علم خرچ ڪرڻ سان وڌي ٿو / وکر سو وهاءِ
ويچيندي ولات ۾. ذور ٿئي نه ضاءِ.
سا ڪاهڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اُبهين.
(2-3 سريراڳ)
علم جي معنيٰ آهي “ڄاڻ” يعني (Knowledge)، معلومات، سگهه ۽ هن ڄاڻ جي طاقت (Power) تمام مضبوط آهي. علم جي روشني جڏهن انساني دل ۽ دماغ کي منور ڪري ٿي تڏهن هو “فوق البشر” جو رتبو حاصل ڪري ٿو، سالڪن جو چوڻ آهي ته “علم” اهڙي شيءِ آهي جنهن جي اهميت ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي ۽ علم جو واپار نه کٽندو ۽ نه ئي پراڻو ٿيندو. علم هڪ اهڙي شڪتي ۽ طاقت آهي جنهن جي کپائڻ سان ان ۾ وڌيڪ واڌارو ٿئي ٿو. هن اڻ کٽ خزاني ۾ ڪڏهن به کوٽ نٿي ٿئي، شاهه سائين هن اعليٰ وکر جي اهميت ۽ افاديت هن ريت بيان ڪئي آهي، انهيءَ مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته علم ۽ عقل جي ڪا تور نٿي ڪري سگهجي ليڪن علم ۽ عقل يا دانشمنديءَ جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. علم سان سمجهه وڌي ٿي، انهيءَ جو ڪارگر استعمال عالم لاءِ ڪارائتو ۽ علم ڏيڻ سندس لاءِ جاري رهندڙ صدقو آهي انهيءَ ڪري اهو خرچ ڪرڻ تمام وڏي نيڪي ۽ ان جو اجر ۽ ثواب بي حساب آهي. انساني زندگيءَ جي بي انت بحر کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ علم ئي اهم سهارو ۽ ساٿي آهي، اهو علم ئي آهي جنهن اڄ انسان کي آسمان جي گردش، سج ۽ چنڊ جو ڪمال ۽ زوال ۽ تارن جو حساب ڄاڻايو آهي. سڄو فلڪي نظام سمجهڻ ۽ ڪائنات جا اسرار ڄاڻڻ ئي اڄ جي انسان جي ڪوشش آهي. هو آسمانن تي اڏامي ٿو ۽ سمنڊن جي پاتال ۾ وڃي پهتو آهي. اهو سڀ ڄاڻ جو ڪرشمو آهي. اڄ جي تيز تر ترقي، جهاز، راڪيٽ، ميزائل، ٽي وي، ڪمپيوٽر، مطلب ته سڀ جديد ايجادون علم جو ئي صلو آهن جنهن کي عام ڪرڻ سان ئي معلوماتن ۾ اضافو ٿيو آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته “اقراءَ” معنيٰ “پڙهه” ۽ اڳيان سورة علق ۾ واضح ڄاڻايل آهي ته، “تنهنجي رب توکي قلم جي ذريعي علم سيکاريو”. علم جو قلم سان ساٿ اڻ ٽٽ آهي. قلم علم جو پاسبان ۽ قلم جهالت خلاف جستجو ۽ جنگ آهي ۽ اها ئي جنگ انساني زندگيءَ جي ڪاميابي آهي. اڻ ڄاڻائي ۽ غفلت واري زندگي بي علمي ۽ بي سمجهيءَ سان گڏ نابودي ۽ نيستي آهي.
پڙهو علم ۽ پڻ سکو هنر و حڪمت،
اوهين پاڻ ۽ قوم کي پڻ سڌاريو.
هيءَ قوم تڏهن سڌرندي جڏهن اسين علم کي عام ڪنداسين، هنر ۽ حڪمت علم جو ئي حصو آهن. علم جي الاهي نور سان انساني ڪردار جا گل ڦل ٽڙي انسانيت جي تعمير ڪن ٿا ۽ قومن جون تقديرون جاڳي اٿن ٿيون. علم جي الاهي ادراڪ جي قدر ڪرڻ جهالت خلاف سجاڳي آڻڻ سان تعليم عام ٿيندي. پاڪستان ۾ هر پاڪستانيءَ جو فرض هئڻ گهرجي ته هو علم جي راهه ۾ اجتماعي مدد ڪري، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن، تعليمي ادارن کي سياست ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ڪاپي ڪلچر کان پاڪ ڪيو وڃي. شاگردن جي لاءِ ضروري آهي ته هو محنت سان علم حاصل ڪن ۽ استاد پنهنجا فرض صحيح سرانجام ڏين.
حڪومت کي تعليم جي بجٽ کي وڌائي، ڪتابن کي عام ڪري. ڪاغذ ۽ اسٽيشنري کي سستو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر شخص ڪتاب خريد ڪري سگهي. پبلڪ لائبريرين جو قيام عمل ۾ آڻڻ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن. هر پڙهيل لکيل شخص تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو، ته هو علم جي خرچ ڪرڻ ۾ بخل نه ڪري، بلڪه علم جي خدمت ڪندڙن جي حڪومت ۽ عام طبقي طرفان پذيرائي ٿيڻ کپي. جيڪا هڪ زنده ۽ باشعور قوم جي سڃاڻپ آهي. پنهنجن عالمن، اڪابرن، استادن، سالڪن، سائنسدانن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ مذهبي اڳواڻن کي نه صرف مان ۽ شان ڏنو وڃي پر سندن مشن ۾ ساڻن پورو پورو ساٿ ڏنو وڃي. انهيءَ تعاون سان ئي علم عام ٿيندو ۽ وڌندو ويجهندو علم کان محرومي وڏي بدبختي آهي ۽ جيڪا قوم جاهل آهي، اها ڪڏهن به سرخرو ٿي نٿي سگهي. اسان کي گهرجي ته پاڻ علم حاصل ڪريون ۽ علم کي پکيڙيون. ايندڙ نسل لاءِ هينئر ئي سوچڻ جو وقت آهي. کين تعليم يافته بڻائڻ سان گڏ صحيح سمجهه ۽ شعور عطا ڪرڻ، نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق، چڱي ۽ بري جي تميز سيکارڻ اسان جو ئي ڪم آهي ته جيئن هن ڌرتيءَ تي امن، پيار ۽ انصاف جي فضا هميشه لاءِ قائم ٿي وڃي.