ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

افسانوي ادب ۾ سنڌي سماج جو عڪس

“ادب” لفظ پنهنجي اندر هڪ وڏي وسيع معنيٰ رکي ٿو. ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن ادب جي تشريح مختلف انداز سان ڪئي آهي. جنهن کي جيڪڏهن تفصيلي بيان ڪجي ته فقط لفظ “ادب” جي وضاحت ۾ ئي ڪيترا ڪتاب لکجي وڃن. مختصراً اهو چئجي ته ادب انساني زندگيءَ جي تفسير آهي ۽ هر ملڪ ۽ قوم جي ادب ۾ انهيءَ قوم جي سماجي حقيقتن جو اولڙو پسجي ٿو. اديب ۽ شاعر ڪنهن ۾ قوم جي سماج جا ترجمان آهن. انهن جي اها ترجماني ڪيتري قدر اثرائتي ۽ حقيقتن تي مبني آهي. اها ڄاڻ انهيءَ سماج جي ادب پڙهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ پوندي آهي. ادب ئي آهي جنهن جي وسيلي انسان کي ڪنهن به خطي جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، رسمن رواجن، ٻولي ۽ ماحول جي خبر پوي ٿي. ادب سماج جي حالتن جو مڪمل شاهد آهي، جو اهو ماڻهن جي خواهشن، دلي امنگن، عقيدن، ڀرمن، وسوسن، محبتن، نفرتن، ڏکن، سکن، مطلب ته حياتيءَ جي مڙني لاڙن چاڙهن جي معلومات ڏئي ٿو. يا ٻين لفظن ۾ ته ادب انساني سماجي شعور جو اهڃاڻ آهي، جنهن مان انهيءَ ملڪ ۽ قوم واسين جي ذهني ۽ اخلاقي معيار جي ڄاڻ ملي ٿي.
اديب جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي خيالن کي اخلاقي معيار ڏي راغب رکي ۽ پنهنجو ذهن هاڪاري رويي وارو رکي پنهنجي قوم جو رهبر ۽ رهنما هئڻ جو حق ادا ڪري. هو روز مره جي زندگيءَ جي واقعن جي عڪاسي اهڙي ته پُر اثر بيان ڪري جو پڙهندڙ انهيءَ جي سحر کي تسليم ڪن.
هر سماج جون گهرجون الڳ هوندي به هر سماج ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي، سا آهي “انسانيت” ۽ “انساني قدر” جيڪي دنيا ۾ هر هنڌ مشترڪ آهن. جن موجب هر چڱائي ادب جو حصو هئڻ گهرجي ۽ جنهن ادب ۾ انهيءَ ڳالهه کي اهميت نه آهي ته پوءِ اهو ادب باشعور قوم جو ادب شمار ئي نٿو ٿي سگهي.
سنڌ خطو صدين جي تهذيب ۽ تمدن جو وارث ۽ اعليٰ ثقافتي قدر رکندڙ خطو آهي، جنهن جي سنڌي ٻولي قديم ۽ بڻائتي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جو علم ادب هڪ وڏي تاريخ رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ نثر ۽ نظم جا خزانا موجود آهن. نظمي صنفن جا ڪيترائي رسالا، ديوان ۽ شاعريءَ جا ڪتاب موجود آهن، ته نثر ۾ ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ٻين نثري صنفن تي هزارين ڪتاب موجود آهن. سنڌي نثر جي باقاعدي لکجڻ ۽ ڇپجڻ جي شروعات انگريز دؤر کان ٿي، سنڌي ڪهاڻي پڻ انهيءَ ئي دؤر ۾ سرجي، شروع واري دؤر ۾ آکاڻي نما ڪهاڻيون ڇپيون، جيئن “راءِ ڏياچ ۽ سورٺ”، “سڌا تورو ڪڌا تورو”، يا “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” جي 1855ع تائين شايع ٿيون پر جديد ڪهاڻي، آکاڻي نما ڪهاڻيءَ کان هڪ مختلف ۽ جدا شئي شمار ٿئي ٿي. ادبي تاريخن موجب پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي 1914ع ۾ “شريف بيگم” نالي سان آهي، جنهن کي شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ لکيو. هيءَ ڪهاڻي جديد فڪر کي نمايان ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪردار ميان محمد امين جو آهي جو اخبار ۾ ڪم ڪندڙ آهي ۽ غربت ۽ مفلسيءَ جو شڪار هوندي به هو ڪڏهن به همت نٿو هاري ۽ آخرڪار پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿي وڃي. ان کان پوءِ ٻيا افسانا لکيا ويا جيئن لطف الله بدويءَ جو “غربت” (جنهن ۾ اسڪول ماستر جي زندگيءَ جو نقشو چٽيل آهي) “خوفناڪ بدلو” (هن ۾ زمينداري ظلم جو ذڪر آهي) مرزا نادر بيگ جون ڪهاڻيون “موهني”، موهنيءَ جي فتح ۽ ٻيون (گهريلو ماحول جو نقشو چٽين ٿيون) امر لعل هنڱوراڻيءَ جي “ادو عبدالرحمان” (يونيسڪو طرفان بهترين ڪهاڻين جي چونڊي ۾ شامل ٿيل ڪهاڻي جا گهرو حالتن تي آهي.) عثمان انصاريءَ جي ڪهاڻي “ململ جو چولو” (عورت جي صبر ۽ وفاداريءَ جي بيان تي آهي) شيخ اياز جي ڪهاڻي “سفيد وحشي” (انگريزن کان نفرت جو اظهار آهي) گوبند مالهيءَ جي “هاري حقدار” (سماج ۾ هاريءَ جي ڪردار کي اُڀارڻ جي باري ۾ آهي) اهڙيون ٻيون پڻ ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ لکيون ويون، جن جو مقدار گهٽ آهي، پر اهي انهيءَ وقت جي ماحول ۾ مختلف سماجي ۽ سياسي حالتن جو اولڙو آهن.
ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ وڏي تبديلي آئي، مختلف سياسي اقتصادي ۽ تمدني حالتن ملڪ جي ادب تي وڏو اثر ڪيو. نون رجحانن ۽ جديد فڪر جو اثر سنڌي ڪهاڻيءَ تي ورهاڱي کان پوءِ وڌيڪ آيو. ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جي ادب جو به اثر هو. سو ورهاڱي کان پوءِ پڻ قائم رهيو، سنڌي اديبن جي فڪر جي اوسر ٿي، سندن تحريرن جا موضوع تبديل ٿيا، ورهاڱي سبب ٿيل هاڃا، لڏپلاڻ جون تڪليفون، معاشي تنگيون، علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش، عورتن تي رسمن ۽ رواجن جي اوٽ ۾ ٿيل ظلم، ۽ ٻيا مسئلا ادب جا موضوع بڻيا. سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پيل پابنديون، ون يونٽ جو قائم ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت گهٽجڻ، ملڪ جون مارشلا ئي حالتون ۽ ٻيا اهڙا واقعا هئا جن ادب ۾ احتجاج آندو. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مزاحمتي ادب جو حصو بڻيون، اصلاحي ۽ رومانوي ادب جي جڳهه تي قومي ۽ مزاحمتي ادب جاءِ ورتي، هندوستان ۾ ترقي پسند تحريڪ جي شروعات به افساني کي جديد فڪر ڏنو. مطلب ته مختلف تحريڪون ۽ عالمي ادب ۾ آيل لاڙا جيئن حقيقت پسندي، جدت، ترقي پسندي، سنڌي ادب جو حصو ٿيا، جنهن موجب زندگيءَ جي بنيادي مسئلن تي توجهه ڏني ويئي، بک، غريبي، هيڻائي، غلامي ۽ تعليم جي ڪمي ۽ ٻيا مسئلا ادب جو حصو بڻيا. 1947ع کان پوءِ جو افسانو ترقي يافته ۽ ٻاهرين ملڪن جي ادب سان مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي ويو. ڪيتريون بهترين ڪهاڻيون ادب جو حصو بڻيون آهن. معياري سنڌي افسانا هن دؤر ۾ جيڪي لکيا ويا انهن ۾ شيخ اياز جا افسانا، “سفيد وحشي” (هيءَ ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ جي آهي) “نظيران”، “مشير نامو” جمال ابڙو جا “پيراڻي” “مان مرد”، “بدتميز” “پشو پاشا” “شاهه جو ڦر”، “سينڌ”. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا “نڀاڳي مريدياڻي”، “مرشد جي ڏاڙهي”، “وهابيءَ جي سزا” “زماني جي گردش”. امر جليل جا “ڪپيل ٻانهن جو وارث”، “جڏهن مان نه هوندس”، “تاريخ جو ڪفن”، “سرد لاش جو سفر”، “اروڙ جو مست” “پل صراط”، “راهون جدا جدا”، “سوجهرو”، “دل جي دنيا”. نسيم کرل جا “پهرين مراد”، “ڪافر”، “ڪچو رنگ”، “چوٽيهون در”. حميد سنڌيءَ جا “سيمي”، “اداس واديون”، “واچوڙن ۾ لاٽ”. نجم عباسيءَ جا “رانديڪو”، “خالق ڏني جو موت”، “سبق جن سيکاريو”، “رشتا ناتا” “حادثا”، “پيٽ، دل ۽ پيار”، “رازو”، “ڌاڙيل جو جنم”. غلام رباني آگرو جا “پن ٻوڙين پاتال ۾”، “هوندا سي حيات”، ”شيدو ڌاڙيل”، ”آب حيات”. سوڀو گيانچنداڻيءَ جا “نيٺ بهار ايندو”، “آکيري جو ٽٽڻ”. سراج الحق ميمڻ جا “ٻهڻي”، “اي درد هلي آ”، “اٺون