ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

علم ڇا آهي؟ ان جي افاديت

موجوده وقت پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ڪهڙو آهي؟ ايندڙ نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ والدين ۽ استادن ۽ خود شاگردن جي ڪهڙي جوابداري آهي؟ ڇا اسان وٽ علم حاصل ڪرڻ يا تعليم يافته ٿيڻ جا اهي قدر آهن، جيڪي اڳئين وقت ۾ هئا؟ يا اسان جا وڏا اسان کان صحيح معنيٰ ۾ تعليم يافته هئا ۽اسين فقط ڊگري هولڊر آهيون. اچو ته اها ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ته تعليم جو مقصد ۽ اڄ جي نسل وٽ انهيءَ مقصد جي اهميت ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جا ڪهڙا اپاءَ آهن؟ ڪتابن جي افاديت ڇا آهي؟ ۽ معياري مطالعو ڪهڙيءَ ريت شخصيت کي اُجاري انساني اخلاقي قدرن جي واڌاري جو باعث بڻجي ٿو.
علم جي فضيلت قرآن پاڪ جي پهرئين لفظ “اقرا” يعني “پڙهه” مان صاف ظاهر آهي ۽ خدا پاڪ جي موڪليل آخري رسول ڪيترن هنڌن تي علم جي اهميت ۽ فضيلت ڄاڻائي آهي. فرمائين ٿا ته،
“علم عبادت کان افضل آهي”. (حديث پاڪ)
علم انساني آزادي ۽ پيار جو واحد سرچشمو آهي، جنهن مان عالم ۽ علم حاصل ڪندڙ مستقبل جا پانڌيئڙا فيضياب ته ٿيندا آهن، پر پوري سماج ۾ نور جي سوجهري جيان علم جي بدولت روشني ٿيندي آهي.
موجوده تعليم جي معيار جي جڏهن ڳالهه ڪريون ٿا ته هڪ نظر اسان کي پويان ڏسڻو به ضرور پوندو. انگريز دور کان اڳ اسان وٽ عربي، فارسي ۽ ٻيون علائقائي ٻوليون هلندڙ هيون، جن ۾ مختلف فنن ۽ علمن جي ڄاڻ شاگردن کي ڏني ويندي هئي.
موجوده تعليمي نظريي ۽ ان جي اصولن کي سمجهڻ لاءِ جديد تعليمي سرشتو سمجهڻو پوندو، جيڪو هن جديد دور جي پيداوار آهي. انگريزن جي دور کان ئي انگريزي تعليم اسان وٽ رائج ٿي آهي، انهيءَ نئين تعليمي سلسلي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي اهميت اُتم آهي، انهيءَ کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا مضمون آهن ته گڏوگڏ شاگردن کي اردو، سنڌي، اسلاميات، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا مضمون پڙهايا وڃن ٿا، جيڪي سڀ پنهنجي پنهنجي طور تي اهم آهن. پر پوءِ به ڏٺو وڃي ته اڄ اسان تعليم جي معيار کي انهيءَ بلنديءَ تائين پهچائي نه سگهيا آهيون، جتي ان کي هئڻ کپي. آخر انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ حقيقت ۾ ته انهيءَ مسئلي جي هئڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر مختصرًا ايئن چونداسين ته آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ به پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي بيچيني ۽ غيرموافق علمي حالتون رهيون آهن، جن جو اثر نئين نسل تي پيو آهي. نه فقط علمي طور پر سندن تربيت ۾ پڻ اسان کان ڪوتاهيون ٿيون آهن. تعليم ۽ تربيت ٻه الڳ لفظ هوندي به هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. تعليم بغير تربيت ۽ تربيت بغير تعليم اڌوري آهي. اڄ تعليمي نظام جي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي. فرسوده نصابي ڪتاب، ناقص امتحاني سرشتو، استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ ويڇا، والدين جو اولاد سان رويو، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا گڏجي هن نظام کي متاثر ڪري رهيا آهن. اسان جي وڏن تمام مشڪل حالتن ۾ علم حاصل ڪيو. هو علم جا مينار هئا، اسان جي نئين نسل کي به اڄ علم جي حاصلات لاءِ وڌيڪ سهوليتون ميسر آهن. قدرت کين اعليٰ ۽ روشن دماغ عطا ڪيا آهن، سو انشاءَ الله هُو ضرور اڳيان ايندا ۽ اچي رهيا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته هيءُ مقابلي جو دور آهي. ڪالهه آباديءَ جو تناسب ايترو وسيع نه هو، جيترو اڄ آهي. موجوده وقت جي شاگرد کي، نرسري ڪلاس کان پوسٽ گريجوئيشن تائين وڏين مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، ته به هو محنت ڪري رهيو آهي. اهڙين ڏکين حالتن ۾ پنهنجي ايندڙ نسل جي حوصلي ۽ همٿ لاءِ ۽ کين بي راهه رويءَ کان بچائڻ لاءِ، والدين ۽ استادن کي گهُرجي ته هُو کين سهڻي نموني سان همٿائين ۽ سندن مڪمل طور مدد ڪن، پنهنجي قابليت ۽ تجربي جي قوت جي بنياد تي ايندڙ نسل کي عقلمنديءَ سان پنهنجي ويجهو ڪن.
عقل انساني الاهي سوغات آهي. عقل ۽ علم جي ميلاپ سان عملي قوت پيدا ٿئي ٿي ۽انهن ٽنهي جي گڏجڻ سان ڪاميابي حاصل نه ٿيڻ ناممڪن آهي. انهيءَ ڪري حياتيءَ ۾ اصل ڪمال عقل سان علم ۽ عمل کي جمع ڪرڻ آهي. حضرت علي رضي الله جو قول آهي ته،
“اي نوجوانؤ! ادب جي ذريعي پنهنجي عزت ۽ علم جي ذريعي پنهنجي دين جو تحفظ ڪريو”.
انساني ترقيءَ جو راز، لاڳاتار عمل ۽ وري وري عمل ڪرڻ ۾ لڪيل آهي. ڪم ڪرڻ سان غلطي ۽ غلطيءَ سان تجربو ۽ تجربي سان عقل ايندو آهي. هڪ عالم جي چوڻ مطابق ته،
“بلند مرتبو حاصل ڪرڻ لاءِ فڪرمند نه ٿيءُ البت صحيح ڪم ڪرڻ جو فڪر ڪر، انهيءَ تي به تشويش نه ڪر ته ڪو توکي سڃاڻي ڪونه ٿو، پر پاڻ کي لائق بنائڻ جي جستجو ۾ لڳو رهه”.
حقيقت ۾ اها ئي تعليم جي مقصديت آهي. جيستائين علم جي مقصد يعني “ڄاڻ” کي وڌائڻ جي سگهه پاڻ ۾ پيدا ڪونه ڪبي، تيستائين ماڻهو اهو مرتبو حاصل نه ڪري سگهندو، جيڪا هن جي خواهش هوندي يا جيڪو کيس ڪو باعزت مقام عطا ڪري. ۽ اهڙي اعليٰ رتبي ۽ منصب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍپڻ کان ئي ٻار جي صحيح تعليم ۽ تربيت تي توجهه ڏيڻ ضروري آهي. قديم يونان جو ڏاهو، فلسفي، سائنسدان ۽ عظيم مفڪر ارسطو (ارسطاطاليس) ننڍپڻ جي علم جي اهميت تي لکي ٿو ته،
جو شخص علم حاصل ڪرڻ ۾ ننڍپڻ جا ٿورا ورهيه خرچ نٿو ڪري، ان کي سڄي عمر جي جهل جون سختيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون”.
