهن ۽ سوڀيا پڻ ڏسڻ وٽان هوندي آهي. هتان جي اوطاقن ۾ لوڪ رس رهاڻيون، ڏاهپ جا گفتا، سگهڙن جي هنر پائي ڏسڻ وٽان آهي. سنڌ جا ڪاتب اعليٰ درجي جا ۽ محنتي هئا جن ڪيترائي اهم قلمي نسخا سهڻيءَ ڪتابت سان پيش ڪيا. انهيءَ وقت ۾ پرنٽنگ پريسون ايجاد نه ٿيون هيون. شاهه لطيف جو “گنج” يعني شاهه جو رسالو جڏهن ڏسجي ٿو ته ڪاتبن جي محنت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي يا آخوندن جا لکيل قرآن پاڪ ۽ انهن جا سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ترجما هٿ اکرن جو اعليٰ مثال آهن.
مطلب ته هنر ۽ حرفت ۾ سنڌ مالا مال رهي. روزمره جي استعمال جي معمولي شين جي لاءِ ڪيل هٿن جي محنت ۽ سونهن تي غور ڪنداسين ته اچرج ٿيندي جيئن سهڻا اڳٺ ٺاهڻ، وارن جون حسين سڳيون ٺاهڻ يا مڻين جي پوچ مان هار ٺاهڻ يا گهوٽ جا موڙ ۽ ڪنوار جا “اکيا” (اکيو منهن جي سائيز جو ڀريل ڪپڙو آهي جو ڪنوار کي ونواهه جي رسم مهل ٻڌايو ويندو آهي) ٻانهوٽا يا ڪنڍيءَ جو ڪم يعني آر جو ڀرت جنهن ۾ عورتن جون پائڻ جون چادرون ۽ ٽوپيون، مفلر ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. آر جون چادرون، ڇهون ۽ ميز پوش تمام سهڻا ٺاهيا ويندا آهن. ان کان سواءِ ڪيترائي سنڌي ڀرتن جا نمونا جيئن کچ جو ڀرت، ٽُڪ جو ڀرت، ٽڪون ٽانڪڻ، هرمچ جو ڀرت، رِلين تي ٽُڪ سان گڏ ستارن ۽ ڀرت جا نمونا، اجرڪن جي ٻن پڙن جي وچ ۾ لڳل کيلڻون، (اڄڪلهه ته ٻن پاٽن واري اجرڪ کي درزي وچ ۾ سيبو ڏيئي، جوڙي ٿا ڇڏين) ٻن پُڙن جي وچ ۾ هٿ سان کيلڻ جو جوڙ پيلي ڌاڳي سان ڀرت نموني سئيءَ سان لڳايو ويندو هو جو اڄ به ڪجهه هنڌن تي رائج آهي. ان کان سواءِ رلين جون تمام خوبصورت ڊزائينون ۽ ٽُڪ جي ڪم سان ڀريل چادر سيٽ ۽ عورتن جا جوڙا، چنريءَ جا روا، لاک لڳل لوئيون، ٻانڌڻيون، ڪنجريون، گج، ٽونئر ڀريل جتيون ۽ دٻڪيون، پنج صوفيون چنيون (هي ٿر جي پاسي رائج آهن جنهن مٿي هٿ جو ڪم ٿيل هجي ٿو، هڪ پنج صوفيءَ چنيءَ ۾ پنجن رنگن جي ريشم سان جام ڀرت ۽ سوين سنها شيشا لڳل هجن ٿا، انهيءَ ۾ ڪنوار جي رخصتي ڪرائي ويندي آهي. هيءَ خاص شاديءَ جي نکيٽي جي چادر آهي جا ڏيپلائي قوم ۾ خاص طور استعمال ٿيندي آهي). اهڙن ٻين ڪيترن ڀرتن جو رواج سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زور شور سان اڄ به آهي. فقط مٿي جون ٽوپيون ڏسنداسين ته 200 کان 5000 هزار تائين ڪم ٿيل ملن ٿيون. ايترو ته هٿ جو نفيس ڪم آهي جو ڏسي اکيون دنگ رهجي وڃن ٿيون.
اهڙن سهڻن هنرن جو هن دؤر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا اسان پنهنجي قديم هنرن جي هن ثقافتي ورثي کان وانجهجهي رهيا آهيون؟ اهو غور ۽ فڪر جو مقام آهي. اڄ ڪيترائي هنرمند هٿ جهلي ويٺا آهن. وڌندڙ مهنگائيءَ سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هنرمند کي ايترو اُجورو نٿو ملي جو هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو گذران سولائيءَ سان ڪري سگهي. جڏهن ته هاڻي گهڻا هنر ننڍين ننڍين مشينن تي پڻ منتقل ٿي ويا آهن. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته حڪومت پنهنجي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي قديم هنرن جي بچاءَ جي لاءِ ڪي اُپاءُ وٺي. اسان جي هنرمند عورتن توڙي مردن کي مختلف هنڌن تي اهڙا ڊسپلي سينٽر ۽ هنري گهر قائم ڪري ڏنا وڃن جتي هو سکيا پڻ ڏين ۽ پنهنجو فن پڻ عام ڪن ته جيئن اهي سنڌ جي قديم هنرمنديءَ جون روايتون قائم رهن. ملڪ جي ڪيترين اڻ پڙهيل هنرمند ڀينرن ۽ مائرن کي ان ريت روزگار ملي ويندو ته حڪومت اهو سامان ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائي سگهندي. جيڪڏهن اسان کي فن ۽ مهارت جو هيءُ سفر قائم رکڻو آهي ته پوءِ پنهنجي ڪاريگرن کي بچائڻو پوندو ۽ ڪاريگريءَ کي پڻ. هيرن جي کاڻ جيان هن سنڌ جي هر اڻ ملهه هيري جهڙي فن کي مڃتا ڏيڻي پوندي. ته جيئن سينه به سينه هلندڙ هي هٿ جا هنر قائم دائم هجن. فقط ۽ فقط جديد ورڪشاپ، تجربيگاهون، ۽ خام مواد جو پورائو، ته قابل استاد ۽ معياري ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي ته جيئن ووڪيشنل اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙيون سکيائون ڏيئي سگهجن. حڪومت کي هنر ۽ هنرمندن جي بچاءَ لاءِ ترت اُپاءُ وٺڻ گهرجن.