ماڻهو”، “سونو هار”، زينت چنا جو “مٺي”. ماهتاب محبوب جا “سريت”، “مٺي مراد”، “پرهه کان پهرين”، سندري اتم چنداڻيءَ جا “شڪست”، “ڀوري”، تارا مير چنداڻيءَ جو “ڀاونا” پوپٽي هيراننداڻيءَ جا “مون تو کي پيار ڪيو هو”، “منهنجي ناني”. ثميره زرين جا “وطن”، “آءٌ اها ئي مارئي”. بشير مورياڻيءَ جا “چُهڙي” “اڇي پڳ مَ پس”. شيخ حفيظ جو “امان مان اسڪول نه ويندس.” غلام نبي مغل جا “واچوڙن ۾ لاٽ” “بيگار ڪئمپ” “سٺ ستر اسي”، تنوير جوڻيجو جو “عيبن هاڻي”. خير النساءِ جعفريءَ جو “پيڙا جو پڙلاءُ”، فهميده حسين جو “ڪارو ڪير هو” نور الهديٰ شاهه جا، “گورڪن”، “ڪربلا”، ڊاڪٽر ريحانه نظير جو “مس ۽ موبائيل”، علي بابا جا “اسين ماڻهو”، “چنڊ ۽ ماني”، اياز قادريءَ جا “بلو دادا”، “مان انسان آهيان”، شوڪت حسين شورو جو “اوپرو ماڻهو” رزاق سهتو جو “ڪارنهن”، ظفر حسن جو “رهيل قرض”، آغا سليم جا “چنڊ جا تمنائي”، “ڌرتي روشن آهي” ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا لکيا ويا آهن. جيڪي سنڌي سماج جي هر هڪ دؤر جي سٺي ترجماني ڪندڙ آهن. انهن افسانن جا موضوع سرمائيدارن، جاگيردارن، هٿان ٿيندڙ اٻوجهن تي ظلم. سنڌ جون سياسي حالتون، شاگرد تحريڪون، غريبي ۽ اميريءَ جو تصادم، ملن ۽ وڏيرن هٿان انڌن عقيدن تحت ڦرجڻ، پيري مرشديءَ جي ڄار خلاف جنگ، تعليم جي ڪمي، عورت ذات جي حقن جو استحصال ۽ قومي فڪر سان گڏ معاشري ۾ موجود ڪيترين ئي براين تي ڪهاڻيڪارن قلم کنيو آهي. انهن افسانن ۾ سنڌي قوم جي قوميت، ثقافت، ۽ تهذيب کي به نمايان ڪيو ويو آهي. جيئن “ناچڻي” نجم عباسي ۽ “سنڌو وهندو رهيو” قبول ابڙو، “ڪپيل ٻانهن جو وارث” امر جليل “ڌرتيءَ ڌڪاڻا، علي بابا، “منهنجو من ڀنڀور” نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا افسانا آهن.
سنڌي افساني ۾ 1950ع کان پوءِ انقلابي، قومي ۽ آدرشي رخ ظاهر ٿيا آهن. سماج تي تنقيد به آهي ته ڪجهه حد تائين مسئلن جي حل لاءِ اشارا پڻ ڏنل آهن. سنجيدگي پڻ آهي ته ڪجهه افسانن ۾ عريانيت جو رجحان پڻ آهي. تنقيد، طنز و مزاح پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اصلاحي ۽ نصيحتي افسانا پڻ موجود آهن. سماجي ۽ سياسي فڪر سان گڏ، گهرو حالتن جا نقش پڻ چٽا آهن ته رومانويت جا عڪس پڻ آهن. حقيقت نگاريءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن تي پڻ سٺي توجهه ڏنل آهي. موجوده وقت رسول ميمڻ، انور ڪاڪا، شبنم گل، شگفته شاهه، رضيه کوکر، تهمينه مفتي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندرا شبنم، ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا نگار سنڌي ادب ۾ لکي رهيا آهن جن جي افسانن جا مجموعا پڻ شايع ٿيا آهن. سنڌي افسانوي ادب اڄ به پنهنجي آب و تاب سان قائم ۽ سماج جي ترجماني ڪندڙ آهي.