اهو علم ۽ عقل ئي آهي، جنهن جي بدولت انسان کي “اشرف المخلوق” جو لقب مليو ۽ هُو ڪماليت جي انتهائي درجي تي پهتو ۽ اهو علم ئي آهي، جنهن جي وسعت سان ماڻهو فراخ دل ۽ روشن خيال ٿو ٿئي ۽ ان جي ٿورائي جهالت سان گڏ ذهني تعصب ٿي پيدا ڪري. اڄ اسان جي دنيا ته علم جي دنيا آهي، پر اسين دانش کان محروم آهيون. اسين زندهه رهڻ جي علم کان وڌيڪ مار ڌاڙ ۽ امن کان وڌيڪ جنگ جو علم ڄاڻون ٿا. سچو علم اهو آهي، جنهن مان ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ انسان کي پنهنجي منزل مقصود جي ڄاڻ پوي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ چواڻي ته “هيءُ سجاڳيءَ جو زمانو آهي، اڳي چوندا هئا ته “تن درست ته من درست” پر هاڻي چون ٿا ته “من درست ته تن درست”، سو صحيح علم مان ئي سُٺا انسان اسان اڳيان ايندا”.
صدين ۾ ٿيو به هڪڙو ديده ور پيدا ته ڇا ٿي پيو؟
اسان جي ڏيهه کي، ڏهن هزارن جي ضرورت آ،
نوان سقراط، افلاطون پيو استاد پيدا ڪر،
زماني کي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ.
(استاد بخاري)
ملڪ ۽ قوم ۾ سڌارو تڏهن ايندو، جڏهن علم جي نور کي عام ڪيو ويندو. علم کي خرچ ڪرڻ سان ئي علم وڌي ٿو ۽ علم زندگيءَ جي علامت ۽ ان جي دلڪشي سڀني انسانن جي گڏيل ميراث آهي. نه ان جي ڪا حد مقرر آهي ۽ نه ئي اها ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي جاگير آهي. علم وارو ستڙ ۽ سالم ته عالم جي اعليٰ مقام تائين پهتل هجي ٿو، علم لاءِ دين ۾ دُعائون گهرڻ ۽ عمل ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي. قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي ته،
علم عمل کان سواءِ بيڪار آهي ۽ عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ وري ڪارگر قوت مطالعي جي آهي. مطالعو صرف پڙهڻ جو نالو نه آهي، پر سمجهڻ ۽ پرکڻ، پروڙڻ ۽ عمل جو نالو آهي. دنيا جي وڏن وڏن ماڻهن مطالعي جي قوت سان پنهنجي عزت ۽ شان، عقل ۽ سمجهه، علم ۽ عمل ۾ نه فقط اضافو ڪيو، پر سندن ذات مان پڻ انيڪ ماڻهو فيضياب ٿيا. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته،
پچائي پهاڻُ، جَنِ رساڻيو رُڪ کي،
تنين سندو ڄاڻُ، آهي آڳڙين کي.

چوندا آهن ته “پڙهڻ آهي رُڪ جا چڻا چٻڻ” سو پڙهڻ لکڻ تمام محنت جو، دماغي ۽ پهاڙن کي ٽُڪڻ جي برابر ڪم آهي. ان جي اهميت ۽ ڄاڻ پڻ انهن ڪامياب ماڻهن کي آهي، جن اهي محنتون ڪيون. دنيا ترقي پسند ۽ عملي تبديليءَ جي آهي. مان مٿي به شاگردن کي اهو ڄاڻائي آئي آهيان ته اڄ جيڪي دنيا جون حالتون آهن، سي ڪلهه ڪونه هيون ۽ سڀاڻي جيڪي تبديليون اينديون، انهيءَ کان اسان جي اڄ واري دنيا مختلف هوندي، سو دنيا بلڪل عملي ڪارگذاري آهي. ماڻهوءَ جو اعتبار لفظن ۾ نه، پر عمل ۾ قائم