ڪالم / مضمون

گلدستو

ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ڪتاب جي ليکڪا ”مضمون نويسيءَ جو تعارف“، ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي“ ۽ ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“ جي عنوان تحت مضمون نويسيءَ جي اهميت کي واضح ڪيو آهي، جيڪا بذاتِ خود هڪ بھترين تحرير آهي، جيڪا عالمي ۽ سنڌ جي ادبي حوالن سان ڀرپور هڪ تحقيقي ڪاوش آهي. هن ڪتاب کي مختلف عنوانن تحت ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ علم، ادب، پھاڪن ۽ چوڻين، سوانح ۽ ٻين ڪيترن متفرقہ موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن.

Title Cover of book گلدستو

سنڌ جي تعليم جو معيار، ڪاپي ڪلچر ۽ تباهي؟

علم معنيٰ ڄاڻ، معلومات، سگهه، شعور ۽ اهو فهم جيڪو اسان کي صحيح دڳ تي لائي. جيئن زمين جي سرسبز ٿيڻ لاءِ آسماني بارشن جي ضرورت اهم آهي. اهڙيءَ ريت انساني ذهن لاءِ علم جي سوجهري جي ضرورت هر نقطئه نظر کان اهم آهي. علم هڪ لازوال دولت ۽ انسان جي اندر جو سوجهرو آهي. هن ڄاڻ جي سمنڊ جو ڪو به انت ڪونهي. سڄيءَ دنيا جي ترقيءَ جو دارو مدار علم جي وسعت تي آهي. ۽ تعليم حاصل ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي، چاهي اها عورت هجي يا مرد. “تعليم سڀن لاءِ” جو سلوگن ته اسان جي ملڪ ۾ هلي ٿو پر ڇا انهيءَ تي غور ڪيون ٿا ته اها تعليم اسان جو ملڪ هر صوبي ۾، هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾ ۽ هر وستيءَ واهڻ ۾ مهيا ڪري رهيو آهي؟ جڏهن علم ڪوڙ ۽ سچ، نيڪي ۽ بدي، گناهه ۽ ثواب، سونهن ۽ ڪوجهائپ، ترقي ۽ تنزلي، حيوانيت ۽ انسانيت جا فرق سمجهائي ٿو ته ڇا اها تعليم اهڙيءَ ريت اسان جي ايندڙ نسل کي ملي رهي آهي. جو هو اهي فرق سمجهي ۽ انهيءَ تي عمل ڪري ماڻهپي جي قدر و قيمت کان واقف ٿين، پنهنجي حياتي به سڌارين ته ايندڙ نسلن لاءِ به ڪارائتا ٿين؟ ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جي ترقي جڏهن تعليم سان ئي ممڪن آهي، تڏهن ڇا سنڌ ڌرتيءَ جي تعليمي معيار جي لاءِ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته سنڌ واسي پنهنجي ايندڙ نسل جي تعليمي معيار کان مطمئن آهن؟
مان سمجهان ٿي ته بلڪل نه، هن دؤر ۾ اڪثر والدين پنهنجي اولاد جي تعليمي معيار جي لاءِ فڪرمند آهن، هو چاهين ٿا ته سندن ٻار جديد سهوليتن سان واڳيل تعليم حاصل ڪن. هو دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلن. کين هن اليڪٽرانڪ دؤر ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ذريعي پاڙهيو وڃي. اڄ جي دؤر ۾ جڏهن بيروزگاري، سفارشي ماحول ۽ ڪرپشن ملڪ جو وايو منڊل ڦيرائي ڇڏيو آهي تڏهن گهڻا سرنديءَ وارا ته چاهين ٿا ته سندن ذهين اولاد هتي ضايع ٿيڻ جي بجاءِ ٻاهرين ملڪ پڙهي، جتي تعليم سان گڏ روزگار پڻ موجود آهي. ته تعليم پڻ معياري آهي، پر انهيءَ لاءِ وڏي ناڻي جي گهرج