زندگيءَ جو مقصد
لِکُ اصول، استاد، ڀڻڪيو مشڪلات.
“عزم جي سامهون، جُهڪيو آفت پوي،
ڏينهن کي روڪيندي، ناهي ڪا به رات”.
عام طور چوندا آهن ته، “دنيا ڪَنڊن جو وڇاڻ آهي” پر حقيقت ۾ هيءُ آزمائش جو گهر هڪ اهڙو اسٽيج آهي، جتي هر شخص پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري عدم ڏي راهي ٿي وڃي ٿو. جنم کان مرڻ تائين جو زندگيءَ جو هيءُ ڪٺن سفر مشڪلاتن جي باوجود فقط عزم، حوصلي ۽ همت سان انڌيري مان روشنيءَ ڏي منتقل ٿي ويندڙ آهي، جنهن ڪري ئي حياتي حَسين ۽ هرکائيندڙ لڳي ٿي.
جيون ڇا آهي؟ ان کي ڪيئن گذارجي؟ هيءُ هڪ اهڙو فلسفو آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ دفتر گهرجن. جيون جيئڻ جو فلسفو ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو معلوم ڪجي ته فلاسافي ڇا آهي؟ فلاسافي آهي:
“Philosophy philo- love+ sophia= knowledge- love for knowledge”.
دادا هولارام هنس جي وضاحت مطابق، “ڄاڻ ۽ ڏاهپ جو هيءُ سفر (metaphysics) روحانيت(logic)، شعور، فهم ۽ ذهن جي ڪارائتي ڪتب آڻڻ جي ڪوشش يعني علم منطق (Ethics) اخلاقيات (politics) سياست (Aesthetics) ڪلا، ساهت ۽ سونهن تي ٻڌل آهي ۽ فلاسافر معنيٰ ڏاهو، رهبر، اڳواڻ، جيڪو سچ، سونهن ۽ سٺائيءَ جي پر چار ڪري.”
دنيا جي سڀني مذهبي اڳواڻن، سالڪن، ڏاهن، رهبرن، رهنمائن، عالمن، نيڪيءَ جي پرچار ڪندي، اهو ڄاڻايو آهي ته حياتي آهي پيار ونڊڻ، هڪٻئي جي ڪم اچڻ، من جو محاسبو ڪرڻ، روحانيت جي حاصلات ۽ دنياوي وهنوار ۾ سچائي ۽ سٺائيءَ جو عمل اختيار ڪرڻ ۾. دنيا جا وڏا انسان، نيڪ ويچارن جي شڪتيءَ جي ٻل تي ئي ناممڪن کي ممڪن بنائي مهانتا ماڻيندا رهيا آهن. سٺا ويچار ۽ عمل سندن وڏي ۾ وڏي پونجي هوندي آهي.
خراب سوچون ۽ اَوَگڻ نه رڳو هڪ انسان جي حياتي برباد ٿا ڪن، پر ساڻس لاڳاپيل ڪيترن ئي شخصيتن کي اهو عذاب ڀوڳڻو ٿو پوي. اهڙيءَ ريت چؤطرف اوندهه اونڌڪار جووايومنڊل راڄ ڪرڻ شروع ٿو ڪري ۽ دنيا جنجال ٿي وڃڻ سبب ان ۾ جيئڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. بقول شاعر ته:
کُٽي ويو تيل، وٽ ويئي سڪي آهي،
رڳو ڦڙڪا هڻي، ڦٿڪڻ ڏُکيو آهي،
نه مهينن جي، نه هفتن جي وِٿي آهي،
اڄوڪي ڏينهن ۾ جيئڻ ڏُکيو آهي.
اڄ جي دنيا هونئن به ماده پرست يعنيMaterialism جي رجحان واري آهي. هن Consumerism يعني (گهڻو ۽ گهڻو واپرائڻ) واري دور ۾ ماڻهن جا زندگيءَ جا قدر ۽ ماپا بدلجي ويا آهن. اڄ ملڪي معيشت جو احساس مفقود ۽ ذاتي ملڪيتن کي وڌائڻ جا رجحان وڌندڙ آهن. ۽ نيوڪليئر جي طاقت حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ هر ملڪ هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جون ڪوششون وڌيڪ ڪري پيو، جنهن ڪري عام ماڻهو گهڻا عذاب ڀوڳي ذهني پريشانين جي آماجگاهه ٿي ويو آهي، هر هنڌ مهانگائي، وڻج، واپار ۽ ٻين ڪيترن معاملن ۾ انساني اَوَگُڻ وڌڻ سبب جيون جو جياپو انتهائي ڏکيو ۽ پيچيده ٿي ويو آهي. ڪيتريون ئي مهلڪ بيماريون، ميڊيڪل سائنس جي هيڏي وڏيءَ ترقيءَ جي باوجود منهن ڪڍي رهيون آهن. شگر، بلڊپريشر ۽ هارٽ اٽيڪ جي عام جام ٿي وڃڻ، انساني سريرن کي کوکلو ۽ نيستو ڪري ڇڏيو آهي. انهن سڀني مسئلن جو حل آهي ته جيون جيئڻ جي متن تي غور ڪري اهڙي حياتي گهارجي جنهن ۾ روحانيت جو دخل وڌيڪ هجي سڀ ڪم پنهنجي هٿ ۾ نه کڻجن. ايشور جي اِڇا يعني رب جي رضا کانسواءِ پن به نٿو چُري. اسان کي اهو ئي ملندو، جيڪي اسان جي نصيب ۾ لکيل هوندو ۽ جيڪا اسان محنت يا ڪوشش ڪئي هوندي.
