ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

لطيف ۽ سچل جي ڪلام ۾ انسان شناسي

هن جڳ ۾ انسان فرد واحد بذات خود ڪجهه به نه آهي، جيڪي ڪجهه آهي، اهو آهي، “انسانيت جو واسو”. جو هن سماج جي لاءِ ۽ انسان ذات جي ڀليءَ اوسر لاءِ اهميت جوڳو آهي. دنيا ۾ هيستائين جيڪي به پيغمبر، ولي، نبي، دانشور، مفڪر، اديب، شاعر، آيا آهن سي سڀ ڄڻ هن دنيا جي سماجن لاءِ سماج سڌارڪ ٿي انساني برابريءَ کي قائم رکڻ جو پيغام کڻي آيا آهن ۽ انهن وقت به وقت پنهنجي پنهنجي نموني هڪ بهترين سماج جي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. انساني حقن جي سجاڳيءَ لاءِ مسلسل جدوجهدون ڪيون آهن ۽ جنهن جي لاءِ کين وڏيون تڪليفون پڻ وٺڻيون پيون. پر هو همٿ ۽ دلجمئيءَ سان پنهنجي اصولن تي قائم رهيا. اهڙن سماجي مفڪرن ۽ ماهرن ۾ سنڌ جي صوفي شاعرن جو وڏو حصو آهي، خاص طور هتي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جو ذڪر ڪجي ٿو، جن سنڌي سماج ۾ اڻ برابري ۽ استحصالي حالتن بابت شعور ڏنو.
لطيف سائين انسانيت جو علمبردار شاعر چئجي ته به بجا ٿيندو. سندس سڄي شاعري انسانيت جي شاعري آهي، جنهن جي هر لفظ ۾ انسان دوستي، جدوجهد ۽ خوشحاليءَ جا خواب ۽ امن جا پيغام آهن. سکن جي آرزوءَ سان گڏ ڏکن لاءِ بيزاري نه پر ڏکن کي ئي سکن جي اچڻ جو ڪارڻ ڄاڻايل آهي. هن وٽ سڄيءَ سنڌ لاءِ ته بي حساب پيار آهي، پر پوري عالم لاءِ نيڪ خواهشون ۽ سکن جي چاهنا آهي، چوي ٿو ته،
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(سارنگ 4-6)
سندس شاعري ڪنهن هڪ دؤر ۽ هڪ ماحول جي نه پر سنڌ جي تاريخ جي هر دؤر جو احاطو ڪيل ۽ هتان جي پَل پَل جي ڄاڻ ڏيندڙ آهي. هيءُ همه گير انسانيت جو پيام سنڌ جي هر باشندي ۾ بلا امتياز ۽ رنگ نسل جي مقبول آهي. لطيف جو جنم جنهن تاريخي دؤر ۾ ٿيو اهو جاگيرداراڻي نظام جو دؤر هو. پاڻ سنڌ جي پراڻي اوج واري تهذيب ۽ ثقافت جو نه فقط ڄاڻو هو پر خوشحال سنڌ جي ماضيءَ جي کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي، هن پنهنجي دؤر جي ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف ۽ ٻٽي طبقاتي نظام خلاف آواز اٿاريو. ماڻهن جي سورن کي سهندو ڏسڻ سندس لاءِ محال هو. هو اقتداري قوتن کان ڊڄندڙ نه هو. وٽس ڌن، دولت، اقتدار، طاقت، شان و شوڪت ۽ دٻدٻي کان وڌيڪ ماڻهپي ۽ انسانيت جي اهميت هئي. هو غير انساني روين ۽ استحصالي هٿڪنڊن کي نه صرف نفرت جوڳو ٿو قرار ڏئي پر هڪ درجو اڃا به وڌي کين بددعائون ٿو ڏئي، جو سندس نظر ۾ انسانيت دشمن انسان کي هن ڌرتيءَ تي هئڻ ۽ رهڻ جو ڪو به حق حاصل نه هئڻ گهرجي. اهڙي ماڻهن جو جيئڻ، هن زمين تي رهندڙن لاءِ هاڃيڪار آهي. فرمائي ٿو ته:
جن مهانگي لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، شال موذي سڀ مرن،
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چي سڀن، آهي آسرو تنهنجو.

