ٿر جو ڪوئلو/ ٿر جو ڪارو سون
ٿر جي معدني ذخيرن ۾ خاص طور ڪوئلي جي اهميت تمام گهڻي آهي جو هتي ڪوئلي جا اهڙا ذخيرا موجود آهن جن مان گهڻي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ اهي ذخيرا ڳچ عرصو ملڪ جي بجلي پيداوار ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. 1992ع ۾ جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ آمريڪي جيالاجيڪل سروي پاران گڏجي ڪيل کوجنا ۾ اها خبر پئي ته هن هنڌ گهڻي تعداد ۾ ڪوئلو موجود آهي. پر انهيءَ تي ڪم باقائدي 2008ع کان شروع ٿيو. 2010ع کان مختلف ماهرن انهيءَ جي باري ۾ اخبارن ۾ پڻ لکيو جن ۾ خاص طور آبپاشي ماهر ادريس راجپوت جا 9 جنوري، 22 اپريل ۽ 6 جون 2010ع جا ڪاوش جا ڪالم اهميت جوڳا آهن. 400 کان 650 فٽ زمين هيٺان ڪوئلي کي ٻاهر آڻي پوءِ ان مان بجلي پيدا ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم هو ۽ انهيءَ لاءِ حڪومت سيڙپڪار ڳوليا جن مان ڪجهه ڪمپنين سان اهو معاهدو پڻ ٿيو. مٿين روايتي طريقي کان سواءِ هڪ ٻيو طريقو جنهن ذريعي زمين مان ڪوئلو ٻاهر ڪڍڻ جي بجاءِ جديد ٽيڪنالاجي زير زمين گئس پيداوار (Under Ground Coal Gasification) تي پڻ ڪم ڪرڻ جو رٿيو ويو جنهن موجب کوٽائي ڪري ڪوئلو ٻاهر ڪڍڻ جي بجاءِ زمين اندر ئي ان کي ٻاري گهربل گئس جنهن کي (Syn gas, Sythetic natural Gas) چيو وڃي ٿو ڪڍي ساڳئي مقصد لاءِ استعمال ڪئي وڃي. مطلب ته ٻنهي ٽيڪنالاجين ذريعي ڪم جي رٿ ڪئي ويئي. هڪ ۾ ڪوئلو ٻاهر آڻي ٻارڻ ۽ ٻئي ۾ زير زمين ڪوئلو ٻاري گئس ٻاهر آڻي ٻارڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ.
جيئن ته هيءُ ڪم تمام خرچ طلب ۽ وڏن ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ٿيڻ جوڳو آهي ۽ ٿر جو علائقو موسم رهائش ۽ سفري سهوليتن جي اڻاٺ سبب شروع کان شهري آبادين کان هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ هن ڪوئلي جي ڪڍڻ جو خرچ به وڌيڪ آهي ته ايتري وڏي پراجيڪٽ تي ڄاڻو ۽ تربيت يافته ماڻهو هئڻ پڻ ضروري آهن. سو کاڻين جي کوٽائيءَ جا سيڙپڪار جيستائين مِلن، ملڪ جي نامور سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ وفاقي حڪومت جي پلاننگ ڪميشن کان هڪ پراجيڪٽ منظور ڪرائي شروع ۾ ننڍي پئماني تي تجرباتي طور پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ (PCSIR) جي مدد سان هن ڪم جي شروعات ڪئي، جنهن جو هڪ ننڍو تجربو ڪراچيءَ ۾ موجود يونٽ فيول ريسرچ سينٽر (FRC) ۾ ڪيو ويو. جنهن وسيلي هڪ کڏ ۾ ڪوئلي کي پوري ان کي زمين هيٺ ٻاري بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو پوءِ پلاننگ ڪميشن کان پئسا ملندي ئي اسلام ڪوٽ کان اُتر طرف ڳوٺ ٻانڀڻيو ڀيل ڀرسان شروع ۾ 30 ڊرل هڻي تجربو ڪيو ويو، جيڪو ڪامياب ٿيو ۽ ايئن ڪامياب تجربن کان پوءِ باقاعدي مڪمل پلانٽ هنيو ويو آهي. انهيءَ دوران ڪجهه سيڙپڪارن پنهنجي دلچسپي ڏيکاري پر خاص طور اينگرو ڪمپنيءَ ڪم شروع ڪيو آهي. ٻين ڪمپنين جا معاهدا ٿيل آهن جن جو ڪم به جلدي شروع ٿيندو. اينگرو وارن جي چوڻ مطابق ته 2018ع تائين بجليءَ جي پيداوار جا امڪان مضبوط آهن. هن وقت تائين خرچ تقريباً ٽي ارب کان به وڌيڪ ٿي چڪو آهي جنهن ۾ شروعاتي تجربن تي ٿيل خرچ ۽ مشينرين جون فٽنگز ۽ عملي جي پگهارن جي خرچ کان پوءِ تقريباً 10 ميگاواٽ بجلي ٺهڻ جي قابليت هن پراجيڪٽ حاصل ڪري ڇڏي آهي، جا سندن موجب ته، ٿر جي علائقي جي گهرج لاءِ ڪافي آهي.
