ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

سنڌي ثقافت جو تحفظ ۽ ان جي بچاءُ جا حل

سنڌي ڌرتي عظيم تهذيبي ورثي جي وارث آهي. هتان جي تهذيب، ثقافت ۽ رسم و رواج صديون پراڻا آهن. ثقافت ماڻهوءَ جو روح آهي ته ٻولي ۽ تهذيب آهي، جنهن سان ڪو ماڻهو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ٿو. هر قوم جي ٻوليءَ جو علم، ادب، قديم آثار، هنر ۽ فن ان قوم جي ثقافت آهن. ثقافتي عمل ڪو هڪ اڌ ڏينهن ۾ جڙي راس نٿو ٿئي، پر اها صدين جي محنت ۽ محبت آهي جا انهيءَ کي سڃاڻپ ٿي ڏئي. موجوده دؤر ۾ سنڌي ثقافت جو هڪ خاص مخصوص ڏينهن “ايڪتا جو ڏينهن” جي حوالي سان ملهايو وڃي پيو جو هاڻي هڪ هفتي تي محيط آهي ۽ مهينو ڊسمبر جو ئي مقرر آهي. جنهن ۾ ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، ٻار ٻچا، جوان، مرد، عورتون، اجرڪون، ٽوپيون، کيس، پڳون پائي سنڌ جي سڀني وڏن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڏي ذوق ۽ شوق سان ملهائيندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ڪيتري ئي شاعري هن ڏس ۾ ڪئي ويئي آهي. ڪيترائي نوان گيت انهيءَ موضوع تي ميدان ۾ آيا آهن ته ٻيون پڻ انيڪ تحريرون هن موضوع تي لکيون ويون آهن جن جا ڪتاب جيڪَر تيار ٿي وڃن ۽ سنڌي لوڪ گيتن، همرچو، جمالو ۽ ٻين تي جهمريون هڻندڙ جوان پريس ڪلبن ۽ ميڊيا جي ادارن تي ۽ مختلف فنڪشن ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ کي ميڊيا وسيلي عروج ڏنو ويو آهي ته جيئن اسان جي تهذيب ۽ ثقافت پوريءَ دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺي وڃي ۽ ايڪي ۽ اتحاد جي منظر نگاري هر هنڌ ڪئي وڃي ٿي. جنهن سان اهو ڏهاڙو قومي ثقافتي عيد ۾ تبديل ٿي ويو آهي. موجوده وقت اهو ثقافتي ڏهاڙو آمريڪا، برطانيه، ڪئناڊا، دبئي، مطلب ته انيڪ ملڪن ۾ ملهايو پيو وڃي. جنهن سان نه فقط سڄي سنڌ ثقافتي رنگن ۾ جرڪندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي پر پوريءَ دنيا ۾ سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ محبت نمايان ڏسجي پيئي. ڪجهه دانشورن موجب ته اهو ثقافتي انقلاب آهي. انهيءَ ذريعي سنڌ ۾ انقلابي ڪم ٿيڻ گهرجن. عاجز جمالي آچر 4 ڊسمبر 2016ع جي عبرت ۾ لکيو آهي ته، “هر سال جي سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي ملهائڻ کي انقلابي ڏينهن ۾ تبديل ڪجي جيئن مثال طور اهو اعلان ڪجي ته ايندڙ 2017ع جو ثقافتي ڏينهن سنڌ جي تعليم جي حوالي سان ملهايو ويندو ۽ انهي لاءِ پورو سال تعليم جو سال ڪري ملهائجي ۽ 2017ع جي ڊسمبر ۾ ڏسجي ته هن ڏس ۾ ڪيتري ترقي ٿي آهي. جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي بهتريءَ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرگرميون عمل ۾ آڻجن، بند ٿيل اسڪول کولرائڻ، غريب ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ، سڄو سال ثقافتي سرگرميون، هنر جون نمائشون، سنڌي تهذيب بابت اسٽال، سنڌي موسيقيءَ جا مقابلا ۽ ٻيون لاڳاپيل سرگرميون اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪجن. ۽ آخر ۾ ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي ٿيل ترقيءَ تي نظر وجهجي، اهڙيءَ ريت هر سال ثقافتي سال ڪنهن نه ڪنهن وڏي مقصد سان منسوب ڪجي، جيئن صحت جو سال، راندين جوسال، زراعت جو سال وغيره. حاصل مطلب ته ثقافت کي جاڳرتا سان جوڙڻ ضروري آهي.” عاجز جمالي صاحب جي سوچ ۽ پيش ڪيل آئيڊيا جو قدر ڪجي هن ڪارائتي ڳالهه ٻڌائي آهي. جيئن ته چڱي ڪم ۾ بدنيت ماڻهو رڪاوٽون وجهي ان چڱي ڪم کي منفي نموني تي هلائڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن. ان کان بچجي باقي ثقافتي ڏينهن اسان جي قوم ۾ جاڳرتا ۽ شعور آڻي ۽ کين سنڌي هئڻ جو فخر عطا ڪري سو هڪ ڏينهن لاءِ نه پر سڄي زندگيءَ لاءِ ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته مقصد حل ٿيو پر ڪيترا اهڙا ناڪاري سوچ رکندڙ ماڻهو به آهن جي ثقافت جي بهاني ڪاروبار ڪري رهيا آهن. هو فقط انهيءَ عمل کي ناچ گاني ۽ سستي شهرت طور استعمال ڪن ٿا. ميڊيا ذريعي مشهوري ماڻڻ چاهين ٿا.