ٿيندو آهي ۽ هر عمدو ڪم پهرين شروع ۾ ناممڪن ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر ڪم ۾ گهڙڻ ۽ محنت سان اهو آسان ٿي ويندو آهي. سو شاگردن لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته هو علم حاصل ڪري ان تي عمل ڪن. علم ڏيڻ، پکيڙڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ آهي. شاگرد ۽ استاد جهاد جي رتبي تي فائز آهن. جهڙيءَ ريت شاگرد جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ ۾ محبت ۽ محنت جو جذبو ۽ استاد جي عزت، علم تي توجهه ڏيڻ ضروري آهي، تهڙيءَ ئي ريت عالم ۽ استاد لاءِ علم ڏيڻ جو شوق، پنهنجي شاگردن سان محبت، بي لوث خدمت جو جذبو اهم آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ريت غرور ۽ فخر کي جاءِ حاصل ڪونهي. امام غزاليءَ موجب ته،
علم وارو ماڻهو جڏهن پاڻ کي “پڙهيل” سمجهندو آهي، تڏهن ايئن ڀائيندو آهي ته “اڻپڙهيل” جانورن وانگر آهن، انهيءَ ڪري تڪبر مٿس غالب اچي ويندو آهي. تڪبر جي غالب پوڻ جي نشاني هيءَ آهي جو مُتڪبر علم وارو عوام مان خدمت، ادب، مانَ ۽ وڏائي ملڻ جي اميد رکندو آهي”.
انساني شخصيت جي سنورجڻ، سڌرڻ ۽ ڪامل ٿيڻ ۾ سٺي ۽ معياري مطالعي جو وڏو حصو آهي. مطالعو ڪتابي هجي يا ڪائناتي، سمجهه، ساڃاهه، ادراڪ ۽ شعور سان گڏ انسان کي مڪمل بنائڻ جو وسيلو آهي. پر هتي اسين ڪتابي مطالعي جو ذڪر ڪنداسين.
ڪتاب دنيا جي عظيم ترين سوغات آهن. “ڪتاب” لفظ اچارڻ يا ٻُڌڻ سان ماڻهوءَ جي دل تي هڪدم علم ۽ حلم، فڪر ۽ تدبر، تجربي ۽ محنت جو اثر ٿئي ٿو. پروفيسر غلام مصطفيٰ چوي ٿو ته،
“ڪتاب فقط ورقن ۽ پنن جو ميڙ نه آهي، پر اهو انسان جي فڪر و خوض ۽ دل جي احساس جو راز آهي. لفظ مصنف جي روحاني طاقت آهن زباني لفظ کان لکيل لفظ معتبر آهن ۽ سڄي دنيا جي ملڪيت آهن”.
جڳ مشهور اديب شيڪسپيئر چوي ٿو ته،
“سٺا ڪتاب سُٺا ماڻهو پيدا ڪن ٿا. برڪت وارا ماڻهو اهي آهن، جن اول اول ڪتابن جو علم ايجاد ڪيو”.
معياري ۽ غيرمعياري ڪتابن ۾ وڏو فرق آهي. جان ملٽن جهڙو مفڪر هِنَ ڏس ۾ فرمائي ٿو ته،
“جهڙيءَ طرح دوستن جي انتخاب جو معاملو نهايت اهم آهي، تيئن ڪتابن جو انتخاب ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. هڪڙي مصنف جو املهه خون آهي سندس عمدو ڪتاب”.
دنيا ڪيترن ئي عظيم مصنفن جي عظيم تصنيفات سان سنواريل آهي، جيڪي لکن ۽ ڪروڙن ماڻهن جي حياتين کي سڌارين ٿا ته اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي فضول ڪتاب به ڇپجن ٿا، جن جو غيرمعياري مطالعو وهمن ۽ وسوسن ۽ برن خيالن کي ويجهو آڻي ٿو. سُٺن ڪتابن جي پذيرائي نئينءَ ۽ نڪوريءَ مثبت ڄاڻ جي وڌائڻ لاءِ ڪوششون مطالعي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۾ معاون آهن.