هن سڄي مرحلي مان اُڪرڻ لاءِ وڏي کپت گهرجي، تڏهن ئي اُپت ٿيندي. اهو ناڻو مهيا ٿيڻ مشڪل پيو لڳي، جو هن قسم جي ڪم لاءِ وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، حيسڪو (واپڊا) ۽ ٻين ادارن جو تعاون گهرجي پر اهو ٿيندو نظر نه پيو اچي. جڏهن کان يعني 1992ع کان ڪوئلي جي انهن اهم ذخيرن جي ڄاڻ پيئي آهي، تڏهن کان اهو قصو سياست جي وَرِ چڙهيل آهي. هن وقت تائين ٿرپارڪر مان ڪوئلي جا 3 وڏا ذخيرا مليا آهن. جن ۾ ڪوئلي جو مقدار هڪ کرب ٽن کان به وڌيڪ آهي ۽ اهو علائقو ڏهه هزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. 1993ع ۾ يو-ايس-جي-ايس 87 ارب ٽن ڪوئلو هٿ ڪيو، هاڻي اهو ذخيرو وڌي ويو آهي. سنڌ سرڪار ته “ٿر ڪول اٿارٽي”، يو ايس جي ايس طرفان بجلي گهر ٺاهڻ وغيره جون رٿون ڪيون آهن پر تڏهن به عملي ڪم گهٽ ٿيو آهي. هن ڪوئلي جي هيٺان چيني مٽي ۽ گرينائيٽ جا وڏا ذخيرا پڻ موجود آهن. پر اصل ڳالهه آهي ته اهو سڀ ڪجهه اسان کي ملي سگهي. پوري پاڪستان ۾ هن وقت ڪوئلي جا 27 هنڌن تي ذخيرا موجود آهن. جن مان ڇهه هنڌ فقط سنڌ ۾ آهن پر انهن ڇهن هنڌن جي ذخيرن جي پيداوار باقي 21 ذخيرن کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي استعمال ۾ آندو وڃي ته سنڌ مان ملندڙ ڪوئلو پاڪستان جي روزاني مجموعي پيداوار جو 42 سيڪڙو آهي ۽ هيءُ ڪوئلو سوين سالن تائين ملڪ جي بجليءَ جي ٻارڻ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو.
“لاکڙا” (دادو) “ڪارنهن” (اسلام ڪوٽ) ۽ ٻين هنڌن تان مليل ڪوئلي جي مقدار سان گڏ معيار به اعليٰ آهي. مجموعي طور هن قومي پراجيڪٽ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي عوام جي ڀلائيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي، ماهر، سماجي اڳواڻ، اديب، صحافي، استاد، شاگرد ۽ ٻين سڀنن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار سچائيءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي هڪ موقف تي هلي ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن ڪوئلي جي کوٽائي ٿر جي عوام لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي، کين بظاهر ڪو فائدو نه آهي سواءِ وقتي اُجرت تي ڪم ملڻ جي. پر سندن سماجي زندگيءَ تي ماحولياتي اثر پوندو. کوٽائيءَ سبب سندن گهر ۽ زمينون انهيءَ علائقي ۾ اچڻ سبب لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ صحيح معاوضو نه ملڻ يا ٻين لفظن ۾ ٿر جي فطري وسيلن جي تباهه ٿيڻ جو امڪان پڻ آهي، جو ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ان مان بجلي ٺاهڻ جو عمل ماحوليات تي خراب اثر وجهندو آهي. انهن سڀني مسئلن تي ويچار ضروري آهي ۽ متاثرين جي مڪمل مدد ٿيڻ گهرجي. عوام جي فائدي لاءِ ٿيل ڪم عوام جي نقصان ۾ نه هئڻ گهرجي.
