ٻاراڻو ادب
گڏيل هندوستان ۾ انگريز دور کان يعني 1853ع ۾ سنڌي - عربي رسم الخط ٺهڻ کان پوءِ ڪي ڪتاب خاص اهميت جوڳا ڇپيا، جن ۾ 1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ جو “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” 1855ع ۾ سيد ميران محمد شاهه جو، “سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو” جن سان ئي نثر ۾ ٻاراڻي ادب جي شروعات ٿي، هن دور ۾ ٻين جن ليکڪن لکيو انهن ۾ ديوان ننديرام مير چنداڻي جو “باب نامو” پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، ان کان سواءِ ڪيولرام سلامت راءِ، آخوند عبدالرحيم، ڏيارام گدومل، ڪوڙو مل چندن مل، اڌا رام ٿانور داس ۽ ٻين جو، ڪم ملي ٿو، ننديرام سيوهاڻي جو، “ايسپ جون آکاڻيون”، منشي اڌارام جو “طوطو مينا”، ڪيولرام سلامت راءِ جو ڪهاڻين جو مجموعو، “سوکڙي”، ڪوڙو مل جو “ٻاراڻيون آکاڻيون”، ڀيرو مل مهر چند جو ڪتاب “نو بهار” هڪ بهترين تصنيف آهي ته ڪشنچند بيوس جي قومي جذبي ۽ اخلاقي قدرن سان سينگاريل شاعري، “شيرين شعر” ٻاراڻي ادب ۾ هڪ اعليٰ مثال آهي.
محمد صديق مسافر جا، “ڦلداني” ۽ “سون” ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، ان کانسواءِ منگترام واسواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، جمع خان غريب، پرسرام ضياءَ، پرمانند ميوارام ۽ ٻين جو ڪم آهي، هندستان ۾ پوءِ جي دور ۾ هوند راج دکايل، هري دلگير، شيام جئسنگهائي، موتي پرڪاش، ڪلاپرڪاش، ڊاڪٽر هوندراج ٻلواڻي، ريٽا شاهاڻي ۽ ٻين ڪم ڪيو آهي.
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻو ادب 1947ع کان اڳ لکيو ويو آهي ۽ اڄ به لکجي رهيو آهي، اسان جا ڪيترائي وڏا ليکڪ هن ڏس ۾ هٿ ونڊائي رهيا آهن، جن ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو نالو اهم آهي، جنهن ٻاراڻي ادب ۾ بهترين ڪتاب جيئن “پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون”، “عجيب طلسم”، “لباخان درزي ۽ خليفو ڪهنگ، “جاڙا ڀائر”، “نيلو پکي”، “ٽي ديويا راڪاس”، “شيطان جي ناني” ۽ ٻيا ڪتاب لکيا، کانئن پوءِ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن ٻارن لاءِ آکاڻيون، ناول ۽ قصا لکيا ته شاعري به ڪئي ۽ ڪافي ماهوار رسالا پڻ ٻارن جا نڪرندڙ رهيا آهن، جيئن “گلستان” مقبول “ساٿي” اختر حسين سمون “گلزار سنڌي رسالو”، احسان لغاري، “گلڙا”، بشير ساگر، “روشن دنيا”، مير شاهنواز ٽالپر، “سنگتي”، خالد ڀٽي، “گل ڦل”، سنڌي ادبي بورڊ، “ٻارن جي سنگت”، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيا ڪجهه ماهوار، ٽه ماهي ۽ ڇهه ماهي رسالا آهن.