اوهام جو جهل جو اوندهه آ،
تحقيق ۽ تعليم جون لاٽون ڪريون،
پنهنجي پويان ۽ اڳيان گجگاهه آ،
تجويز ۽ ترتيب سان واٽون ڪريون.

اڄ جو دور ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو آهي، جنهن ۾ جديد ۽ پراڻي نصابي تعليم ۾ وڏو فرق آهي. وقت جي رفتار سان گڏ هلڻ ئي هر دور جي اهم ضرورت هجي ٿي، پر ڪتابن جي اهميت هر دور ۾ ساڳي رهي آهي. وقت ثابت ڪيو آهي ته ادب هميشه ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي، عوام الناس کي شعور بخشڻ سان گڏ انساني تهذيب جي سڌرڻ ۽ معيار ۾ اضافو ڪيو آهي. ڪتابن جا ڪيترائي قسم آهن، پر انهن سڀني قسمن ۾ علمي، ادبي، سائنسي، تاريخي ۽ ٻين اهم موضوعن جا ڪتاب معياري شامل ٿيندا. ڪتابن کي جمع ڪري، ڪتب خانن/ لائبريرين ۾ رکيو وڃي ٿو، جتي انهن جي مناسب سار سنڀال ٿيندي آهي. لائبريريون علمي ۽ ادبي گهر آهن، جن جهڙو سڪون آور ۽ لاڀ ڏيندڙ ڪو به هنڌ ٿي نٿو سگهي. جن جي حفاظت ۽ نگهداشت سان علم ۽ ادب کي هٿي ملي ٿي. اڄ ڪتبخانن مان چوريون، انهن کي لڳل باهيون ۽ علم دشمنيون جڏهن پسجن ٿيون، تڏهن دل ڏکي ٿي. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن بهترين نادر قلمي نسخن ۽ ڪتابن جي وڏي بي قدري ٿي، ڪيترا اهم ڪتاب برٽش لائبريريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي هتي نه آهن. ساڳيءَ ريت پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪجهه واقعا لائبريرين کي باهه ڏيڻ جا ٿيا آهن. “باهه نه ساڙي علم کي” جي غزل ۾ تنوير عباسي لکي ٿو ته،
ويري ماري جک، آڏو منهنجي علم کي،
ساڙن ٿا جيڪي، پوي تن جي منهن ۾ رک،
محبت جن جي مَنَ ۾، تن جا ڪَک به لَکَ،
ڪاريءَ وارا ڪَکَ، ويري تنهنجي پاند ۾.
(تنوير عباسي)
هن ماده پرست دنيا ۾ دنياوي علم سان گڏ ديني علم جي گهرج تمام اهم آهي. قرآن پاڪ معنيٰ سان پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ حياتيءَ جي مقصديت کي مقرر ڪري ٿو ته روحاني طور ماڻهو مضبوط به ٿئي ٿو. مذهبي طور اسين رُڪنن جي ادائگيءَ ۾ ڪيترا به پابند هجون، پر اصل ڳالهه روح جي سچائيءَ جي آهي.
روحانيت عبادتن ۾ رياضتن کان وڌيڪ اندر جي پاڪائي ۽ ضمير جو آواز آهي. اخلاقي طور روحانيت سان چڱو فڪر پيدا ٿئي ٿو ۽ صالح عمل وڌي ٿو. علامه اقبال صاحب چوي ٿو ته، “اسان وسيلن ۽ ذريعن يعني عبادتن ۽ ارڪانن کي اهميت ڏني آهي، پر مقصدِ اعليٰ کان منهن موڙيو آهي”.
هتي شاعرِ مشرق جو مقصد انسان جي تخليق جي بنيادي سبب يعني ڪائنات جي مطالعي کي اهميت ڏيڻ جو آهي. حقيقت ۾ انهيءَ سان ئي روحانيت جو درجو وڌندو ۽ مذهب جو مطلب مڪمل ٿيندو.
اخلاقيات جو فلسفو ۽ عمل انساني ڪردار ۽ چڱائي جي گرد گهمي ٿو.
