ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني

سهڻيءَ سنڌي ٻوليءَ جي مٿئين پهاڪي ۾ وڏي معنيٰ لڪيل آهي، چاندي ۽ سون جا زيور عام طور تي عورتون عام جام پائينديون آهن ۽ ان کي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڃاڻ سمجهي واپرايو ويندو آهي ۽ خاص طور سون جي زيورن جي ته ڳالهه ئي نرالي هوندي آهي. پر جيئن ته ڪن هڪ نرم ۽ نازڪ عضوو آهي. ان ۾ زيور جو پيل مستقل ٻوجهه انهيءَ ڪن جي سوراخ ۾ ڇيد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪن جي پاپڙي ٻه اڌ ٿي ويندي آهي، جنهن کان پوءِ يا ته ان کي ٽانڪو لڳايو ويندو آهي يا ته زيور پائڻ تان ئي هٿ کنيو ويندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اهو چيو ويو ته “اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.” يعني سون جو ڪن جو زيور ڪيترو به سٺو پر جيڪڏهن اهو نقصانڪار آهي ته گهوريو، وڃي سک ڀري، ڪن ته ڪونه ٽوڙائبا.
بظاهر ته اهو پهاڪو نصيحت جي نموني ڪن جي سوني زيور جي مثال طور ڏنو ويو آهي پر تحقيق انهيءَ ۾ اندروني طور وڏي معنيٰ لڪيل آهي. جيڪڏهن ظاهري مطلب جي برعڪس اندروني معنيٰ طور ڏسنداسين ته ڏاهن جي چوڻ موجب ته اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو جنهن مان نقصان ٿيئي، چاهي اهو ظاهر ظهور ڪيترو به وڻندڙ ۽ سٺو هجي، پر جي انهيءَ مان نقصان ٿيڻو آهي ته ڪچيءَ ۾ ئي هٿ کڻو. هيءَ پهاڪو ڪيترائي مطلب پنهنجي اندر ۾ رکي ٿو.
انساني حياتي نه فقط خوشين جي سيج آهي ۽ نه ئي فقط ڪنڊن جو وڇاڻ. هيءَ حياتي ته انسان جي آزمائشي آهي، جنهن ۾ کيس چند سالن ۾ شيڪسپيئر وارا ست ڪردار ادا ڪري واپس وڃڻو آهي.هاڻي جڏهن حياتي آهي ئي مختصر، ته پوءِ اجاين خسارن ۾ ڇو پئجي، ڇو لالچ ڪري پنهنجي پاڻ لاءِ تڪليفون پيدا ڪجن، دنيا ۾ سڄي فساد جي جَڙِ يعني لالچ جو انساني دل ۽ دماغ ۾ پروان چڙهڻ آهي. اسان ڏسنداسين ته آدم عليھ السلام کي پڻ شيطان اهو چئي ورغلايو ته “هن وڻ کي ويجها وڃو ۽ ان مان کائو ته دائمي حياتي جيئندا” جڏهن ته کيس رب پاڪ جو حڪم هو ته “لاتقربا هـٰذا الشجرة” ترجمو آهي ته، ”هن وڻ جي ويجها نه وڃجو” پر جيئن ته انسان خطا جو گهر آهي ۽ لالچ سندس وطيرو آهي. سو حضرت آدم عليھ السلام خطا ڪار ٿي پيو ۽ سالن جو پڇتاءُ سندس حصي ۾ آيو ۽ بي حساب دعائون گهريائين جو رب پاڪ کيس معاف ڪيو. ساڳيءَ ريت انسان پڻ آدم جو اولاد آهي. سندس مٽي ۽ رت ۾ پڻ لالچ ۽ هٻڇ ڀريل آهي. هُو اڳيان وڌڻ جي جستجو ۾ ڪُڌا ڪم پڻ ڪري ٿو ۽ اعتدال مان نڪري پوي ٿو، جتان ئي سندس تباهيءَ جي منزل شروع ٿيئي ٿي.