در حقيقت اسان جا قديم ماڳ تباهه ٿي رهيا آهن، موئن جي دڙي تي فخر ته ڪريون ٿا پر اسان جو هيءُ قديم ورثو جيڪڏهن ڪنهن يورپي ملڪ ۾ هجي ها ته ڇا ته ان جي حفاظت ٿئي ها! پر اڄ انهيءَ دڙي جي حالت جَري ٿي رهي آهي. ٻيا به ڪيترا قديم آثار جيئن ڪاهوءَ جو دڙو، آمريءَ جا آثار، رني ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد جا قلعا، ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو، شاهجهاني ۽ ٺٽي جون مسجدون، مڪليءَ جا قديم آثار، ٿر جو ڪارونجهر، مارئيءَ جو کوهه، سنڌ جي صوفي بزرگن جون درگاهون ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا هنڌ آهن جي اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. ڇا انهن سڀني جي صحيح سنڀال ٿي رهي آهي؟ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات جو کاتو انهيءَ کي ڪيتري قدر سنڀالي رهيو آهي؟ ڇا انهن هنڌن کي ان قابل بنايو ويو آهي جو غير ملڪي سياحن جي اچڻ جي قابل هجي. اتي ڪي ريسٽ هائوس ۽ سهوليتون رکيون ويون آهن؟ ته اسان کي جواب ملندو نه بلڪل نه! اسان ته فقط موئن جو دڙو تي هڪ ايئرپورٽ ٺاهيو جيڪو به تباهه حال ٿي رهيو آهي.ڪو وقت هو اسان وٽ ڪيترا نه وڏا وڏا انجنيئر ۽ ڪاريگر هئا جن صديون اڳ ڪيترا وڏا ۽ ڪشادا پڪا گهر ٺاهيا. اڄ موئن جي دڙي جي تهذيبي ورثي جي باري ۾ پڙهجي ٿو يا ڏسجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي.
موجوده وقت يعني پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان وٽ سنڌ ثقافت کاتو قائم ٿيو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ميوزم ۽ ٻيا ادارا قائم ٿيا آهن. جن ۾ قلمي ڪتاب، ناياب آثار قديمه جون شيون، سنڌ جي قديم ۽ جديد هنرن جا نمونا ۽ ٻيون آرٽ سان لاڳاپيل شيون جمع ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻن، آثارن، ماڳن، مڪانن جا منظر فلم ۽ فوٽا، مشهور ساز، رڪارڊ جمع ڪري رکيا ويا آهن ته ڪيترن وڏن فنڪارن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سندن جي نالي تي ڪارنرس ۽ گئلريون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ايترو ته سٺو بڻايو ويو آهي جو دشمنن جا تاڪ لڳي ويا ۽ دشمنيءَ ۾ ڪي سال اڳ هتي باهه لڳڻ جو واقعو پڻ رونما ٿيو جنهن تي اديبن، عالمن ۽ شاعرن وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب “سج تريءَ هيٺان”۾ ڇپيل ڪيڏارو داستان ٽيون ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ڪتابن، ڪيٽلاگن ۽ قلمي نسخن جي سڙڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته
رسالو سڙندو ڏسي، مُرڪيو ڀٽ جو گهوٽ،
سڙي نه سگهندي سنڌڙي، چڙهندي ويندي چوٽ،
ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ، جنهن لاءِ سر صدقي ڪندا.
(تنوير عباسي)
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب مقالي “انسان، زبان ۽ ثقافت” ۾ لکيو آهي ته، “سنڌي ثقافت جو مطالعو فقط آثار قديمه جو مطالعو نه آهي ۽ صرف تعميرات جو فن، ڪئليگرافي، اجرڪ سازي، ڇر، ڪاشي ۽ جنڊيءَ جي ڪم جو اڀياس نه آهي، پر سنڌي ثقافت جو مطالعو سنڌي زبان جو مطالعو آهي. سنڌي ثقافت سنڌي زبان جي مرهون منت آهي. سنڌي ثقافت جو مطالعو، شاهه لطيف، سچل، سامي، شاهه عنايت، سانگي، قليچ ۽ جديد ادب جو مطالعو آهي.”
