ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

اسلام جي روشنيءَ ۾ عورتن جا حق ۽ سنڌي عورت جي سماجي حيثيت

عورت جي ذريعي ئي انساني نسل جي بقا ۽ واڌ ويجهه آهي. ۽ هوءَ گهر جي ايڪائيءَ جو هڪ اهم حصو آهي. سندس حفاظت ۽ ايندڙ نسل جي با حفاظت تعليم ۽ تربيت لاءِ گهر کي اولين اهميت آهي جو زال ۽ مرد گڏيل تعاون سان نڪاح کان پوءِ ٺاهين ٿا. سنڌي ٻولي ۽ ادب جو مهان ليکڪ ڪاڪو ڀيرو مل سندس اهم ڪتاب، “قديم سنڌ”، جي صفحي نمبر 251 تي لکي ٿو ته:
“گهر سڀيتا جو اوائيلي مارڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مرڪز آهي ۽ گهر جو بنياد پرڻي جي رسم تي آهي. تنهن ڪري سڀني سڌريل قومن ۾ پرڻي يا نڪاح جو بنياد نڪاح يا وهانءَ تي ٻڌو ويندو آهي.”
معنيٰ ته عورت جي سماجي حيثيت جو تعين سندس گهر کان شروع ٿيئي ٿو، جتان سندس انفرادي ۽ خانداني حيثيت واضح ٿيئي ٿي. هڪ ڌيءَ، ماءُ، ڀيڻ، ننهن، سَسُ، زال ۽ ٻين گهرو حيثيتن جي عهدن ۾ سندس سڃاڻپ ٿيئي ٿي. جيڪڏهن شروع واري دؤر کان ڏسون ٿا ته سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو اها پروڙ ٿو ڏئي ته هن سماج جي مسلم توڙي هندو، شهري توڙي ڳوٺاڻي، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل عورت گهڻي ڀاڱي ذهني ۽ جسماني غلاميءَ جو شڪار رهي آهي. سماجي ترتيب ۽ تنظيم ۾ سندس فرضن ۽ جوابدارين جي فهرست ته ڊگهي آهي پر کيس مليل قانوني ۽ مذهبي حقن کي رسمن، رواجن ۽ هٿ ٺوڪين روايتن تحت ضبط ڪيو ٿو وڃي. سندس ڪيترائي حق غصب ڪيا وڃن ٿا. جيئن پسند جي شريڪ حيات جي چونڊ جو حق نه هئڻ، نڪاح نامي جي اختيارن ۽ حق مهر جو تحفظ نه هئڻ، مردن جي گهڻين شادين سان عورتن جي حقن جي نفي ٿيڻ، ننڍيءَ عمر جي بي جوڙ شادي، پئسي تي عورت جو وڪرو، پيٽ لکي ڏيڻ، ادلي بدلي جي شادي، بي جا ڏاج جي رسم، حق بخشرائڻ، ڪاروڪاري، مطلقه يا بيوه جي حيثيت گهٽ هئڻ، خون جي عيوض بدلي ۾ عورت ڏيڻ ۽ مختلف طريقن سان کيس ڪمتر ڪري بي پهچ ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو وڏو سبب وٽن علم جي ڪمي، پنهنجي حقن جي ڄاڻ جو فقدان ۽ خاص طور کيس مليل مذهبي ۽ قانوني تحفظ جي معلومات نه هئڻ آهي. مٿيون فرسوده رسمون سنڌي سماج جي عورت جي تحقير ۽ تذليل جو سبب آهن. کيس نه وراثت ۾ حصو ملي ٿو نه ئي معاشي طور مضبوط رکيو وڃي ٿو. ڪيترن هنڌن تي کيس “نڀاڳو”، “منحوس”، ۽ “ڪمتر” چئي ۽ سمجهائي بي حيثيت ۽ بي پهچ ڪيو وڃي ٿو.