آهي ۽ اهڙن ٻارن جو بنياد گهڻو مضبوط هئڻ به ضروري آهي. ان ڪري حيثيت وارا والدين پنهنجي ٻارن کي شروع کان مهانگن اسڪولن ۾ وڏين فين ۽ ٽيوشنن سان تعليم ڏيارين ٿا ته جيئن سندن ٻار هر مضمون ۾ ڀڙ ٿين ۽ کين انهيءَ لاءِ ڪيترو به خرچ ڪرڻو پوي اهو خرچ هُو ڪن. موجوده وقت سنڌ جي وڏن شهرن جي وڏن اسڪولن مان ڪيترائي شاگرد ڪيريئر ڪائونسلرز ۽ مختلف ادارن ذريعي ٻاهر تعليم لاءِ وڃي رهيا آهن. آخر ڇو؟ ڇا اسان کين اهڙو ماحول ملڪي ليول تي مهيا ڪري نه ڏيئي رهيا آهيون؟ جواب ملندو ته ها بلڪل! اسان جي گورنمينٽ جي ادارن جو حال پورو سورو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم طرفان پراڻا ڇپيل ڪتاب جيڪي ڪنهن به حالت ۾ موجوده وقت سان اپ ڊيٽ ڪونه آهن، حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص جي مئٽرڪ ۽ انٽر جي امتحاني بورڊن جو به حال ڪو بهتر ڪونهي. امتحاني طريقيڪار ۾ گهڻيون ڪوششون وٺڻ جي باوجود ڪا به بهتري خاص نظر نٿي اچي، اهو ئي “فائيو ايئرز” جي پيپرز Solve ڪرڻ وارو طريقو، اهو ئي ساڳيو پيپر وٺڻ جو طريقو، جنهن ۾ ڪيترن هنڌن تي پيپرز آئوٽ ٿي وڃن ٿا ۽ ساڳيءَ ريت پيپرز چيڪ ڪرڻ وارن استادن کي سينٽرل اسيسمينٽ ۾ 40 ڪاپيون هڪ ڏينهن ۾ چيڪ ڪرڻيون آهن جيڪي معياري طور چيڪ نٿيون ٿي سگهن ۽ ان کانپوءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن جي يونينن جي هر هنڌ مداخلت موجود آهي امتحاني سينٽرز جي ٻاهران بيٺل پوليس اهلڪار، شاگردن جا والدين، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ملازم مطلب ته ڄڻ سڀ انهيءَ امتحاني شو ۾ هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن. ڪنهن به قسم جي ڪا به ايمانداري ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اهي ٽيمون، اهي ڇاپا؟ ايترو خرچ امتحاني طريقي تي؟ انهيءَ کان بهتر آهي ته شاگردن جو نصاب ايترو ته مشڪل ڪري ڇڏجي جو هُو ڀلي ڪتاب ڏسي امتحان ڏين پر پوءِ به پاس ته ڪري ڏيکارين! ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪتابن جي بجاءِ ٻاهرين ملڪن جيان سڀ تعليم انٽر نيٽ تي ڪري ڇڏجي ته وڏي بهتري اچي سگهي ٿي پر اهو سڀ شهرن ۾ ممڪن آهي، ٻهراڙين ۾ مشڪل به ٿي سگهي ٿو. اسان جي وڏي آبادي ٻهراڙين ۾ آهي، جتي جي تعليم جي ٻيڙي بلڪل ٻڏل آهي. فقط نوان اسڪول کولڻ ۽ عملو رکڻ حل نه آهي. سول سوسائٽي، والدين ۽ استادن جو گڏيل سهڪار هجي تڏهن ئي هن ڏس ۾ ڪو ٻوٽو ٻري سگهي ٿو. ملڪ ۾ امن امان جو مسئلو پڻ تعليم جي عام ڪرڻ سان ڪجهه حد تائين حل ٿي سگهي ٿو. سماجي ادارن (NGOs) کي پڻ هن ڏس ۾ هنگامي بنيادن تي جوڳا اُپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي. تعليم هڪ قومي فرض آهي ۽ ان جي نظام جي بهتري حڪومت جي اهم ذميواري آهي. اڄڪلهه جي حالتن موجب ملڪي بجيٽ ۾ پڻ تعليم جي ڏس ۾ جهجهو پئسو رکيو وڃي پيو پر ان جي صحيح استعمال تي ڌيان ڌريو وڃي.