“Ethics is a moral philosophy which deals with moral values and theories of conduct and goodness.”
“goodness” يعني نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي قوت جي سڃاڻپ اها آهي ته اهو ڪم جنهن کي ڪرڻ کان پوءِ ضمير ۽ روح مطمئن هجن، هڪ لمحو به پڇتاءَ جو احساس نه ٿئي.
انسان هن زمين تي ڪائنات جي باشعور ۽ جوابدار هستي آهي. کيس ئي خبر آهي ته موجوده وقت هُو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. دنيا ۾ هو نمايان حيثيت رکي ٿو ۽ پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان نت نيون ايجادون دنيا ۾ آڻي ٿو ۽ سندس ترقي ڏينهن ڏينهن وڌندڙ ۽ حيران ڪُن آهن ته ٻئي طرف هو تمام هيٺانهين طرف وڃي رهيو آهي. ذليل ۽ پست خيالن ۾ مبتلا آهي. پنهنجي رب طرفان مليل “شرف” جي لقب جي انحرافي ڪري رهيو آهي. سندس اخلاقي ڪمزورين ۽ قانون شڪنين سبب هو زوال پذير آهي، جنهن جو حل آهي “علم جي حڪومت” پر اهو علم جو ماديت کان وڌيڪ “روحانيت” جي ترقيءَ ۾ وڏو ساٿ ڏئي، جنهن سان خودشناسيءَ جي ڄاڻ پوي ۽ ماڻهو نيڪ نيت ۽ نيڪ دل ٿئي ۽ مڪمل طور کيس هڪ رب ۾ يقين قائم هجي. ۽ کيس اهو به يقين هجي ته موت اَوَس اچڻو آهي ۽ موت جو ڪارائتو هجڻ انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن حياتيءَ کي ڪارگر ڪٽيو وڃي ۽ اهو فقط نيڪ عملن ۽ نيڪ نيتن سان ٿي سگهي ٿو. هيءَ دنيا فاني آهي، پر چڱن جون چڱايون لافاني آهن ۽ چڱائيءَ جو معيار ذات پات ۽ حسب نسب تي ڪانهي، بلڪ اهو اندر جو اخلاص آهي، هتي ته “جيڪو وهي سو لهي” جيئن عملي دنيا طور پهرين اندر اُجاري ۽ روح کي پاڪ ڪري، شرڪ کان توبهه ڪريو. انسانن اڳيان مددن ۽ برڪتن جي حاصل ٿيڻ لاءِ جهڪڻ جي بجاءِ هن خالقِ حقيقيءَ جي اڳيان جهڪو نه ته انهيءَ کان پري ٿي ويندا، پر خود انسانيت سان پڻ انهيءَ عمل سان بيوفائي ڪندا. ماڻهو ماڻهوءَ جي مدد بلڪل ڪري ٿو، دنيا ۾ هڪ ٻئي جو ماڻهو ئي وسيلو آهي، پر هُو “اختيار ڪل” نه آهي. مڪمل طور فقط هڪ ڌڻي سڳورو آهي، جنهن کان مدد گهرجي. نماز جي هر رڪعت ۾ “سورة الفاتحہ” مقرر آهي ۽ ان ۾ اها ئي دُعا آهي ته،
اِيَّاڪَ نَعۡبُدُ وَ اِيَّاڪَ نَسۡتَعِيۡنُ
ترجمو:اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
سو علم ۽ عمل ۾ مضبوط ٿيڻ سان اخلاق جي عمارت سماج ۾ روحاني ۽ عملي طور مضبوط ٿيندي.
