ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

شاهه جي ڪلام ۾ جدوجهد

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏَهِن تَڏهن پِرينءَ کي،
ڏورِينديُون ڏِسَن، اَڱڻَ عجيبَن جا.

(7-1، حسيني)
همت، عزم ۽ جدوجهد واري، شاهه صاحب جي هن بيت موجب، باعمل ۽ اڻ ورچ انسان، مسلسل ۽ لاڳيتين ڪوششن سان نيٺ ته منزل مقصود حاصل ڪري ٿو.
شاهه ڀٽائي هڪ بي مثل شاعر هئڻ سان گڏ، هڪ ڪامل ۽ ڏاهو انسان هو. سندس ڪلام ۾ صاف ۽ سڌن لفظن ۾، ته گڏ تمثيلن ۽ علامتن جي اوٽ ۾، انساني زندگيءَ جي هر رخ جي مڪمل عڪاسي آهي. عملي زندگي ئي انساني حياتيءَ جو بنيادي حصو آهي. عمل کانسواءِ هن حياتي جي ڪا به وقعت ڪونهي. شاهه لطيف وٽ ڪمزور، ساده دل، بي وس پر باهمت ۽ باعمل انسانن جي لاءِ جيڪو احساس آهي. سو سندس شاعريءَ ۾ تمام اثرائتو چٽيل آهي. منڊي مورڙي جي سمجهه، سياڻپ ۽ همت ۾، بيوسيءَ جي باوجود مارئيءَ جي عزم ۽ استقلال ۾، سهڻيءَ جي ساده دليءَ ۽ جستجو جي جذبي ۾ ته خاص طور سسئي جي جدوجهد ۾، پاڻ اهڙا ته منظر پيش ڪيا اٿن جو عقل انساني اڄ ڏينهن تائين سندن ڪلام جي حيرت ۾ غلطان آهي. شاهه سائينءَ جا بيان ڪيل لوڪ ڪردار کانئن اڳ به قائم ۽ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو حصو هئا. پر ڀٽ ڌڻيءَ کين موتين جهڙن پُراثر لفظن ۽ سچن جذبن سان اهڙي ته اثرائتي نموني پيش ڪيو آهي، جو نه فقط اهي ڪردار امر ٿي ويا آهن پر انهن جي صداقتن جا جذبا هميشه لاءِ قائم ۽ دائم رهجي ويا آهن.
سسئيءَ جي تمثيل کي پنجن سرن ۾ لاڳيتو بيان ڪندي، پاڻ ڪٿي کيس ساراهي ٿو، ته ڪٿي کيس تنبيهون ۽ فهمائشون ٿو ڪري ته ڪڏهن کيس همتائيندي، لازوال مڃتا ٿو ڏئي.
“پڇن سي پسن” مان سندن مراد آهي ته جستجو، ڳولها ۽ اڻ ورڇ محنت ۽ “پسڻ” جو درجو آهي. اها حاصلات، عجيبن جي اڱڻ تي اهي ئي پهچنديون، جن جو “ڏورڻ” جو عمل هڪ ئي نقطي يعني “پرين پسڻ” جي گرد گهمندو، جڏهن سندن مقصد سچو هوندو ته واٽ پاڻيهي ملي ويندي. سسئيءَ کي ڪيترن ئي هنڌن تي اهڙيون هدايتون ڪيون اٿن جيئن:
“پيرين پنڌ وسار هل هينئين سين هوت ڏي.” “تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي”، “اول ۽ آخر آ هلڻ منهنجو هوت ڏي”، “ٿڪيائي ٿر ٿيلهه چڙهه چڪيائي چوٽئين”، “ويٺي ور نه پون ستي نه ملن سپرين”، “ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي”، پير پٽائي ڪونئرا، ڏونگر مٿي ڏي”، “ڏورڻ منجهان ڏس پونديئه هوت جو” ۽ ٻيا ڪيترائي بيت هن ڏس ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.
شاهه ڀٽائي فقط تنبيهون ۽ هدايتون نٿو ڪري ۽ نه ئي هو سمجهائڻ ۾ سخت ناصح وارو رويو اختيار ٿو ڪري، بلڪه شاهه صاحب ته تڪليفن کانپوءِ مليل مانَ، شانَ ۽ حاصلات کي املهه ڪري ٿو ڄاڻائي. وٽس حياتيءَ جي جدوجهد جا مقصد ۽ مليل حاصلات کليل ڪتاب وانگر آهن جڏهن مادي حياتيءَ جون هدايتون ۽ سمجهاڻيون ٿو ڏئي، تڏهن روحاني ۽ ابدي سڪون جا يقين به ٿو ڏياري. موت کي ماري مات ڪندڙ مقصدي حيات کي “حياتِ جاودان”، ٿو سڏي. فرمائي ٿو ته:
“ثمر جن نه ساڻ هوت حمايتي تن جو، ” ڏوريندن کان ڏور پرين پرانهون نه ٿيئي”، “جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آهي ساڻ تو”، “سوري آ سينگار اصل عاشقن جو”، ڏک سکن جي سونهن گهوريا ڏک سکن ريءَ، “منجهي هوند مياس پر سورن کڻي سونهون ڪيو.”
مطلب ته سڀني ڪوششن جو حاصل ضرور ملي ٿو. ايئن نه آهي ته ماڻهوءَ جون محنتون رائيگان ٿي ٿيون وڃن. بيشڪ اسان وٽ ظاهري اسباب نه هجن ته به نيڪ مقصدن ۽ سچاين جي لاءِ هوت حمايتي ٿي منزل تي پهچائيندو. عمل، جدوجهد ۽ قربانيءَ جون اعليٰ وصفون ئي عاشقن جي زندگي بامعنيٰ ٿيون بنائين. اڻ ورچ انسان ئي سماج جي سونهن آهن، ڏٺو وڃي ته فقط هڪ فرد جي سستي ۽ نااهلي به سماج لاءِ سخت هاڃيڪار آهي. حياتيءَ جي هر هڪ رخ کي جانچيو وڃي ته چاهي اهو عبادت هجي يا علم جي حاصلات، سياست هجي يا سماج سڌارڪ جا ڪم، رهبري هجي يا مزدوري، هر هڪ عمل سچائيءَ ۽ اخلاص سان گڏ، محنت جو محتاج آهي، جنهن جي لاءِ هميشه کان ڏاهن ۽ سڄاڻن سمجهايو آهي.
شاهه ڀٽائيءَ جي پياري فقير تمر کي سندس وڏن ننڍپڻ ۾ شاهه سائينءَ جي حوالي ڪيو هو. تمر فقير شاهه صاحب جي زير سايه رهيو، ان ڪري کيس شاعريءَ سان شغف هو. هو گنج جي ڪاتبن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جو ٿورو نمونو مليو آهي، مٿس شاهه جو گهڻو اثر آهي. هُن جدوجهد ۽ مسلسل محنت کي هن ريت مڃتا ڏني آهي.
گنگا ڀيٽي گومتي، سامي سير ٿيا،
ويراڳي واحد لاءِ، ڪنهن جنهن پهه پيا،
مٿي تيرٿ تمر جي، او واڪيندا ويا،
تن ڪاڇوٽين ڪيا، هڻي گس هنگلاج ڏي.(1)