(سر سارنگ 4-16)
لطيف جي سڄي شاعري انساني قدرن ۽ حقن جي پرچار آهي. وٽس انساني ترقيءَ لاءِ دعائون آهن. هُو انهن غريبن، ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جو ساٿي آهي، جي “آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏيهاڻي”، هُو نه امير امراءُ آهن ۽ نه ئي وڏو مال متاع رکندڙ آهن. لطيف سائينءَ جو. آواز پورهيتن جي سگهه آهي. لطيف کي خبر هئي ته ڀاڳ تي ڀاڙي ويهڻ وارا ويهي رهندا آهن، ان ڪري کين اڳيان وڌڻ جي ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات جي ڄاڻ ڏيڻ وقت جو تقاضو سمجهيائين. هن پنهنجي قومي، مزاحمتي، صوفياڻي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾ سڄيءَ انسانيت لاءِ اها پڪار ڏني ته بديءَ تي بڇ ڪريو، نيڪيءَ جي تلاش ڪريو، انسان دوست ٿيئو، عوام دوست ٿيئو، ڏاڍ آڏو نه جهڪو، آزاديءَ سان پيار ڪيو ۽ هڪ ٿيئو.
وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

هُو ماڻهنئان چوي ٿو ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جي لاءِ نٿو چوي. هُو فقط سنڌ جي ڳالهه نٿو ڪري، ڪُل عالم جي ڳالهه ٿو ڪري. هو هندو ۽ مسلم، عيسائي مطلب ڪنهن به مذهب جي ڳالهه نٿو ڪري. سندس مذهب فقط انسانيت آهي، لطيف هڪ ڪامل انسان ٿيڻ جو ڏس ٿو ڏئي، اهڙو ڪامل انسان، جنهن جي هر سوچ ۽ هر خيال ۾ انساني خوشحاليءَ جي چنتا هجي ۽ عملي طور عمل پيرا پڻ هجي. اهو ڪامل انسان، اگهن جي مدد ڪندڙ، بُکين ۽ بي پهچن جو ٻانهن ٻيلي هجي. سندس هر رويو هر عمل سچيءَ محبت جي جذبي سان سرشار هجي. اهڙو ڪامل انسان ئي انسان دوست آهي. بي ريا ۽ بي لالچي، اهڙن لاءِ چوي ٿو ته:
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي کڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ريءَ.

شاهه سائين صوفي بزرگ هو، صوفي ازم جو اهم متوئي انسان دوستي آهي. اهڙي انسان دوستي جنهن ۾ توهان مان ڪنهن کي به اهنج نه پهچي. بلڪه سڀني لاءِ لاءِ دعاڳو هجو. سُڪار جو گهرجائو هيءُ عظيم شاعر ڏيهه تان ڏک ۽ ڏولاوا لهڻ جو تمنا ئي آهي.
بَرَ وٺا، ٿَرَ وٺا، وٺي ڪَڇَ ڪنار،
پونياڙيءَ پٽن تي، ڏس! نايائُون نارَ،
سٻاجهي سَتارَ، لاٿا ڏرتَ ڏيهه تان.

(سارنگ 1-15)
پوري ڏيهه تان ڏک لهڻ، پوري عالم لاءِ آباد ٿيڻ جون دعائون گهرڻ ۽ ان جي صدقي سنڌ جي ستابي ٿيڻ جون دعائون گهرڻ. اها ئي سندس انسانيت لاءِ سچائي هئي. هو مذهبي پيشوائن جي روپ ۾ ٺڳن جي ٽولي کي چڱيءَ پر سڃاڻي ٿو ۽ سندن لاءِ چوي ٿو ته:
اورائين اوڄون ڪري، منجهايا مُلن،
سي پرينئون پاسي ٿيا، ٿا ڳهه ڳهه ڳالهيون ڪن،
ساهان اوڏا سپرين، لوچيو تان نه لهن،
دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مٺن جئن.

(يمن ڪلياڻ-5)
ايئن به چوي ٿو ته:
گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا.

انسان جي لاءِ، انسانيت جي ڀلي لاءِ اهم جذبو پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ سان پيار جو جذبو آهي. جو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان سچو ڪونهي، اهو پوءِ دنيا جي ڪنهن به سر زمين تي سچائيءَ سان رهي ڪونه سگهندو. شاهه لطيف انهيءَ لاءِ وڏي واڪي سمجهايو آهي ته:
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين هوءِ، وطن جن وساريو.

هن آدرشي انسان وٽ انسان دوستيءَ جو معيار سچ آهي. ڪوڙ ۽ ڪپت کان کيس نفرت آهي. سندس موجب ته، عشق ۾ سچائي گهرجي چاهي اهو عشق دين جو هجي يا دنيا جو، علم جو هجي يا عبادت جو، عشق الاهي هجي يا مجازي پر همٿ سان ۽ سچائيءَ سان ڪاهي وڃڻو آهي. سهڻيءَ کي تلقين ڪندي چوي ٿو ته:
عشق جنين کي آڪَرو، تُرهو مٿي تن،
جي ساهڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿيئي.

