ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

حَيف تنين هوءِ جن وطن وساريو / يا سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري

وطن جي حُب ايمان جي نشاني آهي، وطن جي حُب آزاديءَ جو سريلو گيت آهي، وطن جي حُب انساني ضمير جو آواز آهي، اهو وطن ئي آهي جنهن جي هنجهه ۾ ماڻهو پلي نپني وڏو ٿيئي ٿو. جتي جي هنڌن ماڳن ۽ ماڻهن سان سندس يادون وابسطه هجن ٿيون. هو حياتيءَ جي لاهن چاڙهن سبب ڀلي پنهنجي وطن کان پري به ٿيئي پر سندس دل ۽ دماغ هر وقت پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ واجهائيندو. جنهن انسان کي پنهنجي وطن سان محبت نه آهي اهو نڪ نرڄو ۽ بي حس آهي. تڏهن ته شاهه سائين چوي ٿو ته؛ “حيف تنين هوءِ جن وطن وساريو”. يا “سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري.”
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي لافاني شاعر پنهنجي سڄي رسالي ۾ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ مارئيءَ جي وطن سان محبت کي مڃتا ڏيندي هڪ مڪمل سُر “سُر مارئي” جي نالي سان رکي مارئيءَ جي ملير جي محبت کي مڃيو آهي.
مَحَلين ماندِي مارُئي، ڏِٺِيم مُنهن مَلُورُ،
اَڻَڀا سَڻَڀا نَه ڪَري، سُونهن وِڃايَس سُورَ،
پِيَسِ لوهَه، لَطيف چي، لٿس ڪَوڏ، ڪَپُور،
چِتَ جَنِين جا چُور، سي مَکي مَرَڪُ نه ڪَندِيُون.

(4- 7، مارئي)
آخر عمر بادشاهه مارئيءَ جي عزم ۽ استقلال اڳيان آڻ مڃي، کيس وطن واپس موڪليو.
ڪيترائي مثال اهڙا ملندا، جن ۾ ماڻهن پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون، سي رائيگان نه ويون ۽ سندن نالا تاريخ ۾ امر ٿي ويا. اهي ملڪ هميشه لاءِ غلاميءَ جي طوقن کان آزاد ٿيا. پر ڪي مثال اهڙن بدنامن جا به دنيا ۾ ظاهر ٿيا آهن، جن پئسي تي هرکجي ۽ وڪامجي ملڪن ۽ قومن جا ڪنڌَ جُهڪائي، انهن کي غلام ڪيو. انهيءَ غلاميءَ ۽ آزاديءَ جي پاڻ پتوڙيندڙ سرزمينن جا داستانَ جيڪڏهن لکڻ ويهجن ته ڪتابن جا ڪتاب لکجي وڃن. غدارن جو نالو هميشه لاءِ حقارت ۽ ذلت سان سڏبو آهي. جيئن، “جعفر ازبنگال، صادق از دکن، ننگ ملت، ننگ دين، ننگ وطن”.
حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي وطن (ڪنعان) کان پري ٿي، جڏهن مصر جو بادشاهه ٿو ٿئي تڏهن به کيس مصر جي بادشاهيءَ کان ڪنعان جي فقيري ڀلي ٿي لڳي، وطن جي مٽيءَ ۾ ربَّ پاڪ ڪا اهڙي خوشبو رکي آهي، جو جتي به انسان هوندو آهي، اتي کيس پنهنجي وطن لاءِ ڪشش محسوس ٿيندي آهي. پنهنجي وطن کان سوين ميل پري ماڻهوءَ جي اندر جا احساس ڇا هوندا آهن؟ اهو نقشو شاعرن تمام سهڻو چٽيو آهي ۽ خاص طور شاهه صاحب مارئيءَ جي روپ ۾ وطن جي حب کي اونچو مقام ڏيئي اَمَر ڪيو آهي. ماروئڙن وٽ پيل مينهن جي بوند به شاهه صاحب لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي. سنگهارن جي سک کي طلبيندڙ شاعر پٽن ۾ ان جي ارزان هئڻ جون دعائون ٿو گهري، سارنگ کي پارت ٿو ڪري ته “وطن وسائيج ته سنگهارن سک ٿئي” هو وطن وساريندڙن کي هٺ ڦٺِ ڪندي، ڄاڻائي ٿو ته هي ايماني جذبو تمام اتم آهي.
جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته؛ اها ڌرتي جنهن تي انسان پَلِي نِپني وڏو ٿو ٿئي، جتي سندس جيئندان جا گَسَ ٿا گهڙجن، جتي جو پاڻي سندس جسم ۾ رت ٿي ٿو ڊوڙي، جنهن وطن جي هنج ۾ هن پنهنجو ٻالڪپڻ ۽ جواني گذاريا هجن، جنهن سان سندس ڪيتريون ئي حسين يادون وابسته هجن ۽ پوءِ ڪنهن مجبوريءَ سان جيڪڏهن هو پري ٿئي ٿو ته ڄڻ سندس لاءِ آزمائش جو وقت اچي ٿو وڃي ۽ وري جڏهن وطن جا وڻ اکين ڏسي، پنهنجي ماروئڙن سان ٿو ملي، تڏهن ئي سندس سرير کي صحيح نموني شڪتي ۽ آسيس ٿي ملي.
سنڌ ڌرتيءَ تي رهندي، سنڌ جي مٽيءَ سان سچو رهڻ ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان سان وفادار رهڻ اسان جو بنيادي فرض هئڻ گهرجي، پر اسان مان ڪجهه منفي سوچ رکندڙ ايئن به چوندا آهن ته هن ديس اسان کي ڇا ڏنو آهي؟ ٻين ملڪن ۾ هي سک آهن يا فلاڻي ديس ۾ فلاڻيون الاڻيون سهولتون آهن. ها برابر! پر اسان هِنَ ديس کي ڇا ڏنو؟ ڇا اسين پنهنجا فرض ادا ڪري رهيا آهيون؟ ڇا حق ڇڪڻ کان اڳ ۾ اسان پنهنجو محاسبو ڪيو آهي؟ من ۾ مفتي ويهاري ضمير جي آواز تي لبيڪ چئي عملي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا آهن، جيڪي ديس جي لاءِ ڪارائتا به هجن ۽ اسين بنا ڪنهن نالي، ڏيکاءُ يا ڪنهن رياءُ ۽ لالچ جي ڪريون. ڇا اسان وطن جي محبت جي هن بي بها جذبي کي صرف اندر ۾ رکيو آهي؟ وطن ۽ وطن واسي ته اسان کان عملي مدد ٿا گهرن. هن عملي وايومنڊل جي ڪائنات ۾ هر ڪم جو واسطو عمل سان آهي. صرف دلي ۽ زباني محبت سان اسين وطن جا وارث ڪو نه سڏائينداسين، بلڪه ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ سان ئي هن ڌرتيءَ کي ڪامياب و ڪامران ڪري دنيا ۾ ڪنڌ کڻي سگهنداسين.
وطن جي حب ته انقلاب جو سريلو گيت آهي. هيءَ مقدس محبت ته محبوب جي مُرڪ جي معصوميت ۽ گلاب جي مهڪڻ جهڙي ۽ هر شيطاني جذبي کان عاري آهي. پوءِ اسان ڇو پنهنجي ملڪ کي نفرتن، نفاقن، عصيبتن، فرقن ۽ ٽولن ۾ ورهايو آهي؟ لسانيت، علاقائيت، فرقيواريت ڇو ملڪ جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي؟ ڇا اسان عملي طور چڱا انسان ٿيڻ جي ڪوشش نٿا ڪري سگهون؟ اچو ته سڀ نفرتون ۽ ويڇا وساري هڪ ٿي ثابت ڪريون ته سنڌ ڌرتي اسان جي آهي ۽ هي سڄو ملڪ اسان جو آهي ۽ وطن جي محبت ايمان جي نشاني آهي. اسين سڀ مسلمان آهيون، اسلام ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ايمان کي حاصل آهي. ايمان جي سلامتيءَ خاطر وطن کي ڇڏڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي. رسول پاڪ ﷺ جن مديني هجرت مهل، مڪي شريف ڏي منهن مبارڪ ڪري فرمايو ته “اي مڪه جيڪڏهن هجرت لاءِ خدا جو حڪم نه هجي ها ۽ ڪافر مون کي نه ستائين ها، ته هرگز توکي نه ڇڏيان ها. تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين” حضور سرور ڪائنات جن جي دل ۾ وطن جي محبت موجزن هئي، پر اسلام جي پکيڙڻ لاءِ هجرت ڪرڻ خدا پاڪ جي حڪم مطابق ضروري هئي. هن مثال مان اسلام ۾ وطن جي محبت جي جذبي جي خبر پوي ٿي. اها حقيقت آهي ته محبتن جي وڌڻ ۾ دوريون به خاص اهميت رکن ٿيون. جيترو وطن کان پري ٿبو، ايتروئي وطن جي حب من ۾ اتپن ٿيندي.