مقصدي ۽ اڙانگا رستا اهي اختيار ڪندا آهن جن جي لاءِ سوري سيج ۽ مرڻ مشاهدو هوندو آهي. جن وٽ “ويجهو وڃ مَ واٽ ڪهج ڪواٽ ڏي” جو رستوئي سنئون رستو آهي. سسئيءَ جي اختيار ڪيل “ڪُواٽ” (پنهون لاءِ پنڌ) ڏکيو هوندي به سندس متاع حيات آهي، انهيءَ ڪري ان رستي تي ايندڙن کي به پلي ٿي ته متان منهنجي محبوب تي ڏمرڪن، سسئي جي واتان سندس اهو جذبو شاهه سائين هن ريت ٿو بيان ڪري.
سَرتِيون سُڄي سُڃَ، متان ڪا مُون سين هَلي،
پاڻي ناهِه، پَنڌُ گهڻو، اڳِيان رائو رُڳي رُڃَ
مَڇَڻُ مري اُڃ، ڪا ڏِئي پاراتو پرينءَ کي.
(1-8، حسيني)
زماني جي انڌي تقليد ڪندڙ عام ماڻهن جي بجاءِ سمجهو ۽ سڄاڻ حياتي گهارڻ لاءِ هڪ چونڊيل واٽ اختيار ڪندا آهن. بقول ڀٽ ڌڻي “لهوارو لوڪ وهي تون اوچو وهه اڀار” اها شعوري ۽ چونڊيل واٽ، اڙانگي هئڻ سان گڏ ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان سينگاريل هوندي آهي ۽ اهو مستحڪم رستو ربَّ جي ئي منشا مطابق هوندو آهي. ڇو جو باري تعاليٰ عام جي عبرت ۽ غور فڪر لاءِ پنهنجي خاص ٻانهن ذريعي اهي مثال قائم ڪرڻ چاهيندو آهي، جيئن ته ارادن جون مضبوطيون ۽ بلنديون چوڻ سان يا ذڪر ڪرڻ سان ڪو نه ملنديون آهن. “نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون” وانگر مقصد ۽ حاصلات به هِن هُن تي ڪم رکڻ سان ڪو نه ٿا ملن. اهي اوچا رستا ۽ اڙانگيون واٽون پار ڪرڻ لاءِ محنت ۽ مستقل مزاجي اختيار ڪرڻ اهم آهي. ان سان ئي انساني بقا ۽ جٽا قائم رهندي. فرمائي ٿو ته:
هِتان کَـڻي هُتِ جن رکيو سي رَسيُون،
ساڄن، سُونهن، سُرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.