ٿيو ايئن آهي ته اسان وٽ نماز پڙهي وڃي ٿي، پر ان جي روح کي نٿو سمجهيو وڃي. نماز جي قرائت تي غور ۽ فڪر، خشوع ۽ خضوع ۽ توجهه سان پڙهڻ تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته ساڳيءَ ريت مذهب جي ٻين ارڪانن نماز، روزي، زڪوات ۽ حج جي اصل مقصد ۽ روح کان ڪيترا ماڻهو بي خبر آهن ۽ جيڪڏهن دنياوي علم آهي ته ان ۾ فقط ڪاغذي ڊگريون ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ جو پروانو سمجهي علم حاصل ڪيو ٿو وڃي، حالانڪه ان جي مقصديت تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. اخلاقي تعليم ۽ روحانيت جي پرچار سان اسين نه فقط پنهنجي قوم ۽ ملڪ ۾ پر، پوريءَ دنيا ۾ پڻ مانائتا ٿي سگهون ٿا.
ڏٺو وڃي ته اڄ انسانذات جديد ترقيءَ جي اثر هيٺ دٻيل آهي. سندس روح رڙيون ٿو ڪري پر کيس آئيندي جو ڪو به اونو ڪونهي. هُو اندر جي آواز کي دٻائيندو مَنِ ماني ڪندو اڳيان وڌندو ٿو رهي. حالانڪه تقدير سندس ئي هٿن ۾ آهي، پر سندس تدبيرون لاحاصل آهن. هو دائمي حاصلات کان غافل ۽ اڻ ڄاڻ ٿيندو پيو وڃي. اڄ ڪيترائي ملڪ هڪ ٻئي جون سرحدون ڦٻائڻ، نيوڪليئر توانائيءَ جي ذخيرن کي وڌائڻ ۽ طاقتور ٿيڻ جي شوق ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. مهلڪ ۽ موتمار هٿيارن جي ڊوڙ ۾ تيز تر ڊوڙي رهيا آهن. توانائين جي استعمال تي لاڳو قاعدا قانون انسانيت جي قتلِ عام کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا نظر پيا اچن. پوريءَ دنيا جي آباديءَ جي واڌاري سبب مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو راڄ آهي. انهيءَ سڄيءَ تڪليف ۽ مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فقط هڪ ئي حل آهي. اهو آهي ايندڙ نسل جي اخلاقي، مذهبي ۽ علمي طور اعليٰ تربيت ته جيئن هو روحاني طور مضبوط ٿين. اهو مسئلو نه فقط غور طلب آهي، پر گهڻي دلي جذبي سان انهيءَ تي عملي اپاءَ وٺڻ گهرجن، ڇوته جڏهن انسانيت ليڪو لتاڙي بدامني ۽ بداخلاقيءَ جون حدون پار ڪندي آهي، تڏهن مٿس امر الاهيءَ جي ڏمر سان مصيبتون ۽ آفتون نازل ٿينديون آهن.
ايجاد ۽ تدبير تي مغرور آهي،
سامان ۽ تعمير تي مسرور آهي،
طوفان ۽ ڀونچال ٿا ٻوڙن مارن،
انسان اڃا ڪيترو مجبور آهي.

ڪٺور انسان اهو نٿو سوچي ته اهو وقت ڪڏهن به، ڪنهن به وقت ۽ ڪيڏيءَ مهل مٿس اچي سگهي ٿو. جزا سزا ۽ قيامت جو ڏينهن بلڪل موجود آهي، ليڪن اها به حقيقت آهي ته بداخلاقين ۽ براين جي سزا هِن دنيا ۾ پڻ ملي ٿي. اڄ جي غيرمحفوظ دور ۾ اسين جوهري هٿيارن سان ته ڀلي ليس آهيون، پر اخلاقي طور ڄامڙا آهيون. ڪو وقت هو، جو ماڻهو جهنگلي جانورن، جنن ۽ ڀوتن کان ڊڄندو هو. پر اڄ جو ماڻهو ته ماڻهوءَ کان ٿو ڪنبي ۽ لرزي. بقول استاد بخاريءَ جي ته
هن دور ۾ ڪهڙو رهيو حيوان جو ڊپ،
ڪنهن جِنَ، مَلَڪَ، ديو ۽ شيطانَ جو ڊپ،
الله کان انسان نه ٿو پيو لرزي،
انسان کي کائي ويو انسان جو ڊَپ.