اڄ جو نوجوان گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ ۽ گهڻو واپرائڻ تي شوق رکندڙ آهي جڏهن ته کيس پڻ چڱيءَ پر خبر آهي ته انهيءَ گهڻي ڪمائڻ جي شوق ۾ يقيناً هو غلط ڪم ڪندو ۽ اهڙو بي بقا پئسو ڪمائيندو جنهن جي ڪمائڻ جي کيس بعد ۾ خوشي به ڪونه هوندي. نه سندس اولاد اڳيان هلي سپوٽ ٿيندو ۽ نه ئي هو بيمارين کان آجو هوندو. پوءِ لالچ ڪري اهو پئسو/سون ڇو جمع ڪري جو سندس پنهنجو پيٽ جو اولاد به سک نه ڏسي سگهي ۽ نه ئي پاڻ حياتيءَ جو آخري وقت سکيو ڪٽي سگهي. جيڪي والدين فقط پئسي جي ڊوڙ تي توجهه ڏيندا آهن، اهي انتهائي غلط روايت کي وڌائي رهيا آهن. پئسو جيڪڏهن سُک ڏئي ها ته اڄ دنيا جو هر امير ماڻهو بهترين صحت جو مالڪ ۽ ٽينشن فري هجي ها. پئسو بلڪل ضروري آهي پر انهيءَ جي ڪمائڻ وارا هٿ، ديش ڀڳتي ۽ ايمانداريءَ سان ڀريل هئڻ ضروري آهن. ڇو جو غلط پئسو غلط استعمال ٿو سيکاري ۽ پوءِ نوجوان سگريٽ، چرس، شراب ۽ مختلف نشن ۾ وٺجي ٿا وڃن ته نيون نيون گاڏيون کڻي آواره گرديون ٿا ڪن. اتان ئي والدين جون ننڊون ڦٽڻ شروع ٿينديون آهن. ۽ اهو سڀ لالچ جو نتيجو آهي. “لالچ بري بلا” انهيءَ ڪري ئي چوندا آهن، ۽ ايئن به چوندا آهن ته “ٿوري کٽئي گهڻي برڪت” يا “ڪم خرچ بالا نشين” سو اسان کي گهرجي ته ڌڻيءَ جيڪو ڏنو آهي سو کمي کائون ۽ اسراف کان بچون، گهڻي هٻڇ ۽ لالچ کان پاسو ڪري پاڻ کان هيٺ وارن تي نظر رکون.
اڄ دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن مان انيڪ انسان انتهائي غربت جي حياتي گذاري رهيا آهن، شاهوڪار طبقي جي گهڻن خرچن سبب ناانصافي ۽ اڻ برابريءَ واري صورتحال پوريءَ دنيا ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ اسان ٻين جي مسئلن کي اهميت نٿا ڏيون، ڇو جو خود غرضيءَ سڀني کي پنهنجي ڄار ۾ اهڙو ته جڪڙي ڇڏيو آهي، جو نه دوست دوست جو رهيو آهي ۽ نه اولاد والدين جو، نه استاد شاگرد جو، فقط ۽ فقط پئسي جو ڪاروهنوار وڌيل آهي. غرضن جو بازار گرم آهي.اسان جي پياري سنڌي ٻوليءَ ۾ انيڪ اهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿيون جي حياتيءَ جي صحيح رُخن جو تعين ڪن ٿيون. شرط فقط اهو آهي ته انهن کي هينئين سان هنڊائجي. اهي پهاڪا ۽ چوڻيون اسان جي وڏن جي حياتين جا آزمودا ۽ سندن تجربن جا نچوڙ آهن. ڪيڏو نه وڏو سبق آهي. مٿئين پهاڪي ۾، ته سون جهڙي قيمتي شيءِ به گهوري يعني قربان ٿي، جي ان مان پنهنجي ذات کي نقصان آهي. انهيءَ ڪري هميشه اهو سوچڻ گهرجي ته ڪڏهن به جذباتي ٿي لالچ وارا فيصلا نه ڪجن، بلڪه ٿڌي دماغ سان گهڻي سوچ ويچار سان، اهي ڪم ڪجن، جن سان ڪاميابي به پلئه پوي ۽ نقصان به نه ٿيئي. ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي وڏن جي تجربن مان سکڻو پوندو، مطالعي کي معياري بنائڻو پوندو، پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، پنهنجي غلطين مان سبق سکڻو ۽ انهن کي تسليم ڪرڻو پوندو. جڏهن اسان پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ واري عمل ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته ڄڻ اسان پنهنجي پاڻ تي فتح حاصل ڪئي، پوءِ اسان جا ڪيل فيصلا لالچ ۽ خود غرضيءَ کان پر ڀرا هوندا. انهيءَ سڄي عمل ۾ ٻه ڳالهيون تمام اهم آهن، هڪ ته پنهنجي دماغ کي ٿڌو رکڻ يعني ڪاوڙ تي ضابطو ۽ ٻيو زبان جو سهڻو استعمال.