اها به حقيقت آهي، ته جديد دؤر ۾ توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ذريعن تي توجهه ڏني پئي وڃي، جيئن پاڻي، هوا ۽ سج مان پڻ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي، فقط سنڌ ۾ ئي جيڪڏهن سامونڊي پٽيءَ تي هوا مان ٺهندڙ بجليءَ جا پلانٽ لڳائي فائدو ورتوو ڃي ته هن ڏس ۾ سٺي موٽ ملي سگهي ٿي. 64 سيڪڙو ملڪ جي بجلي تيل، گئس ۽ ڪوئلي مان هن وقت پيدا ٿي رهي آهي جا مهانگي پڻ پوي ٿي ۽ ان ڪري ملڪ توانائيءَ جي بحران مان سالن کان نڪري نه سگهيو آهي. سنڌ موسم جي لحاظ کان گرم صوبو آهي، جتي اسان وٽ چمڪدار سج جي روشني سٺي شمسي توانائي ڏيئي سگهي ٿي. هلندڙ وقت ۾ انهيءَ تي ڪم هلي رهيو آهي. سنڌ جي ڪيترن وڏن شهرن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ پڻ سولر سسٽم ذريعي بجلي پيدا ڪري گهرو استعمال ۾ سهوليت پيدا ڪئي ويئي آهي. انهيءَ سسٽم ۾ بيٽريءَ جو استعمال لازمي آهي جنهن جي ڪري اڄڪلهه سنڌ ۾ تمام بهترين بيٽريون مختلف ڪمپنين جون اچي رهيون آهن ۽ گهرو استعمال ۾ عوام انهيءَ کي ترجيح ڏيئي واپڊا جي ڳاٽي ڀڳي بل مان ڪجهه حد تائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهي. شمسي توانائيءَ واري انرجي گهٽ قيمت ۾ پڻ پوي ٿي. ان کان سواءِ شمسي توانائيءَ جا پلانٽ ٿوري عرصي ۾ لڳن ٿا ۽ جلدي انهن جي قيمت نڪري اچي ٿي. هوا مان بجلي ٺاهڻ، سولر سسٽم ذريعي بجلي ٺاهڻ، پاڻيءَ مان بجلي ٺاهڻ، ڪچري مان بجلي ٺاهڻ ۽ گئس ۽ ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ سڀ طريقا پاڪستان ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا ڇو جو هيءُ ملڪ خدا جي وڏين وڏين نعمتن سان نوازيل آهي، جتي سڀ سهوليتون موجود آهن، پر اسان جي سنڌ حڪومت کي خاص طور پنهنجي لاءِ وڌيڪ سچائيءَ جي ضرورت آهي. جنهن صوبي کي خدا پاڪ انهن سڀني سهوليتن سان مالا مال ڪيو آهي انهيءَ جي باوجود هن صوبي جو عوام 10 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ برداشت ڪري رهيو آهي ۽ بي سبب جا بل ڀري رهيو آهي، سکن کان وانجهيل هن صوبي جي سربراهن کي سوچڻو پوندو ته: خدا اس قوم کی حالت نہیں بدلتا، نہ ہو جس کو خیال خود اپنی حالت کے بدلنے کا . سو اهو سڀ دل جي سچائي ۽ همٿ جو سوال آهي. ٿر جي ڪوئلي کي به سياست جي ور چڙهڻ کان بچائي هن ڪاري سون کي گهٽ خرچ سان سٺي استعمال ۾ آڻي، سنڌ کي سرسبز ۽ سکيو ڪرڻ گهرجي.