سٺيءَ حياتي گهارڻ جا ڪجهه اصول مقرر ڪرڻ هر ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهن، جنهن لاءِ چند سونهري متا هن ريت آهن:
(1) سٺائيءَ کانسواءِ انسان تڇ آهي (2) اميد قائم ڪرڻ انسان جو آئيندو مضبوط بنائي ٿي. (3) ڏکن کانسواءِ به سکن ۾ هر وقت ڌڻيءَ در ٻاڏائجي ته اصل ڏک ويجها ڪو نه ايندا (4) زندگيءَ کي حقيقت ۽ موت کي اڻ ٽر حقيقت سمجهڻ گهرجي (5) جيڪو علم جي راهه ۾ هلندو اهو سدا ڪامياب رهندو. (6) جيڪا هلت اسين پاڻ لاءِ بهتر نٿا سمجهون ان کي ٻين لاءِ بهتر نه سمجهون (7) سڪون ڳولها سان نه پر اندر جي شانت رهڻ سان ملندو آهي. (8) مفتي من ۾ ويهاري پنهنجي اندر جو اڀياس هر وقت ڪريون خود شناسي ئي خدا شناسي آهي ۽ يقين جي قوت ئي انسانن لاءِ اٽل قوت آهي. (9) انسانيت جي خدمت ايمان جي مضبوطي آهي. (10) “عقل انساني”، الٰهي سوغات آهي. جنهن ۾ علم اضافو ڪري ٿو. علم جي حاصلات کي ممڪن بنائڻ ئي جيون جو جياپو آهي. (11) نيڪ ڪاريه مستقل ڪرڻ سان حياتيءَ جي سچي خوشي ملندي رهندي. (12) رحم دلي، خيرات ۽ ايمان کانسواءِ انسان حيوان مثل آهي. (13) سکي اهو آهي جنهن کي مطمئن رهڻ جو فن اچي ٿو. (14) هر انسان ۾ خدائي طاقتن جو حصو آهي هو پاڻ پنهنجو دوست آهي پاڻ پنهنجو دشمن جيڪڏهن ٻين کي رستو ڏيکاريندو ته خدا کيس رستو ڏيکاريندو. اهو ئي خوش رهندو جنهن جو محبوب ڌڻي تعاليٰ آهي.
حقيقت ۾ جيڪڏهن هن حياتيءَ کي عارضي سمجهي، ڪارائتا ڪاريه سرانجام ڏجن ۽ جيون جي فلسفي تي دل جي سچاين سان غور ڪجي ته پوءِ ئي مقصدي زندگي ماڻي سگهبي. مقصدي حياتي ئي موت کي مات ڪندڙ آهي، سادگي، روحانيت، مناسب ۽ متوازن غذا، ورزش، ڪنهن جائز ۽ نيڪ ڪم ۾ وقت گذارڻ، ڏيڻ وٺڻ ۾ مثبت رخن تي هلڻ، ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازيءَ کان بچڻ، خوش مزاجي ۽ قربانيءَ جا جذبا خود ۾ پيدا ڪرڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي خوبيون ملائي، هڪ سٺي حياتي گذاري سگهجي ٿي.
اهو سوچڻ گهرجي ته وقت هميشه ساڳيو نه هوندو آهي. رات کانپوءِ روشني ضرور ڦٽڻي آهي. دنيا ۾ ڪجهه به ناممڪن نه آهي، حالتون ڪڏهن به بدلجي سگهجن ٿيون. انساني زندگيءَ جي ننڍن ننڍن مسئلن کان عالمي دنيا جي مسئلن تائين ڏٺو وڃي ته تبديلي ناگريز رهي آهي. اڄ پوريءَ دنيا جون اهي حالتون نه آهن جيڪي سؤ سال اڳ يا ڪجهه صديون اڳ ۾ هيون. انهيءَ ڪري حياتي جي مسئلن ۽ چنتائن کي خود تي حاوي ڪرڻ جي بجاءِ حياتيءَ تي حاوي ٿي وڃجي ۽ جيون جيئڻ جي فن کي سمجهجي ۽ اهو ڄاڻجي ته “Hope sustains the world” يعني دنيا اميد تي قائم آهي ۽ مايوسي ڪفر آهي. دنياوي روڳ ۽ تڪليفون هر ڪنهن انسان تي اچن ٿا. چوڻي آهي ته “ڪي آهن ڌن دکي، ڪي آهن تن دکي، ته ڪي آهن من دکي” معنيٰ ته جڏهن هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو روڳ سندس حالتن ۽ حيثيت مطابق لڳل ئي آهي ته پوءِ زندگيءَ جي آزمائش تي گهٻرائڻ ڇاجو، آس ۽ نراس جو مقابلو ته ڪرڻوئي آهي، يقين جي قوت يعني وشواس، پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ، پورهئي کي مهان ڪاريه سمجهڻ ۽ نيڪيءَ کي پکيڙڻ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا ۽ هڪ سڦل حياتي آجيان ڪندي جنهن جي آخرت به چڱي هوندي. هن انگريزي چوڻيءَ مطابق:
“A fair death honours the whole life”
“اڳياڙي به تنهن جي سرهي جنهن جي پڇاڙي” وانگر حياتي گذارڻ بلڪل هڪ فن آهي. اهڙو جيون جيئڻ گهرجي، جيڪو موت کي مات ڏئي ۽ اهوئي لافاني آهي.
مَرڻان اڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿين نه ماتِ،
جيئَڻان اڳي جي جيئا، هوندا سي حيات.
(4-7، سر معذوري)