ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

ترقي پسند تحريڪ ادب ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي پرواز عطا ڪئي

ادب ڇا آهي؟ ۽ سنڌي ادب ۾ ترقي پسندي ڪڏهن کان شمار ٿي؟ مختصراً ادب جي وضاحت هن ريت آهي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي “ادب” جي لاءِ چوي ٿو ته: “ادب عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ طعام جي دعوت يا مهمانيءَ جو کاڌو، آهي” عرب مهمان نوازيءَ کي حُسنِ اخلاق سمجهندا آهن. تنهن ڪري ادب آهستي آهستي تهذيب ۽ حُسنِ اخلاق جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ادب اها اخلاقي قابليت پڻ آهي جا ماڻهوءَ کي هر هڪ ناشائسته ڳالهه کان روڪي. “علوم الادب” انهيءَ علم کي چيو ويندو آهي. جنهن جي ذريعي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ تحريري غلطين ۽ لغزشن کان بچجي. ميٿيو آرنلڊ، “ادب کي انساني زندگيءَ جي تفسير سڏيو آهي.” افلاطون جي تشريح موجب “ادب اهو آهي جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي نشر و نما ٿئي.” صداقت ظاهر ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ داخلي ۽ ٻيو خارجي يعني ٻاهريون، جو ادب جو سڀ کان بهترين نمونو آهي.
علم ادب کان سواءِ جيڪي ٻيا ڪتاب آهن، تن جو مقصد معلومات پيش ڪرڻ آهي، تاريخ، جاگرافي، سائنس ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب فقط معلومات پيش ڪن ٿا. ان ۾ مصنف جي شخصيت جو ڪو به واسطو ناهي هوندو. انهيءَ جي ابتڙ ادبي ڪتابن ۾ جيڪا حقيقت هجي ٿي سا مصنف جي ذاتي مشاهدي ۽ تجربي جو نچوڙ هجي ٿي. جنهن ۾ اثر انگيزي ۽ دل ۽ دماغ کي ڇڪڻ جي قوت موجود هجي ٿي. جيئن شاهه لطيف سر سهڻيءَ ۾ فرمائي ٿو ته:
جيڪي ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏين،
گهر ورن سان، هوند گهڻين گهوري ڇڏيا.

شاهه سائين ٻڌائي نٿو ته هُن ڇا ڏٺو آهي؟ پر ڄڻ ته سڀ ڪجهه هڪ مڪمل تاثر سان ڄاڻائي پيو. انهيءَ ڪري اهو اديب ۽ اهو شاعر ئي آهي، جنهن جا احساس ۽ خيال شدت اختيار ڪري حياتيءَ جي حقيقتن سان پڙهندڙ کي واقف ڪرائين ٿا. ۽ انهيءَ تخيل جي پرواز پڻ ان پڙهندڙ کي دِلي مسرتن ۽ دماغي بلندين ڏي وٺي ويندي آهي.
اديب جي خوشي سندس تحرير مان نمايان آهي ته سندس ڏک پڻ ڪاغذ جي ڪينواس مان ڇوليون ڏيندو نظر ايندو آهي. سندس تخليق جي قوت جڏهن عروج تي هجي ٿي ۽ سندس خيال مواد جي شڪل وٺي پنهنجي وقت جي رائج خيالن سان ظاهر ٿئي ٿو ۽ هُن کي بهتر نموني اڳيان آڻي ٿو تڏهن هڪ اعليٰ تخليق پيدا ٿئي ٿي. ڪنهن به عظيم آرٽ لاءِ اعليٰ خيال ۽ سگهارو تخليقي جذبو تمام ضروري آهن تڏهن ئي زندگيءَ سان سلهاڙيل ادب زندگيءَ کي پنهنجو فن ڏيندو آهي. زندگيءَ جي سمورين قوتن، محبتن، مسرتن، ذوق، ڏک ۽ سک جو ترجمان ادب ئي آهي. چڱو ادب هر دؤر ۾، هر حال ۾، هر ملڪ ۾ پيدا ٿيندو رهيو آهي ۽ ان جي لڳاتار اوسر ٿيندي رهندي آهي ۽ انيڪ تبديليون پڻ اينديون رهنديون آهن. جيئن زندگي چر پر جو نالو آهي، تيئن ادب پڻ ڪڏهن بيٺل نه رهيو آهي. منجهس وقت سان گڏ مختلف لاڙا ۽ تبديليون هميشه ايندا رهيا آهن. سي دنيا جي ٻين ادبن جيان سنڌي ادب ۾ پڻ آيا آهن.