جيڪڏهن مٿئين جملن تي غور ڪجي ته اهو سؤ سيڪڙو صحيح لڳي ٿو. ڇو جو جيستائين اسان جيءَ قوم کي ۽ خاص طور قوم جي نوجوانن ۽ ننڍڙن کي اها آگاهي ڪونه هوندي ته اسان جي ٻوليءَ جا عالم اديب، شاعر ۽ سڄاڻ ڪير آهن؟ ۽ انهن ڪيئن هن ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ پنهنجون حياتيون ڏنيون ۽ ڪهڙيءَ ريت سنڌي سماج کي پنهنجي قوم ۽ وطن سان، محبت جا ۽ پيار جا گيت ڏسيا؟ تيستائين ايندڙ نسل اهو هڪ اڌ ڏينهن يا هفتو بيشڪ ملهائيندو پيو پر انهيءَ پلان جي روح کان بي خبر هوندو. بيشڪ اهو هڪ عزم آهي، هڪ وچن آهي، پنهنجا درد ۽ غم وساري خوشين ۾ جهومڻ جو ڏينهن آهي. قومن جي زنده وجود جي وستار جو ڏينهن آهي. محبت ٻڌي ۽ اتفاق جي وچن جو ڏينهن آهي. جنهن جي اڄ جي دور ۾ وڏي ضرورت پڻ آهي، پر انهيءَ کي اهڙي روح سان ملهائجي جنهن ۾ خود نما ئي ۽ شوبازيءَ جي بدران تعصب ۽ نفرت کان مٿانهون ٿي وڏيءَ دل سان ويڇن کي وساري هڪ ٻئي جي سنڀال لهڻي آهي. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ون يونٽ قائم ٿيڻ، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن سان ٿيل عقوبتون، 4 مارچ جو واقعو، ٺوڙهي ڦاٽڪ ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن جن مان خبر پيئي آهي ته رياستي سطح تي سنڌ سان بي واجبيون ٿيون آهن جن جو اظهار اديبن، عالمن ۽ شاعرن پنهنجي تحريرن ۾ ته ڪيو آهي پر هڪ پليٽ فارم تي اچڻ لاءِ پڙهيلن ۽ اڻ پڙهيلن کي، ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي ميڊيا معرفت هڪ ٿيڻ جي هن سڏ ۾ جيڪو محبت جو اظهار ٿيو آهي اهو مڃڻ مراد آهي. پر وري به ساڳي ڳالهه ورجائينديس ته انهيءَ کي محدود سوچ سان محدود نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي مختلف اخبارن ۾ ۽ ٽي وي چئنلن کي انهيءَ ۾ مقابلي جي فضا پيدا ڪرڻ گهرجي. بلڪه اهو سوچڻ گهرجي ته اتفاق سان هڪ ڌارين ٻولي ڳالهائيندڙ اينڪر پرسن ڪامران خان جي اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ جي سنڌي ٽوپيءَ پائڻ تان ڪيل چٿر سنڌي قوم کي متحد ٿيڻ جو هڪ نئون گس ڏنو جو سڄي سنڌ ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي ميدان ۾ اچي ويئي. اها ڪنهن جي شخصي گهٽتائي نه هئي پر اها سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي بيعزتي شمار ٿي ۽ انهيءَ تي هڪ جذباتي انقلاب آيو آهي. هاڻي ضروري آهي ته پنهنجا ويڇا وساري تهذيب ۽ ثقافت جي اصل روح کان واقف ٿي سنڌ مان سماجي برائين جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏجي اڳيان اچون. صوفي ازم، ڀائيچاري ۽ امن کي وڌائي سنڌ کي مڪمل امن جي ڌرتي بنائي هڪ اعليٰ ۽ عظيم تهذيب جو وارث ثابت ڪيون. فقط لفظن جي جمع پونجي خرچ ڪرڻ بجاءِ، تحقيق هڪ ٿي، سنڌ جي ثقافت جا بنياد مضبوط ڪريون. پنهنجي ثقافتي لباسن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مقرر ڪرايون. ٻوليءَ کي قومي حيثيت ڏيارائي سنڌ کي سڃاڻپ عطا ڪريون. اهو وچن ورجائڻ اسان سڀني جو فرض ۽ اسان تي قرض آهي.
سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان! ڇا لکي ڇا لکان!