پاڪستان جي ٻين صوبن جي نسبت سنڌ جي تعليم جو معيار ڪافي گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي تعليمي معيار جي ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن، اهو ڪو هڪ ڏينهن ۾ هيٺ نه لٿو آهي پر آهستي آهستي ايئن ٿيندو رهيو آهي. جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن کان يونيورسٽيءَ جي سطح تائين اسان کي ڪيترائي اهڙا خال ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڀرجڻ ناممڪن ته نه، پر مشڪل ضرور آهن. اسان جي تعليم جو طبقاتي نظام آهي جيڪو ڪجهه حد تائين پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ پڻ آهي پر سنڌ ۾ اهو ڪجهه سرس حد تائين آهي، اسڪول ايجوڪيشن کان ئي گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز ۾ اسڪول ورهايل آهن. هاڻي ڪيترن وڏن شهرن ۾ مختلف ماڻهن، جماعتن ۽ ادارن طرفان پرائيويٽ اسڪولن جو هڪ نه کٽندڙ ڄار آهي، جنهن ۾ پڻ درجابندي ٿيل آهي. هڪڙا تمام هاءِ ليول جا اسڪول آهن جن ۾ داخلا لاءِ پڻ وڏي مئرٽ ۽ وڏي سفارش درڪار آهي. جن جون فيسون ڪنهن متوسط طبقي جي گهرو خرچ برابر آهن ۽ ٻئي نمبر تي اهي اسڪول آهن جن جا ڪيترائي يونٽ مختلف شهرن ۾ ڪم ڪن پيا ۽ انهن جون فيسون به چڱيون خاصيون آهن ۽ اهي به نالي چڙهيا اسڪول آهن. ٽئين نمبر تي پرائيويٽ اسڪولن جو اهو درجو آهي، جن جون فيسون ڪجهه حد تائين مناسب آهن پر نه پڙهائيءَ جو معيار آهي ۽ نه ئي اسڪولن جون عمارتون اهڙيون هجن ٿيون، جن کي اسڪول لاءِ معياري قرار ڏجي ته استاد پڻ محدود پگهار تي مقرر آهن جي اڪثر وڌيڪ پگهار لاءِ اسڪول تبديل ڪندڙ پڻ آهن. اهڙن اسڪولن جو انگ سنڌ ۾ تمام گهڻو آهي جن ۾ ٻارن جو وڏو طبقو پڙهي ٿو، ڇو جو اهي گهڻي شهري آباديءَ جي پهچ مطابق آهن. هاڻي اسان گورنمينٽ اسڪولن جي ڳالهه ڪنداسين ته هيڪاري هانءُ سڙي ويندو. گورنمينٽ اسڪولن جو وڏو انگ پاڪستان ۾ موجود آهي، پر انهن جي تعليمي معيار جي لاءِ افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته مناسب نه آهي. سنڌ ۾ پڻ حڪومت هر وڏي شهر سميت ڪيترن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ انيڪ اسڪول کوليا آهن جن جي نه صحيح پرگهور ٿيئي ٿي ۽ نه ئي اُتي ڪي قابل استاد آهن، پر عمارتون گهڻي ڀاڱي سٺيون ۽ جهجهيون موجود آهن، جو اسان جي آفيسرن جو گهڻو زور سول ورڪ تي آهي. اصل ضرورت آهي ته سڀني معاملن کي ڏٺو وڃي، سٺا استاد، سٺن پگهارن تي هجن، مانيٽرنگ ٽيمون هجن، ٻارن جي حاضري يقيني بڻائجي ۽ ڪتاب انهن جي معيار مطابق هجن. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پڻ هن ڏس ۾ ڪو صحيح ڪم نه پيو ڪري، اسان جو فرسوده نصاب ۽ ڪتابن جي بوڇاڙ، هن جديد دور ۾ ٻارن کي ڪجهه ڏيئي ڪونه سگهندي. (نصابي ڪتابن جي معيار تي ته هڪ الڳ مقالو هئڻ گهرجي.هن هڪ مختصر مضمون ۾ انهيءَ جي وضاحت نٿي ٿي سگهي.) نصابي ڪميٽين جا ماهر اهڙا شخص رکيا وڃن ٿا جيڪي پاڻ به جديد وقت سان گڏ هلي سگهڻ جي قابل نه آهن. پوين چند ڏهاڪن کان ڏسنداسين ته سنڌ جي وڏ وزارت تي پڻ موجود رهندڙن هن ڏس ۾ ڪو ڏيئو نه ٻاريو. تعليم کاتي جي وزيرن ۽ تعليم جي سيڪريٽرين تعليم جي تباهيءَ کي تسليم پڻ ڪيو آهي ۽ ڪجهه بهتريءَ جون به دعوائون ڪيون آهن، تعليمي ايمرجنسيون لڳائڻ يا بايو ميٽرڪ کي عمل ۾ آڻڻ سان بيشڪ ڪجهه فائدا ٿيا آهن. پر اهڙو ڪو خاص ٻوٽو ڪونه ٻريو آهي، انهيءَ ڪري جو هتي هيٺان کان مٿي تائين سياسي مداخلت، ڪرپشن، اقربا پروري ۽ بدديانتيءَ جو راڄ آهي. جائز ڪمن ۾ دير ۽ غيرضروري ۽ ناجائز ڪم جلدي ٿي وڃن ٿا، پر پوئين دؤر ۾ ڪيترائي استاد سياسي طور ڀرتي ٿيا. ۽ ڪيترائي تعليمي آفيسرز جيئن ڊي اي او، اي ڊي اوز ۽ ريجنل ڊائريڪٽرز سفارشن ۽ سياسي مداخلتن سبب ڀرتي ۽ ٽرانسفرز ڪيا وڃن ٿا.