جنهن جي ڪري ڪيتريون عورتون هيسيل ۽ دٻيل محروميءَ واري حياتي گهارڻ تي مجبور هجن ٿيون. سنڌ جو وڏيرڪو، جاگيرداري ۽ قبيلائي نظام، معاشي پسماندگي، ذات پات جا فرق ۽ صحيح طور مذهبي ۽ قانوني ڄاڻ نه هئڻ سنڌي عورت جي محروميءَ جا اهم سبب آهن. اڄ اسان وٽ قرآن ۽ حديث کان مٿي رسمن ۽ ريتن جي اهميت آهي. قانون ۽ قائدا پڻ شنواين جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. گهرو طور هوءَ بااختيار هئڻ جي بدران بي اختيار آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي کيس گهر مان نڪرڻ جي آزادي مهيا ڪونهي ته روزگار ڪمائڻ، مذهبي معاملن ۾ شموليت، سياسي عمل ۾ شرڪت، علمي طور مضبوط هئڻ، گهرو ۽ ٻاهرين تشدد کان بچاءُ ۽ ٻيا ڪيترائي معاملا آهن جن جي نه هئڻ ڪري عورتون محڪوم آهن. سماجي رسمن ۽ قانونن ۽ مذهب کي ڪجهه اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏکي طريقي سان جوڙيو ويو آهي جو اهڙا قانون جيڪي عورت جي حياتيءَ جي رُخن جو تعين ڪن ٿا ۽ سندس بقا، ترقي ۽ آزاديءَ جو خاڪو ٺاهين ٿا. انهن کي غلط سلط ڳنڍي سنڍي هن مرداڻي سماج ۾ عورتن کي هيٺانهين تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ پڻ عورتن جي حيثيت ڪڏهن بهتر ته ڪڏهن بد ترين رهي آهي. موهن جي دڙي جي رهواسين (Mothergoddess) يا ماءُ ديويءَ جي پوڄا ڪئي. ويدڪ دؤر ۾ عورتون سماجي رسمن ۾ شامل هونديون هيون، ته برهمڻ دؤر ۾ مٿن تعليم جا دروازا بند هئا، ته آريا دؤر ۾ پٽ نه ڄڻيندڙ ماءُ کي نڀاڳو تصور ڪيو ويندو هو. ۽ مرد جي مرڻ تي سندس عورت کي مردي جي لاش سان گڏ چکيا تي چڙهي جيئرو سڙڻو پوندو هو. عورتن کي پنهنجي عصمت پروريءَ جي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ باهه مان لنگهڻو پوندو هو. مطلب ته ستيءَ جي رسم، ڪم سنيءَ جي شادي ۽ ٻيون قبيح رسمون پڻ انهن دؤرن ۾ قائم هيون.
93هجريءَ ۾ محمد بن قاسم الثقفي سنڌ فتح ڪئي ۽ ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پهرين اسلام مذهب آيو. جنهن سان سنڌ جي تهذيبي ۽ تمدني حالتن ۾ وڏو ڦيرو آيو. مسلمان عورتن جي سماجي حيثيت ڪجهه بهتر ٿيڻ لڳي، پر اڳيان هلي انهيءَ ۾ پڻ ڏار پوڻ شروع ٿيا. جو جاگيرداري نظام ۾ عورت جي حيثيت ملڪيت جي هوندي آهي.
سندس انا، خودداري، خودي ۽ بنيادي حق ڪا به حيثيت نٿا رکن، اهڙا هٿ ٺوڪيا قدر پيدا ڪيا ويندا آهن جن سان ڪنهن به حالت ۾ عورت هيٺانهين واري حياتي گهاري، انهيءَ ڪري پردي جي رواج کي پڻ اهميت ملي. جو هندوستان ۾ ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر کان شروع ٿيو پر سومرن ۽ سمن جي دؤر جي عورتن جا تاريخي ڪردار همت، جرائت، بهادري، وفاداري، عقلمندي ۽ حب الوطنيءَ جي شاهدي ڏين ٿا. ٻاگهل ٻائي، تارا ٻائي، ننگر سومري جي مڱيندي ڪويل يا لوڪ داستانن جون سورميون جن کي شاهه عبداللطيف ۽ ٻين سنڌي شاعريءَ وسيلي لازوال اهميت ڏيئي امر ڪري ڇڏيو. ڄاڻائين ٿا ته هتان جي عورت سمجهه، حيا، بردباري، عشق ۽ قربانيءَ جو پيڪر آهي. تاريخي طور جيڪڏهن پوئين ٻن ٽن صدين جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو سنڌي سماج جي عورت علمي طور جڏهن به ڪاميابي ماڻي آهي تڏهن هوءَ ذهني، دلي ۽ مالي طور پڻ مضبوط ٿي آهي.