وطن جي حُبّ جي شروعات انهيءَ هنڌ کان ٿئي ٿي، جتي ماڻهو جنم وٺي ٿو، جنهن ۾ اهو پاڙو، ڳوٺ، شهر صوبو ۽ ملڪ اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ رهندي سنڌ جي محبت ڪَرَ کنئي بيٺي هوندي، پر جڏهن ملڪ کان ٻاهر وڃبو ته اسان جي سڃاڻپ پاڪستان هوندو. انهيءَ مهل علاقائي سڃاڻپ کان وڌيڪ قدر ملڪي شناخت جو هوندو آهي. ۽ جيڪڏهن ٻاهر پاڪستانين کي گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ته اندر ۾ شديد ڏک جو احساس ٿيندو آهي ۽ دل چاهيندي آهي ته پاڪستان جو نالو پوريءَ دنيا ۾ شانَ ۽ مانَ سان ورتو وڃي.
وطن جي آزاديءَ جي طلب رکندڙ سرفروش، سر ڏيئي سرهو ٿيڻ جو جذبو رکندڙ جڏهن اهو چوندا آهن ته “گدڙ جي سؤ سالن جي زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي حياتي بهتر آهي.” تڏهن هو ذاتي مفاد وساري، قومي مفاد کي ترجيح ڏيئي، ملڪ ۽ قوم لاءِ دل، جان ۽ مال قربان ڪندا آهن. پوءِ اهڙيون ئي قومون سربلنديءَ سان سرفراز ٿينديون آهن.
سُورِهِيه! مَرين سوڀَ کي، ته دِل جا وَهَمَ سَڀ وِسار،
هَڻُ ڀالا وِڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تيغ ترارِ، مارِ ته مَتارو ٿِيين.

(5- 5، ڪيڏارو)
اها وطن جي هنج آهي جنهن ۾ اسين محفوظ رهي روشن مستقبل جون اميدون اکين ۾ وسايون ٿا. جنهن ۾ اسان جا سپنا ساڀيان پائين ٿا. انهيءَ جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي همت اسان جي وڏي ننڍي کي خود ۾ پيدا ڪري. وطن جي هر شيءِ کي مقدس ۽ مٿانهون سمجهي مانائتو ڪرڻو آهي. واقعي وطن هڪ اهڙي روشني آهي جنهن جي چوگرد ڪئين سچا پروانا حياتيون ڏيڻ لاءِ آتا آهن. هي لاشڪ هڪ اعليٰ ۽ اتم جذبو ۽ اهم فطري عمل آهي ۽ انهيءَ جذبي سان سرشارن جي ئي دنيا ۾ عزت هُجي ٿي. کين محبت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. شيخ عبدالحليم جوش صاحب فرمائي ٿو ته:
وقار قوم جو، اسان جي ولولن جي دام ۾،
وطن جي آبرو، اسان جي ڪوششن جي جام ۾،
ملي اسان کي منزل مراد، گام گام ۾،
عمل جي راهه ۾ اوهين اڃا به تيز تر هلو!
اچو اچو، اي ساٿيو، وڌو وڌو اي دوستو!