نور سنڌي 31 مئي 2017ع جي عبرت اخبار ۾ لکيو آهي ته: “سنڌ ۾ رپورٽ موجب 46480 گورنمينٽ اسڪول آهن، جن مان تقريباً ساڍا ڇهه هزار اسڪول بند آهن. ضلعي دادو ۾ 186، بدين ۾ 277، گهوٽڪي ۾ 139، حيدرآباد ۾ 30، جيڪب آباد ۾ 76، ڪراچيءَ ۾ 20، ڪشمور ۾ 291، خيرپور ميرس ۾ 337، لاڙڪاڻي ۾ 17، ميرپورخاص ۾ 359، مٽياري ۾ 81، نوشهروفيروز ۾ 210 ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ ڪيئي اسڪول بند آهن. بايو ميٽرڪ ذريعن موجب سنڌ ۾ تقريباً 6304 اهڙا استاد آهن جيڪي ڊيوٽي نه پيا ڪن. 5126 کان وڌيڪ استادن جو ڪو ڏس پتو ئي نه آهي ته هو ڪٿي آهن؟
مٿين رپورٽ تازي آيل آهي، هاڻي جي ڏسجي ته انهيءَ کان اڳ حالت ان کان به جري هئي، ڇو جو اسان وٽ گذريل چاليهن سالن کان هڪ پلاننگ تحت سنڌ جي تعليم کي ٻئي درجي جو ڪرڻ جون ڪوششون عمل ۾ اينديون رهيون آهن. يونيورسٽين ۾ مختلف تنظيمن وسيلي پڙهائيءَ جي عمل جي تڏا ويڙهه ڪرائي ويئي. ساڳيءَ ريت ڪاليج ايجوڪيشن ۾ پڻ تنظيمي ۽ سياسي مداخلت جو عمل دخل رهيو. اسڪول ايجوڪيشن ۾ ٻاهرين ملڪن جون امداد گهڻيون شامل رهيون آهن، جنهن ڪري پئسو وڌيڪ رهيو آهي، پر استعمال صحيح نه رهيو آهي، رڳو ماسترن ۽ ماسترياڻين جي ڀرتيءَ تي زور آهي ۽ اسڪولن جي عمارتن جي ڪنسٽرڪشن تي ڌيان وڌيڪ آهي. جڏهن ته وڻن جي ڇانون هيٺ به تعليم حاصل ڪري اسان جي وڏن ملڪ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ هو پنهنجي علمي ۽ شخصي ڪردار جا مثال ڇڏي ويا.
سنڌ جي تعليم جو معيار جو ماضيءَ ۾ هو اهو اڄ نه آهي، جڏهن ته اُنهيءَ دؤر ۾ اهي سهوليتون نه هيون جي موجوده وقت ۾ موجود آهن، ها! پر ايترو ضرور آهي ته جديد دؤر مقابلي جو دؤر آهي، اڄ هر گهر جو ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪيترائي سنڌي ٻاهرين ملڪن ۾ ذاتي خرچ تي يا اسڪالرشپس تي اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن، جن ۾ نياڻين جو انگ به شامل آهي. ۽ ڪيترائي سنڌي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، بيورو ڪريٽس، بئريسٽرز، ٻين فليڊس جا ماهر ملڪ ۾ توڙي ٻاهر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. يقيناً سندن تعليم جي انهن مرحلن ۾ انفرادي طور ذاتي محنت ۽ شوق سان گڏ، والدين جي همٿ افزائي دُعائون ۽ قابل استادن جي رهنمائي شامل آهي، پر اڃان به وڏين ڪوششن جي ضرورت آهي. اهڙن قابل شاگردن ۾ اسان کي اضافو آڻڻو آهي ۽ سؤ سيڪڙو شاندار شاگرد سنڌ مان پيدا ڪرڻا آهن، جن سان هن ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا کي چار چنڊ لڳي وڃن ۽ سنڌ واسي پوريءَ دنيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ٿي سڃاتا وڃن. انهيءَ لاءِ انفرادي ڪوششن سان گڏ اجتماعي ڪوششن جي وڌيڪ ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ حڪومت معرفت علمي معيار کي پوريءَ سنڌ ۾ وڌائڻو پوندو. پوءِ ئي اسين فخر سان چئي سگهنداسين ته تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل سنڌ جي تعليم کي اسان عروج تي پهچايو. تعليمي ترقيءَ جي لاءِ چند تجويزون هيٺ پيش ڪجن ٿيون.