اسلام دنيا جو واحد مذهب آهي، جنهن عورت کي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا سهڻا گس ڏنا آهن. نياڻيءَ جي ڄمڻ کي خوشخبري ڄاڻائيندي مسلمانن کي تلقين ڪئي وئي آهي ته ان کي خواري ۽ بڇڙي خبر نه ڄاڻو. رسول پاڪ صلي الله عليھ وسلم جن پنهنجي نياڻيءَ حضرت فاطمه رضه جن جي اچڻ تي اٿي بيهي سندس استقبال ڪندا هئا ۽ سندس هٿ کي چمي کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندا هئا. پاڻ ڪريم جن عورت جي خوشبوءَ کي دنيا جي بهترين خوشبو ۽ ماءُ جي خدمت کي افضل خدمت ۽ نياڻيءَ جي ڄمڻ تي خوشي ڪندڙن ۽ سٺي تربيت ڪندڙن کي جنت جون خوشخبريون ڏنيون آهن. فرمايو اٿن ته،
“سڀ کان چڱي نيڪي آهي پنهنجي نياڻيءَ سان نهايت پيار واري هلت ڪرڻ.”
“ڇوڪرين جي پرورش تعليم ۽ تربيت هڪ امتحان آهي، جيڪو ان ۾ صحيح رهيو سو ڪامياب ٿيو.”
“جنهن پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪئي، ان جنت حاصل ڪئي.”
“دنيا جي نفعي بخش شين ۾ نيڪ ۽ سٺي عورت کان وڌيڪ بهتر ڪا به ٻي شيءِ ڪانهي.”
ڇا اسان پنهنجي دين اسلام مطابق ۽ پياري رسول جي حڪم تي عمل ڪري پنهنجي گهرن ۾ اهڙي هلت هلون ٿا؟
اسان وٽ ته اسلام کي فقط ان نظر سان ڏٺو ٿو وڃي ته مرد کي چار شادين جي موڪل آهي يا هُو جڏهن چاهي ته ٽي لفظ طلاق جا منهن مان ادا ڪري ۽ عورت کي گهر مان بيدخل ڪري، ڇا عورت کي اهو حق ناهي ته هوءَ پنهنجي قدر، عزت ۽ اهميت جي ڄاڻو هجي؟ کيس اها خبر هئڻ گهرجي ته نڪاح نامي تي ڪيل صحيح ۾ کيس ڪهڙا اختيار مليل آهن. جهڙيءَ ريت مرد کي حق حاصل آهي ته هُو ناپسنديده شاديءَ کي طلاق وسيلي ختم ڪري ساڳيءَ ريت اسلام ۾ عورت کي پڻ اهو حق قانوني طور حاصل آهي ته هوءَ ناپسنديده شاديءَ مان علحدگي حاصل ڪري، “عورت قانون اور معاشره” ڪتاب ۾ سميعه خاور 85 صفحي تي لکيو آهي ته:
“پاڪستان ۾ قانوني طور ڇپيل نڪاح نامي جي 18 نمبر خاني ۾ عورتن کي طلاق ڏيڻ/ وٺڻ جو اهو حق حاصل آهي جو مردن کي مليل آهي. عورت نڪاح نامي ۾ مليل اهو حق پاڻ وٽ نٿي رکي، ته پوءِ کيس طلاق لاءِ عدالتن جا چڪر بلڪل ڪاٽڻا ٿا پون. ٻيءَ صورت ۾ هوءَ حاصل ٿيل/ تفويض ٿيل حق هيٺ فقط مرد کي تحريري طور نوٽيس ڏيئي، يونين ڪائونسل کي اطلاع ڪري ته 90 ڏينهن اندر آزاد ٿي سگهي ٿي.”