سنڌي ادب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم سرمايو ۽ ترقي يافته ادب شمار ٿئي ٿو. حالتن مطابق ان ۾ لاهيون چاڙهيون فطري طور آيون آهن ڇو ته ادب ڪا آسماني شئي ڪانهي، جنهن ۾ وقت گذارڻ سان ڪا به تبديلي نه اچي. انهيءَ ڪري جيئن دنيا جي ٻين ملڪن جي ترقي يافته ادب ۾ اظهار جي انداز ۾ تجربا ٿيا آهن ۽ نوان لاڙا متعارف ٿيا آهن، تيئن سنڌي ادب ۾ پڻ ٽيڪنيڪي ۽ نظرياتي لاڙا ايندا رهيا آهن. جن مان ڪي ڪامياب ٿيا آهن ته ڪي وڌي ويجهي نه سگهيا آهن. هيءَ سرگرمي انسان جي ذهني ۽ فڪري سرگرمي آهي جا ڪاغذن تي سنواري ۽ سڌاري ڪتابي صورت ۾ آڻي پڙهندڙن جي اڳيان آندي وڃي ٿي. پوءِ جيڪڏهن پڙهندڙن ڪنهن نئين تجربي کي مڪمل طور پنهنجو نه ڪيو آهي ته پوءِ ليکڪ جو اهو تجربو وڌي ڪا جڳهه والاري نه سگهندو آهي. ڇو جو ادب جو اهم ڪارج اثر انگيزي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پڙهندڙ جي اندر جي دنيا ۾ تبديليءَ جو عمل ظاهر ٿيئي. “ادب براءِ ادب” يا “ادب براءِ زندگيءَ” وارا ٻه نظريا تنقيد نگارن وٽ هميشه بحث جو محرڪ رهيا آهن. جنهن ۾ پهرين مطابق ادب اهو آهي جنهن ۾ جماليات هجي ۽ هڪ فن وانگر ان مان انساني روح لطف حاصل ڪري ڇو جو ادب لطيف فن آهي.
انهيءَ راءِ سان هڪ طبقو متفق آهي، جڏهن ته ٻئي موجب ادب اهو آهي، جيڪو فطرت، سماجي حقيقتن ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي نه فقط نمايان ڪري پر انسان کي انهيءَ جو حل پڻ عطا ڪري، اهو ئي ادب براءِ زندگي آهي. ترقي پسند اديبن ادب کي فقط فنڪارانه هنرمنديءَ سان واڳيل ڏسڻ جي بجاءِ ان کي زندگيءَ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ سان ڳنڍڻ جو ڪم سرانجام ڏنو ۽ روايتي جماليات کي جنهن ۾ حسن جي محدود توريل تڪيل تشريح ۽ رواجي معيار هئا ان کي چئلينج ڪيو. سندن موجب ظاهري حُسن جي بجاءِ باطني قالب جي سونهن کي ادب جو حصو بڻائجي. انهيءَ لاءِ هنن عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۽ احساسن کي سهڻائيءَ سان قلمبند ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ زندگيءَ جي حقيقت نگاريءَ کي اڳيان آندو ۽ زندگيءَ جا سهڻا ۽ ڪوجها ٻيئي پاسا ڏيکارڻ کي اهميت ڏني. مطلب ته ادب کي سماج جو آئينو ۽ زندگيءَ جي تنقيد جو نالو ڏنو. هر طريقي سان زندگيءَ جي ننڍ وڏاين، ڏکن سکن، غريبي اميري، علمي بي علمي، خوبصورتي بدصورتي، حيثيت بي حيثيتي، هر رُخ تي روشني وجهڻ کي اهميت ڏني.
سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو نظريو ڊاڪٽر جبار چواڻيءَ ته “انجمن ترقي پسند منصفين” جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ آيو” جو سنڌي اديبن تي اردو ادب جا گهڻا ثر هئا. انهيءَ کان اڳ مختلف رجحانات هئا. ڊاڪٽر اسحاق سميجي موجب ته “ترقي پسند فڪر جا نظرياتي بنياد هڪ حوالي سان اوڻهوين صديءَ جي سڀ کان سگهاري تحريڪ رومانويت جي رد عمل ۾ جاچي سگهجن ٿا.” اهو به چيو اٿس ته، “ترقي پسند سوچ ادب کي انسان جي نج سماجي سرگرمي سمجهي ٿي. جنهن جو واسطو شعوري فڪري ۽ تخليقي بصيرت سان آهي.” هن سوچ جي نمائندن جو خيال آهي ته ادب جو ڪم خواص جي بجاءِ عوام جي زندگين جي ترجماني ۽ تبديلي هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته خواص ٻين جي رت ۽ پگهر تي پلجي ٿو، عوام رت ۽ پگهر وهائڻ جو ڪم ڪري ٿو. نثر توڙي نظم ۾ اهڙي ٻولي ڪتب آڻڻ کپي، جيڪا ڀرپور اظهار سان گڏ پڙهندڙن جي اڪثريت لاءِ سمجهه ۾ ايندڙ ۽ ابلاغ جي اهل هجي.” هاڻي اچو ته ڏسون سنڌي ادب ۾ اهڙي نموني جا نظريا ڪڏهن کان آيا آهن. ڀلي ٻاهرين ملڪن جي پوئواري ڪندي اسان چئون ته، مارڪسي فڪر جا سمورا پوئلڳ ادب کي انساني سماج جي ارتقا لاءِ بنيادي عنصر ليکين ٿا ۽ ادب سماج جي ارتقا، فڪر ۽ خيال جو بنيادي ڪردار آهي. اهي نظريا ڪي گهڻا پراڻا ڪونه آهن. سئو يا ڏيڍ سئو سال ٿيا آهن پر منهنجي نظر ۾ ته، سنڌي ادب ته شروع واري دؤر کان ئي ترقي پسند ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ترقي پسند تحريڪ ته پوءِ آئي آهي. شاهه لطيف جو رسالو کڻي ڏسون (اسان وٽ پهرين نظم موجود آهي، نثر انگريز دؤر کان باقاعدي عام ٿيو آهي) ته اهو ترقي پسنديءَ جو بنيادي اهڃاڻ آهي. شاهه لطيف ته مهاڻن کي مير ٿو ڪوٺي، هو ته سماج جي جذبن ۽ احساسن جو ترجمان آهي. وٽس زوريءَ مڙهيل رشتا زنجيرون ۽ رڪاوٽون آهن. هو عوام جو شاعر ۽ عوام جي هر جذبي جو قدردان آهي. سندس ٻولي سنڌ جي چپي چپي ۾ توڙي ٻاهر رهندڙ هر سنڌي ڄاڻندڙ سمجهي ٿو. هو جديديت، مابعد جديديت، سوشلزم، ڪميونزم جي پرچار نٿو ڪري. هي ته سڀ پوءِ جا لاڙا آهن. ترقي پسندي شروع کان اسان وٽ ادب ۾ شاهه جي رسالي وسيلي موجود آهي. ها ايئن ضرور آهي ته انگريز دؤر ۾ جڏهن نثر عام ٿيو ۽ ڪجهه منظوم صنفون جيئن غزل، گيت، ترائيل، سانيٽ وغيره ٻين ٻولين مان آيون ته اسان وٽ ادب ۾ ڪجهه تبديلي آئي. جنهن ۾ ترقي پسند تحريڪ وري جو ادب کي زندگيءَ ڏي موڙيو ته سنڌي ادب پڻ نثر جي حوالي سان ان مان فائدو ورتو. باقي ادب ترقي پسند يا رجعت پسند نه هوندو آهي. ادب وهندڙ ڌارا آهي، جنهن ۾ تبديليون وقت سان اينديون رهنديون آهن. سنڌي ادب جا اديب ۽ شاعر پڙهيل ڳڙهيل ۽ ترقي يافته سوچ جا مالڪ آهن. هڪ نئين شي کي پنهنجو به ڪن ٿا ته پراڻيءَ ويل کي ورائي واپس پڻ آڻين ٿا. اسان جي ڪيترن شاعرن شاعريءَ ۾ تمام سهڻا تجربا ڪيا آهن. سنڌ جي مختلف دورن جي ڏکين حالتن تي جا شاعري سنڌيءَ م سرجي آهي اها ترقي پسنديءَ جو اعليٰ مثال آهي. جا مزاحمتي ادب، انقلابي ادب ۽ وطن دوست ادب جو هڪ جاندار مثال آهي. جنهن ۾ شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، احمد ملاح، حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، استاد بخاري، امداد حسيني، ادل سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر آهن. اياز چوي ٿو:
مان تو کي گيت ڏيان اي ڌرتي!
تون مون تي زنجير وجهين.

نياز همايوني چوي ٿو ته:
اي وطن منهنجا وطن، پاڪ پيارا وطن، تون لک لهين،
تنهنجا ويرانا به ٿا مون کي وڻن، تون لک لهين.
اهو به چوي ٿو ته :
سنڌڙي منهنجي ماءُ، او منهنجي جيجل تو تان گهور ٿيان،
شال نه ٿيان غدار سندءِ، ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان.