(1) اڄ جو شاگرد وڏي مقابلي جي فضا ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. کيس همٿائڻ تمام ضروري آهي مختلف مدن ۾ کين اسڪالرشپون ۽ انعام ڏيڻ گهرجن.
(2) سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ تعليمي فرق کي جيترو ٿي سگهي مٽائي هِڪَ ڪَرو ڪيو وڃي.
(3) تعليمي نصاب کي تمام بهتر نموني سان تبديل ڪيو وڃي، پوريءَ دنيا جي ادارن کان ته اسين پري آهيون پر پنهنجي ملڪ جي صوبن جي برابر به اسان جو نصاب ڪانهي. پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو تعليمي نصاب وقت سان گڏ هلندڙ آهي.
(4) پوريءَ دنيا ۾ ڪئمبرج سسٽم تعليمي طريقو آهي، جنهن سان شاگردن جو انگريزيءَ جو معيار بلند ٿو ٿيئي ۽ ٻيا سائنس جا مضمون پڻ معياري طور سيکاريا وڃن ٿا، جيڪڏهن اهو غور ڪيو وڃي ته گورنمينٽ پنهنجي ادارن ۾ ڪئمبريج سسٽم کي فروغ ڏئي ته شايد ڪيترا والدين پرائيويٽ اسڪولن جي ڳاٽي ڀڳين فيسن مان نڪري اچن.
(5) انهيءَ سان ڪاپي ڪلچر تي مڪمل ڪنٽرول ٿي ويندو ۽ شاگردن ۾ هڪ مقابلي جي فضا قائم ٿيندي.
(6) استادن جي پگهارن ۽ سهوليتن تي ته ڌيان ڏنو وڃي پر انهن جو تعلق والدين سان به مڪمل طور هئڻ گهرجي.
(7) شروعاتي تعليم کان شاگردن ۾ ريسرچ جو لاڙو وڌائجي ته جيئن ايندڙ دؤر ۾ هُو تعليم جي ميدان ۾ ڪارآمد شاگرد ٿين.
(8) اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سياسي مداخلت کي روڪيو وڃي ۽ شاگردن کي بهترين ليباريٽريون ۽ آمد رفت جون سهولتون ڏنيون وڃن.
(9) قابل شاگردن جي والدين کي به وڏي فوقيت ڏيڻ گهرجي. جو هو پنهنجي اولاد جي لاءِ “سجاڳ” آهن، انهيءَ سان ٻين کي به هن ڏس ۾ ريس ٿيندي.
(10) قابل استادن کي ساراهيو وڃي.
(11) شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم لاءِ برابر جا موقعا ڏنا وڃن.
(12) ملڪ ۾ پڙهيل ڳڙهيل گريجوئيٽس جون باقاعدي رجسٽرڊ تنظيمون هجن جن کي آهستي آهستي روزگارن تي لڳايو وڃي.
(13) ملڪ ۾ يا ٻاهرين ملڪن ۾ پاس ٿيل گريجوئيٽس کي روزگار مهيا ڪري ڏيڻ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ٿيڻ گهرجي.
(14) ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي بهتريءَ لاءِ پڻ اهم قدم کنيا وڃن.
(15) صوبي ۾ نصاب جي تبديليءَ کي هر پنجن سالن کان پوءِ يقيني بڻايو وڃي. (سنڌ بورڊ جي فرسٽ ايئر ڪلاس جي اردو سليس جي ڪتاب کي اڄ پنجيتاليهه سال ٿيا آهن تبديل نه ٿيو آهي، اهڙا ٻيا به سبجيڪٽ ضرور هوندا پر مون کي ذاتي تجربي طور انهيءَ سبجيڪٽ جي خبر آهي. “ههڙا هاڃا ٿا ٿين بري هن ڀنڀور ۾”)
(16) ڳوٺن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو وڃي، وڏيرن ۽ ڀوتارن طرفان بند ٿيل اسڪول کولايا وڃن. زناني تعليم جي اهميت کي اُجاگر ڪيو وڃي، نياڻين جي تعليم عام ٿيندي تڏهن ئي نئون نسل سڌريل ۽ تعليم يافته پروان چڙهندو.
هيءُ هڪ وڏو مشن آهي جنهن ۾ نيڪ نيت، هڏڏوکي، سچار ۽ وڏي جگر وارا مانجهي مڙس ميدان ۾ گهرجن جي سنڌ جي تقدير بدلائي ڇڏين.