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منظم طريقي سان گڏيل ڪوششون ته عمل ۾ ڪونه آيون آهن پر انفرادي طور ڪيترن ئي ليکڪن هن ڏس ۾ ڪوششون سرانجام ڏنيون آهن، جن ۾ مٿي مرزا قليچ جي ڪاوشن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ان کان سواءِ اسان جي ٻين ڪيترن ئي اديبن جو پورهيو شامل آهي، جن ۾ “بلبل”، گرداس واڌواڻي، “سندباد ۽ هندباد”، محمد نواز بيگ، “ڌرتيءَ جا گل”، منظور ظفر، “سڀان جا ٻيجل”، سوسن مرزا، “سوني زنجير”، حميد سنڌي، “قيمتي ڪهاڻي”، ميمڻ عبدالمجيد، “مهاڻو ۽ جن”، بشير احمد ڀٽي، “گل بانو”، سليم هالائي، “شيخ چلي”، محمد بخش جوهر، “سونو ڪڪڙ”، اياز پاٽولي، “روشن تارا”، محمد عثمان ڏيپلائي، “اميدن جو آشيانو”، اعجاز حسين، “روشن تارا گيت ۽ ٻول”، محمد ابراهيم جويو، “رمون پيٽي”، اڪبر جسڪاڻي، “ٽم ٽم ٽانڊاڻا”، مختيار ملڪ، “مکڙين مالها”، ذوالفقار سيال، “ٻاراڻا گيت”، “استاد بخاري”، “پوپٽ رنگ، رنگيلا”، “جيجل جي هنج ۾”، خالد آزاد وگهيو، “ٻارن جون آکاڻيون”، الطاف شيخ، “مهڪار”، خليل عارف سومرو، “منهنجي ديس جا ٻار”، ذوالفقار سيال، “پتلين جو تماشو”، “روز ٽڙن رابيل”، ادل سومرو، “سنڌين لاءِ آکاڻيون”، مرزا مراد علي، “ٻار سنڌي ڪهاڻي”، وليرام ولڀ، “ٻارن لاءِ چونڊ آکاڻيون”، تنوير جوڻيجو، “اخلاقي قدر”، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، “ڪوڏ ۽ سپون”، نياز پنهور، “ڪرڻا ڪرڻا”، مقصود گل، “ماريه ميز لائبريري”، عابده گهانگهرو، “بيتن واري ناني”، اڪبر جسڪاڻي، “عقلمند ڪوئا”، دانيال طارق ۽ ٻيا به ڪافي ڪتاب آهن.
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ خاص طور اياز پاٽولي، پير مظهر الحق عرف ماماموجي (عبرت جو ٻارن جو صفحو سنڀاليندڙ) معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر ادل سومرو، تاج جويو، خالد آزاد، نجمه پنهور، غلام سرور لاکو، آغا تاج محمد، غلام مصطفيٰ سولنگي، سليم چنا، دادا سنڌي، فدا سرهيو، الطاف سومرو، عزيز ڪنگراڻي، ظفر عباسي، وليرام ولڀ، جمن احمداڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪم ڪيو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ 1973ع تائين ڪل 127 سنڌي ٻاراڻا ڪتاب ڇپيا، جي گلشن ادب ٽنڊو محمد خان سنڌي ادبي بورڊ، آر ايڇ احمد اينڊ برادرس ۽ ٻين ادارن شايع ڪيا، ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ ٻيا به ڪجهه ڪتاب شايع ڪيا لئنگويج اٿارٽي ۽ ڪلچر کاتي طرفان پڻ ڪجهه ڪتاب شايع ٿيا آهن.
هاڻي انهن ڇپيل ڪتابن جو معيار ڪهڙو آهي؟ ڇا انهيءَ سان هن موجوده جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ سنڌي ٻارن کي ڪجهه هڙ حاصل ٿي رهيو آهي؟ سندن ذهني، علمي، ديني ۽ ادبي اوسر ٿي رهي آهي؟ اهو سوچڻ گهرجي ۽ انهيءَ تي باقاعدي سيمينارن ڪرائڻ جي ضرورت آهي، هڪ مڪمل نيٽ ورڪ سان ٻاراڻي ادب جي لاءِ اجتماعي ڪوششون وٺڻ گهرجن، اسان وٽ سائنسي سوچ کي فروغ ڏيڻ وارن ٻاراڻي ادب جي ڪتابن جي کوٽ آهي، يا ديني معلومات لاءِ پڻ ڪتابن جي اهم ضرورت آهي، اردو ادب ۾ اشفاق احمد صاحب، “قصص الانبياءَ” جي عنوان سان 40 ننڍا ڪتاب ٻاراڻي ادب لاءِ لکيا آهن، ڇا اسان پنهنجي نئين نسل کي دين سان واقفيت ڏيرائڻ لاءِ انهي نموني جا ڪتاب نٿا آڻي سگهون.
سنڌي ادب جي ٻاراڻي ادب ۾ شاعريءَ جي ڪتابن جو انگ وڌيڪ آهي، نثر ۾ مختصر ڪتاب آهن، جن ۾ پڻ سائنسي ۽ علمي سوچ جي کوٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، هلندڙ دور ۾ زميني حقيقتن تي مشتمل ۽ موجوده وقت سان ٺهڪندڙ ڪهاڻين ۽ ٽاولن جي ضرورت آهي، علمي طور سٺن معلوماتي مضمونن جي پڻ. منهنجي مضمونن جي ڪتاب، “اخلاقي قدر”، نشينل بُڪ فائونڊيشن جي ٻاراڻي ادب جي مقابلي ۾ ميرٽ سرٽيفڪيٽ کنيو آهي، اخلاقي سماجي ۽ قومي ڄاڻ تي مشتمل ليکن جي اڄ وڏي ضرورت آهي.
انهي تي توجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسل جي علمي ۽ فڪري تربيت سهڻائيءَ سان عمل ۾ اچي.