اهڙا ڪيترائي مثال ملندا جن ۾ پنهنجي ماڻهن سان، پنهنجي سماج سان، سچي رهڻ لاءِ آڀاريو ويو آهي. حياتيءَ جون کليون حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن. نثر ۾ پڻ اهڙا انيڪ مثال ملن ٿا. مضمون، ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما خاص طور هن ڏس ۾ اهم آهن. پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، جمال ابڙو، حميد سنڌي، نسيم کرل، امر جليل، آگرو صاحب، اياز قادري، سراج ميمڻ، محمد عثمان ڏيپلائي، نجم عباسي، ۽ ٻين ڪيترن ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ اهڙي نثري ادب کي وڌايو، جنهن ۾ سرمائيدارن، زميندارن، جاگيردارن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي ظلمن کي وائکو ڪيو. عورت ۽ مرد جي بحيثيت انسان جي برابري واريءَ حيثيت جي تصور کي هٿي ڏني. شروع دؤر جي اهڙن اديبن ۾ شيخ اياز، گوبند پنجابي، اياز قادري، سڳن آهوجا، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ عبدالستار ۽ ٻين غريبن جي بدحالي اقتصادي ڦرلٽ، هندو مسلم ٻڌي، انگريز حڪومت خلاف نفرت (مثال طور سفيد وحشي ڪهاڻي شيخ اياز جي هن ڏس ۾ اهم آهي ۽ گلي سدارنگاڻيءَ جو ناول، اتحاد ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ناول ۽ ٻيا ڪتاب آهن) ورهاڱي کان پوءِ ترقي پسند تحريڪ معرفت سماجي حقيقت نگاريءَ جي لاڙي هڪ منظم شڪل اختيار ڪئي، ڪهاڻين، ناٽڪن ۽ ناولن جي موضوعن ۾ پڻ تبديلي آئي. هند ۾ جيڪو ادب سرجيو سو حالتن تحت ڳچ سال پاڪستان مشڪل سان پهچي سگهيو پئي، پر جيڪو هتي مليو ٿي، ان جي موضوعن ۾ ورهاڱي جي حالتن جا شديد ڏک ۽ سنڌ ڇڏڻ ۽ وڇوڙي جي ذڪر موجود آهي، سنڌ ۾ گهاريل خوشگوار يادن ۽ سماج ۾ آيل تبديلين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ سرجيل ادب ۾ پڻ وڏي تبديلي آئي. هتي پڻ ادب ۾ نوان لاڙا متعارف ٿيا جن مان ڪي قائم رهيا ته ڪي جلدي ختم به ٿي ويا. اهڙن نون لاڙن ۾ ڪلاسيڪيت، وجوديت، رومانويت، حقيقت پسندي، جديديت ما بعد جديديت، علامت نگاري، سريليزم ۽ ٻيا آهن. پر وري به سنڌي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سماج جي اندر جو ڏٺو، محسوس ڪيو. انهن پنهنجي آس پاس مان ادب کي تخليق ڪيو. ادبي تنقيد جي اسان وٽ کوٽ رهي آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي اڃان پڻ سائنسي بنيادن تي علمي، عملي، فڪري ۽ فني طور سان پنهنجو ڪيو وڃي ته سنڌي ادب دنيا جي ترقي يافته ادب جي برابر آڻي سگهجي ٿو. ڪو وقت هو جو اسان وٽ بلو دادا، (اياز قادري) پشو پاشا (جمال ابڙو)، طوفان جي تمنا (نجم عباسي) جڏهن مان نه هوندس (امر جليل) سانگهڙ (محمد عثمان ڏيپلائي) همه اوست (آغا سليم) پڙاڏو سوئي سڏ (سراج ميمڻ) ۽ ٻيا ناول ۽ ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيا جي انساني احساسن ۽ عملن جي عمده تصوير ۽ سماجي حقيقتن جي نقاب ڪشائي آهن. پر وقت سان گڏ موجوده دؤر ۾ اصل نقاد نه رهيا آهن ۽ فيس بڪ ۽ ميڊيا معرفت اجائي واهه واهه، لڳي ٿو ته لکڻ وارن کان قلم کسي ڇڏيا آهن ۽ نه لکندڙ ئي اڳيان اڳيان آهن. ادب ترقي يافته هوندي به جامد ٿيڻ ڏي وڃڻ جا امڪان آهن پر بهرحال ترقي پسند تحريڪ سنڌي نثر ۽ نظم کي ورهاڱي جي وقت يا ڪجهه وقت پوءِ نون خيالن سان روشناس ضرور ڪرايو.