دنيا جي اهڙين ڏکين حالتن ۾ اچو ته اسان اهڙي حڪمت عملي تيار ڪريون، جنهن ۾ محبت جو ڦهلاءُ ۽ امن جي ترغيب هجي. ويڇن لاءِ ڌڪار ۽ ڏاڍائيءَ ۽ افراتفريءَ خلاف سڏ هجي. اچو ته سڀ گڏجي انساني بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪريون. سڀني انسانن کي برابر سمجهون.
حقن جي ڇڪڻ کان اڳ پنهنجي فرضن جي پورائيءَ تي توجهه ڏيون. سوين منزله عمارتون کڙيون ڪرڻ سان اسين آسمانن جي بلندين کي ڇُهي نه سگهنداسين، بلڪه آسمانن جي وسعتن ۾ اسان جي جڳهه تڏهن پيدا ٿيندي، جڏهن اسين هن زمين جي ذري ذري سان پيار ڪنداسين. هن ڌرتيءَ تي اسان جي حياتي رب جي ڏنل امانت آهي، جيڪا هو پنهنجي مرضيءَ ۽ مختياريءَ سان ڪڏهن به واپس کڻي سگهي ٿو. پوءِ جڏهن اسان کي خود جي پَلَ جي به پڪ ڪونهي، ته هيڏا ٺٺ ٽانگر ڇو؟ هيڏيون ڪلفتون ۽ ويڇا ڇو؟ هيتريون بي حيائيون ۽ بداخلاقيون ڇو؟ فقط ۽ فقط ان ڪري جو اسين علمي ۽ روحاني طور مضبوط نه آهيون. جهالت جو انڌيرو، مايوسي، برائي، نيستي، ناڪامي ۽ نامرادي آهي. علم جي روشني اندر جو سوجهرو ۽ نور آهي.
هتي علم مان مراد فقط ڪاغذي ڊگريون ڪونهي، بلڪه باقاعده طور شعور، سمجهه، ايمانداري ۽ حب الوطني آهي. اهڙو علم جنهن ۾ هر ننڍو يا وڏو شخصي فائدي کان قومي فائدي کي ترجيح ڏيندڙ هجي. اهڙو علم، جيڪو خدا جي معرفت جو ذريعو هجي. اهڙو علم جو انساني اخلاقيات جو بنياد هجي.
انهيءَ جي لاءِ والدين، استادن، اديبن، عالمن، شاعرن ۽ ٻين ڪيترن مختلف علم ۽ فن جي ماهرن ۽ اڳواڻن جو اهو فرض آهي ته هو ملڪ ۽ قوم جي بهتر مستقبل يعني نوجوان نسل جي ترقيءَ تي سوچ ويچار ڪن. سندن ديني، علمي، هنري ۽ شخصي تعليم ۽ تربيت لاءِ اُپاءَ وٺن، خاص طور ادب جي وسيلي شاگردن کي معياري مطالعي جي طرف راغب ڪيو وڃي ۽ ادب جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ اڄ جي مؤثر ذريعي ميڊيا معرفت مهم هلائي وڃي ته جيئن ادب جي افاديت ۽ اهميت هن ڪمپيوٽر دور ۾ پڻ زور شور سان قائم رهي. جيستائين چڱو ادب ڇپبو رهبو، تيستائين انسانيت جو مستقبل اونداهو نه رهندو، سو سهل پسنديءَ مان ٻارن کي ڪڍي، زندگيءَ جي حاصلات جو معيار مطالعي ۽ محنت کي مقرر ڪرڻ گهرجي. محنت ئي مشڪلن جو حل ۽ محنت ئي حياتيءَ جو معراج آهي. شاعر چوي ٿو ته،
خلقت سُڏڪي گهرندي آهي،
صحت، دولت، شهرت عظمت،
قدرت مُرڪي چوندي آهي،
محڻت، محنت، محنت، محنت.

(استاد بخاري)