ساڳيءَ ريت اسلام حق مهر ذريعي عورت کي مالي تحفظ ڏنو آهي. جنهن ۾ “حق مهر مؤجل” جيڪو ترت ادا ڪيو ويندو آهي. لکرائڻ گهرجي پر سنڌي سماج ۾ هميشه شاديءَ مهل مثبت سوچ ئي هوندي آهي ۽ ويساهه جا وسوڙيل سنڌي اهو چوندا آهن ته، “اسان کي ڪا طلاق ٿوري وٺڻي آهي.” انهيءَ ڪري نه نڪاح نامي جي شقن تي غور ڪندا آهن. ۽ نه ئي حق مهر وڌيڪ لکائيندا آهن. بلڪه اهو چوندا آهن ته، “ماڻهو ڇا چوندا؟ حق مهر وڌيڪ لکائين ٿا نيت ۾ کوٽ اٿن يا لالچي آهن.” حالانڪه ايئن ناهي هوندو. وقت جي ڪا به خبر ڪانه ٿي پوي، هيءُ نفسا نفسيءَ جو دور آهي. طلاق بيشڪ رب پاڪ وٽ حلال ٿيل ڪمن ۾ ناپسنديده ۽ مڪروه فعل آهي پر جيڪي حق ڌڻيءَ سڳوري اسلام معرفت عورت کي ڏنا آهن، سي سنڌي سماج پنهنجي نياڻين، ڀينرن، ڀاڻيجين، ڀائيٽين، مطلب ته عورتن کي اهي حق ڇو نٿو ڏئي؟ ملڪيت ۾ وراثت جو نياڻي، زال، ماءُ، ڀيڻ، سڀني عورتن جو حصي جي تناسب سان حق آهي، پر اسان وٽ هڪ مُدي خارج رواج يعني ڏاج ڏيئي ان ۾ ئي نياڻيءَ جو حصو پاري کيس روانو ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ڏاج جي ڪا به قانوني ۽ مذهبي حيثيت ڪونهي. بلڪه اهو عورت جي انا جو استحصال آهي ته کيس سامان جي ريپرز ۾ ويڙهي ڏنو وڃي، اهو پڻ پئسي تي وڪرو ٿيڻ جو ٻيو روپ آهي. باقي جيڪو اسلام ملڪيت جي وراثت جو حق ڏنو آهي انهيءَ تي معاشري جي مردن خاص طور پيئرن ۽ ڀائرن کي غور ڪرڻ گهرجي.
مٿي آئون ڄاڻائي آئي آهيان ته اسان وٽ مرد اسلام جو حوالو جڏهن به ڏيندا آهن تڏهن پنهنجي فائدي ۾ چار شادين جو جواز پيش ڪندا آهن. بئريسٽر رشيده پٽيل پاڪستان جي اهم قانوندان ڪتاب “پاڪستاني عورت کي سماجي اور قانوني حيثيت” ۾ صفحي نمبر 193 تي لکيو آهي ته:
“ازدواج عائلي قوانين جي باري ۾ ڪميشن جي رپورٽ سابق چيف جسٽس ميان عبدالرشيد 1956ع ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ گهڻين زالن جي مسئلي تي بحث ٿيو. ۽ ڪميشن اهو حڪم قرار ڏنو ته قرآن ڪريم جي فقط هڪ آيت زالن جي تعداد جي سوال سان واسطو رکي ٿي ۽ هيءَ آيت يتيم ڇوڪرين ۽ بيوه عورتن جي مشڪلن کي ختم ڪرڻ لاءِ نازل ٿي ته جيئن انهن سان سماجي طور انصاف ٿيئي. (جنگين ۾ مسلمانن جي شهيد ٿيڻ جي ڪري عورتن جي تحفظ جا مسئلا درپيش آيا) ان ڪري قرآن پاڪ هڪ کان وڌيڪ شادين ڪرڻ جي اجازت ڏني پر گڏ انصاف جو شرط عائد ڪيو.”معنيٰ ته مردن جي گهڻين شادين سان عورتن جي حق تلفي ٿيئي ٿي. اها شادين جي اجازت واري آيت سورة النساء جي 3 نمبر آيت آهي جنهن ۾ اهو صاف فرمايل آهي ته:
فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً
(ترجمو) پوءِ جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته انصاف ٿي نه سگهندو ته هڪ پرڻجو.”