(2-2، سسئي آبري)
شاهه سائين ته رڳو پڇا ڪرڻ کي به عبث ٿو ڄاڻي، ويهڻ کان هلڻ کي ترجيح ڏيندي چوي ٿو ته:
ويهُه مَ وساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جي،
نِرمل نِهاري، هلندِن تان هٿِ ڪيو.

(9-1، سسئي آبري)
يا
هَلُ ته هيڪاندي ٿِئين، ويهي وجهه مَ وير،
توڙي لَهين نه پير، ته پڻ راحتَ رِڙِهَڻَ ۾.

رڙهڻ ۾ راحت يعني ڪوشش، همت ۽ محنت جي تلقين ئي شاهه جو پيغام آهي. هن دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا امر انسان ٿي گذريا آهن جن جون مڪمل حياتيون مقصديت ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ جي خدمت ۾ صرف ٿيون. سندن نالا تاريخ جي سون ورنن ورقن ۾ هميشه لاءِ قائم رهجي ويا آهن. اهڙن املهه ماڻڪن مشڪلاتن جا منهن ڏٺا ۽ ناڪاميون ماڻڻ کانپوءِ ڪاميابيءَ ڏي گامزن ٿيا، پر ڪڏهن به ڪو نه گهٻرايا، ڇو ته ناڪاميون ئي ڪاميابيءَ جو نشان آهن.
انگريزي ۾ چوڻي آهي ته:
Do not be afraid of your first failure because it is your first step towards.
هن دنيا ۾ هر شخص کي پنهنجي عملي ڪار گذاريءَ سان رهڻو آهي. سڄي ڪائنات جيڪا گل گلزار لڳي ٿي، سا صرف عملي طور جدوجهد جي سبب سان ٿي آهي. رب پاڪ هر شخص کي سندس ذهني ۽ جسماني قوتن کان ڪم وٺڻ لاءِ موقعا مهيا ڪري ٿو ۽ اهو هر ڪنهن جي پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ محنتن و رياضتن تي منحصر آهي ته هو پنهنجو پاڻ مان، وقت مان ۽ پنهنجي ماحول مان ڪيترو ٿو پرائي.
ڪنهن به ميدان ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ سالها سال وڏن ڪشالن جي ضرورت به هجي ٿي. صحيح رهنمائي، سمجهه ۽ ڌيرج، سان گڏ جهد مسلسل ئي منزل جي حاصلات کي سهل ٿي بنائي. ڪو به ماڻهو يا ڪا به قوم تيستائين سر بلنديءَ سان همڪنار نٿي ٿئي، جيستائين هو پنهنجي پاڻ کي تج ڪري، سختيون سهائي، خداداد صلاحيتون اڳيان نٿي آڻي. زندگي ته تبديليءَ جي پيغام سان گڏ ئي انقلاب جو گس آهي انهي انقلاب کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ شاهه سائين هن ريت حڪم ڏنو آهي.
اڃا تون اُواٽ، واٽان پاسي ويسَرِي،
سونهين ٿيءُ سواٽ، ته منجهانُ دِلِ دَڳ لَهِين.