(سر سهڻي، 1-32)
همٿ ۽ جدوجهد، انساني ترقيءَ جا اهم اهڃاڻ آهن. لطيف سائينءَ موجب ته:
جبل ماري جَکَ، جو اوڏو آريچَنِ کي،
توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهنديس سِڪَ سين.

(ديسي، 5-8)
ڏورڻ، پسڻ ۽ جستجو اهو ئي فلسفو آهي انساني زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو، ويٺن تان واري ورندي. اهڙو سماج ئي اڳيان وڌنڌو ۽ مهذب سڏرائيندو جتي ڏکن، مفلسين ۽ جهالتن جون پاڙون پٽجي وڃن. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جا بجا اهڙيون هدايتون ڪيون آهن ۽ سڄيءَ دنيا جي لاءِ دعائون گهريون ۽ انسان ذات کي هاڪاري روين لاءِ همٿايو آهي.
شاهه لطيف جيان ئي اسان جي ٻي اهم شاعر حضرت سچل سرمست جو ذڪر هتي ڪنداسين، جنهن جيڪو اظهاريو اهوسچ ئي سچ ٿي آيو. هُو سنڌي زبان جو هڪ اعليٰ پايي جو صوفي شاعر آهي. هن جيڪي جرئت، همٿ ۽ بي باڪيءَ سان پنهنجي شاعريءَ معرفت حق شناسيءَ جا سبق ڏنا سي سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ هڪ اڻ مُلهه سرمايو آهن. هو انسان جي انفرادي حيثيت کي امر ۽ اعليٰ بنائڻ جو سبق ٿو ڏئي. سچل سائين حق جو طالبو، حق جو پارکو ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو سبق ڏيڻ سان گڏ خودشناس، خدا شناس ۽ انسان شناس آهي.
خود شناس و خود شناس و خود شناس،
دو پرڪن از خويشتن اين عبدي لباس.

هو ظاهر ظهور پاڻ سڃاڻڻ يعني “پرڀو سڃاڻڻ” تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. سندس موجب ته پهرين پاڻ کي سڃاڻو، جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻي ٿو تڏهن کيس انساني قوتن، خيالن ۽ شيطاني غلبن جي ڄاڻ پوي ٿي، پوءِ ئي دنيا کي به سمجهي سگهي ٿو ۽ ٻين کي ڪاراهه سُجهائي سگهي ٿو. انساني زندگيءَ ۾ نفس جو ضابطو ئي سندس اصل امتحان آهي. دنيا جا وڏا انسان جيڪي به ٿي گذريا آهن انهن سڀني نيڪ خيالن ۽ سوچن ۽ نيڪ عملن کي حياتيءَ ۾ ترجيح ڏني آهي، جن سان ڪل ڪائنات ۾ ڀلايون ۽ ڀال ٿين. سچل سائينءَ جو شمار پڻ اهڙن نيڪ انسانن ۾ ٿئي ٿو. هن بي باڪيءَ ۽ رنديءَ جي عالم ۾ صوفياڻي شاعري پيش ڪئي آهي. اها درد و سوز، فراق ۽ جدائيءَ جو اثر انگيز بيان ته آهي ئي آهي، پر ان ۾ هُن انسان شناسيءَ جو ڳوڙهو اڀياس پيش ڪيو آهي. جنهن جو وڏو ثبوت انهيءَ پيشڪش ۾ جرائت مندانه سچائيءَ جي انتها آهي. سندس فلسفو ۽ فڪر تصوف سان ٽمٽار آهي، ۽ هو انسان سان محبت جو قائل ۽ ساڻس ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي ته، “سچل سرمست رحه انسان جي عظمت جو پرچارڪ ۽ حامي هو، اهو ئي سبب آهي جو انسانيت کي ڇيهو رسائيندڙ رسمن ۽ رواجن خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي، هن ڀير تي ڏونڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيو، انسانن کي پاڻ سڃاڻڻ وارو سبق ڏيندي غلامي ۽ ٻانهپ واري ذلت ڀري زندگي کان ڇوٽڪارو ڏياري کين عظمت ڏياري.”
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،
پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو،
وهم “سچل” ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.
سچل جو فڪر خوديءَ کي ماري پنهنجي نفس کي سڃاڻڻ جو آهي. هو سهڻائيءَ سان پنهنجي رب کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو ته اهو ئي حق جي وحدت جو وجود آهي. پروفيسر عطا محمد حامي چوي ٿو ته:
سو سچل سرمست صوفي، سنڌ جو سردار هو،
وقت جو منصور بيشڪ، مرد منصبدار هو.
سربسر ثابت ڪيو، جنهن حق جي وحدت جو وجود،
جنهن صفا ٽوڙي ڇڏيو، باطل جي رسمن جو نمود.
(حامي)
سچل سائينءَ، ڀٽائي صاحب جي سندن لاءِ ڪيل پيشنگوئي ته “جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو” جو عملي ثبوت ڏنو. کلي عام تصوف جي فلسفي جي پچار ڪئي ۽ حق جو هوڪو ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ عشق حقيقي جا جلوا آهن، مٿس شيخ فريد الدين عطار ۽ شمس تبريز جي فلسفي جو اثر آهي. فارسي شاعريءَ ۾ شيخ فريد کان گهڻو متاثر آهي. ان ڪري سچل سرمست کي “سنڌ جو عطار” سڏيو وڃي ٿو.
هي عظيم سماجي مفڪر، مذهبي فرقه پرستي ۽ دشمنيءَ جي ظاهر ظهور خلاف هو. وٽس هندوئن ۽ مسلمانن ۾ ڪو به ويڇو نه هو، چوي ٿو:
رام رحيم هِڪوهڪ سمجهين، موج محبت ماڻين،
ڪافر مومن گبر نصارو غير گمان نه آڻين،
خلق الانسان عليٰ صورت ٻول اهو ڄاڻين.