ڏٺو وڃي ته عورتن سان هر انهيءَ هنڌ بيواجبي ٿيندي آهي، جڏهن مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ٿو.
اڄ جي دؤر جي سنڌي ڳوٺاڻي عورت تعليم کان محروم ۽ مرد جي هٿ هيٺ هوندي به گهرو معاشيات ۾ مڪمل ڪردار ادا ڪري ٿي. فصلن جي پوکائيءَ کان لڻائيءَ تائين، هٿ جي هنرن ۾، گهرو جانورن جي سنڀال ۽ ٻين ڪيترن ڪمن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري پورهيو ڪري ٿي پر ته به مالي طور گهڻي ڪمزور ۽ جسماني ۽ ذهني طور مار موچڙي ۽ تشدد ۾ وقت گذاري ٿي. شهري سنڌي عورت گهڻي ڀاڱي علمي طور مضبوط، مالي طور پڻ ڪجهه بهتر آهي، پر سندس حياتي خوف، دهشت ۽ پريشانيءَ واري پڻ آهي. هوءَ نوڪري ڪندڙ آهي ته مٿس ٻٽي جوابداري آهي گهر، ٻار ۽ گڏ نوڪريءَ جي ذمه داري سنڀالڻ ۽ ڪڏهن حالتن سبب هوءَ ذهني ۽ جسماني دٻاءُ ۾ به آهي، کيس پنهنجي وِت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو اونو پڻ رکڻو پوي ٿو پر وري به مالي طور ڪجهه پاڻ ڀري هئڻ سان ۽ تعليم يافته هئڻ سان هوءَ زندگيءَ کي مثبت نموني منهن ڏيندڙ آهي.
عورت جي حيثيت کي بلند ڪرڻ ۾ سندس گهر جي مردن سان گڏ عورتن جو به ساٿ ضروري آهي ڇو جو ڪوبه اڪيلو ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي “ٻه ته ٻارهن” جي چواڻيءَ جيڪڏهن هن قومي مسئلي تي سڀ ويچار ڪن ۽ عملي طور مدد ڪن ته پوءِ ئي سنڌي سماج ترقي يافته سماجن ۾ شمار ٿي سگهندو. اهڙو سماج ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو آهي جنهن جي اڌ آبادي انساني بنيادي حقن کان محروم هجي. عورتون ملڪي آباديءَ جو اڌ حصو آهن. انهيءَ ۾ وري عورتن جو وڏو انگ ڳوٺن جي آباديءَ تي به مشتمل آهي. جيڪڏهن اسان ڌيءَ جي ڄمڻ کي ڪمتر ۽ منحوس سمجهيو ۽ پٽ جي اولاد تي فخر ۽ تڪبر ڪيو ۽ حياتيءَ جي حاصلات ۾ ڌين، زالن ۽ مائرن، ڀينرن کان وڌيڪ حق پٽن، مڙسن ۽ ڀائرن کي ڏنا ۽ عورتن کي ذهني ۽ جسماني دٻاءُ ۾ رکيو ته يقيناً اسين دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ جي قابل نه ٿينداسين. ايندڙ نسل جا معصوم ٻار جن هنجن ۾ پروان چڙهن اهي مائرون بي وقعت ۽ بي حيثيت هجن ته اسين ڪيئن اميد رکي سگهون ٿا ته اسان جي سماج ۾ عورت عزت يافته آهي؟ يا اسان پنهنجي دين جي مڪمل پوئواري ڪئي آهي.؟