(6-9، ڪوهياري)
هن ڪائنات جي انساني ترقي يافته ڊوڙ جو سڄو عمل “پڇڻ”، “ڏورڻ” ۽ “پسڻ” جي روش جي چوگرد گهمي ٿو. هيءَ سڄي ترقي انهيءَ ئي نظريي مطابق ٿي آهي. شاهه سائينءَ کي خبر هئي ته، “ويٺن تان واري ورندي آهي.” “ترت تار اهي لنگهنديون جن جي اڪنڊ سچي هوندي.” هن دنيا جي هيءَ جديد ترقي، جيئن گهريلو آسائشن کان وٺي جنگي سازو سامان جي جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين، جيڪي اڳ ۾ ممڪن نه هو سو هاڻي ممڪن آهي، جيڪو هن وقت ناممڪن آهي، سو يقينًا ايندڙ وقت ۾ ممڪن هوندو. صرف ۽ صرف مٿئين فلسفي جي ڪري. معنيٰ ته اسان لاءِ اهوئي اهم آهي ته اسين مستقبل لاءِ پر اميد ۽ حال ۾ محنت ڪندڙ هجون. ڏورڻ ۽ پسڻ جي فلسفي تي غور ڪندي جستجو جاري رکون. بقول شاهه سائين:
جَبَل ماري جَکَ، جو آڏو آريچَنِ کي،
توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهندِيَسِ سِڪَ سين.

(5-8، ديسي)
اهڙو معاشرو ئي مهذب ۽ ترقي يافته سڏائڻ جي لائق آهي جنهن ۾ ڏکن، مفلسين ۽ جهالتن جون پاڙون پٽجي وڃن، جنهن ۾ تتيءَ ٿڌيءَ ويهڻ عبث هجي. هر ڪو ذي نفس مقصدي منزل لاءِ ڪاهيندڙ هجي. جتي باشعور فرد سجاڳ ٿي، ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هجن. جتي ماڻهو آزاديءَ جي نعمتن سان مالا مال هجن. جتي خودمختياريون ۽ خوشحاليون ڪر کڻي اچن ۽ رستن جون رڪاوٽون بي معنيٰ ۽ بي حيثيت ٿي وڃن. جتي هر فرد مقرر، چونڊيل مقصدي رستن ڏي همٿائيندڙ هجي ۽ اُتي محنتون مرادون ماڻين.
ڪنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
ويندي ڏانهن پِريَن، جتي جاتِ نه پائيان.

(3-10، معذوري)
شاهه سائينءَ اهڙن ئي سفرن ۽ ڪشالن جي هدايت ڪئي آهي سسئيءَ کي هڪ ئي وک ۾ پنڌ ڪرڻ جي تلقين ڪندي ڄاڻائين ٿا ته ڇوهه مان ڪاهي وڃ ته سفر ساعت ۾ پورو ٿئي. اهوئي همت ۽ جرئت جو لازوال طريقو آهي.
سؤُ ڪوهَه ڪري سَڀَڪا، تُون، کُهي کَـڻج وِکَ،
تاڻِج منجهان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀر نبري،

(9-9، سسئي آبري)
اڳيان سسئيءَ جي اڙانگي سفر کي هن ريت ٿا مڃتا ڏين:
کُهِي جا کَـنيائِين، وِکَ تنهين ويجهي ڪَئِي،
ڇِڪيءَ ڇِنائين، پَنڌ مِڙوئي پَٻَ جو.

(9-8، سسئي آبري)
انساني ڪوششن ۽ مسلسل ڪوششن کي هن دنيا ۾ ئي صلو ملي ٿو. وڏن انسانن جي “جيون چرتر” (حياتيءَ جو احوال) پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته اڻ ٿڪ محنتون ۽ رياضتون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون آهن. اسان کي هر دم دعاڳو رهڻ گهرجي ته اسان جون محنتون ڪامل ۽ هٺ کان پاڪ هجن. جيڪي ڌڻيءَ در اگهجن، انهيءَ لاءِ اسان کي ڀٽ ڌڻي هيءَ دعا ٿو ڄاڻائي:
جانِبَ! تُون جيڏو، اَهين شانَ شَعورَ سين،
مون تي ڪَرِ منهنجا پِرين! توهه تُسي تيڏو،
ايءَ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو، جئن نوازيم نگاهَ سين.
(2-1، سر بروو سنڌي)