شاهه عبداللطيف جو ڪلام سچل سائينءَ کان اڳ جو آهي جو يقيناً وٽس پهتو. ان ڪري لازمي آهي ته سندس فڪر تي لطيف سائينءَ جو اثر ٿيو پر ته به سچل جي شاعريءَ جو جداگانه انداز آهي ۽ هن بيتن کان سواءِ ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل، مداحون، مرثيا، مناجاتون، قطعا، رباعيون، ڪبت ۽ جهولڻا چيا. گڏ گهڙوليءَ جي صنف جو موجد پڻ آهي. سندس شاعري سنڌيءَ سان گڏ، اردو، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ ملي ٿي، سچل جي سنڌي شاعريءَ کي پهرين عثمان علي انصاري جمع ڪري “سچل جو رسالو” جي عنوان سان شايع ڪرايو، سندس ڪلام سُرن ۾ ترتيب ڏنل آهي.
انسانيت جو آواز ٿي سچل جي شاعريءَ ڪيترن هندن کي مسلمانن جي ويجهو آندو. مذهب جي ظاهري نمونن ملڪ ۾ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو هو. هوانسانيت جي اصل مقصد کان هٽي ويا هئا. پنهنجي حق جي هوڪن سان، سچل ڄاڻايو ته مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا آهن. عشق وارا عمل کي اوڏا اچن اهو ئي رستو آهي، محبتن ونڊڻ جو. هو سر سارنگ وسيلي سڀني جي لاءِ موليٰ جي مهر مڱي ٿو.
پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار،
وڄن ۽ وڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار،
اُڀي کي آبيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار،
ساوا ٿيا سنگهار، موليٰ سنديءَ مهر سان.

مطلب ته حضرت سچل سرمست ۽ لطيف سائينءَ جو ڪلام انسانيت جي ڀلائيءَ ۽انسان شناسيءَ جي اُپٽار سان ٽمٽار آهي، هوٻئي تصوف جي راهه جا راهي رهيا. جيئن ته، صوفي با عمل ۽ برسر روزگار مجاهد هوندو آهي ۽ نه ئي هو نذرانا قبول ڪندو آهي. بلڪه سندن فقير پورهيو ڪري صوفي خانقاهون هلائيندا آهن. شاهه جا فقير ڪراڙ ڍنڍ جي پاڻيءَ تي پوکي ڪري زمين آباد ڪندا هئا ۽ سچل سرمست درازن جي درگاهه جو مهتمم هو ۽ اڄ درازن جي درگاهه کي اهو اعزاز حاصل آهي، جو پنهنجي خليفي جي نالي تي مشهور آهي. هنن صوفي بزرگ شاعرن انسان دوستي، ڀائيچاري ۽ تشدد کان بچاءَ جي تعليم ڏني ۽ پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ اهي مثال قائم ڪيائون.