ڪاوڙ ڪرڻ هڪ بڇڙي عادت آهي جا عام طور گهٽ سَهُو ماڻهن ۾ وڌيڪ ٿيئي ٿي، سندن مرضيءَ خلاف ڪو ڪم ٿيو ته هُو هڪدم مڇرجي ويندا آهن. شاهه لطيف فرمائي ٿو ته:
نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو،
ٿيئي سڻائو جي، اُڀيين ان پير تي.

ڏمر/ ڪاوڙ کي شاهه لطيف ڏولائو يعني نقصانڪار سڏيو آهي. ۽ اها تمام بري عادت آهي جيڪا ماڻهوءَ کي خود ئي ناس ڪري ٿي، انهيءَ ڪري هميشه ان کان پاسو ڪجي. ڪوشش ڪجي ته لالچ کان بچجي. اهڙا حياتيءَ جا ٽارگيٽ نه رکجن جو نه فقط ماڻهو ماڻهن ۾ خوار ۽ خراب ٿيئي پر پنهنجي پاڻ لاءِ به تڪليفون پيدا ڪري. ساڳيءَ ريت زبان تي ضابطو به هڪ اهم اصول آهي، حياتيءَ کي سٺي گهارڻ جو، جيڪڏهن انهيءَ تي عمل نٿو ڪيو وڃي ته به ماڻهو خساري ۾ ٿو اچي، انهيءَ جو سبب پڻ اهو آهي ته جيڪي ماڻهو بدزبان هجن ٿا انهن ۾ سهپ جو مادو گهٽ ٿو هجي ۽ کين فقط پنهنجي ذات ۽ انا سان دلچسپي هجي ٿي، هو محدود سوچ جا مالڪ ٿي پنهنجي ڳالهه تي اڙيل هوندا آهن، عام طور مايوس، نا اميد، حالتن کان بيزار، ماڻهو چڙ چڙا هجن ٿا ۽ پنهنجي گهٽ برداشت سبب بدزباني ڪري ٻين جون دليون رنجائين ٿا. انهيءَ ڪري جيترو به ڳالهائجي، احسن ڳالهائجي. الله پاڪ کان سواءِ ڪنهن ۾ به اميد نه رکجي. هتي به ساڳيو ئي مطلب آهي ته جيستائين ماڻهو ٻين ۾ اميد نه رکندو، ڪمن جي لالچ نه رکندو تيستائين سندس تعلقات ٻين سان سٺا رهندا ۽ هو پنهنجي دوستن ۽ واسطيدارن کان محروم نه ٿيندو. ڇو جو خواهشن جو بنا سبب وڌائڻ ۽ انهن جو پورائو نه ٿيڻ، انسان ۾ برداشت ۽ سهپ کي ختم ڪندو آهي، جتان ئي پوءِ زندگيءَ جو سڪون ختم ٿي وڃي ٿو. ۽ روين ۾ لچڪ ختم ٿي وڃي ٿي. رشتن ۾ توازن تڏهن قائم رهندو جڏهن ٻين ۾ مڪملتا ڏسڻ کان اڳ اسان پاڻ ۾ انهيءَ کي ڏسڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته اسين لالچ ۽ هٻڇ کان بچي پاڻ تي ڀاڙڻ سکون، جنهن سان ضمير جو سڪون به حاصل ٿيئي ۽ تباهه و برباد ٿيڻ کان پڻ بچون. اسان کي رب پاڪ وڏيءَ دلي ۽ دماغي قوت سان نوازيو آهي. طاقت جي گهٽتائي عيب ڪونهي پر ارادي جي قوت جي ڪمي هڪ وڏو عيب آهي. پنهنجي سٺن اخلاقن سان پنهنجي ايمان کي ڪامل بڻايون. اسان جو ڪردار ئي اسان جي تقدير آهي جو اسان کي پنهنجي تدبير سان ترتيب ڏيڻو آهي.