جپان _ وزارت دفاع جي قيام لاءِ منظوري ۽ سبب
پارليامينٽ مان دفاعي وزارت بابت بل جي منظوريءَ کانپوءِ جپاني فوج جي STATUS ۾ تبديلي ايندي. قانون موجب دفاعي بجيٽ پيش ڪرڻ جو مڪمل اختيار هوندو. فوج کي جڏهن اقوام متحده جي مدد لاءِ نيو ويندو ته فوج کي ”مشن“ جو درجو ملندو . اهڙي طرح جپاني فوج کي هٿيار استعمال ڪرڻ جي مڪمل اجازت هوندي. دفاعي سلسلي ۾ نئين قانون جي لاڳو ٿيڻ سان جاپان هن خطي ۾ هڪ وڏي قوت ٿي اڀرندو. ايشيا کنڊ جا پنج ملڪ ايٽمي طاقت بڻجي چڪا آهن. جاپان ان سلسلي ۾ وک وڌائي ته اهو ايشيا جو ڇهون ملڪ هوندو ساڻ طاقت جو توازن ايشيا کنڊ واري خطي ڏانهن منتقل ٿيندو. 1945ع ۾ اتحادي فوجن خاص ڪري آمريڪا جي فوجن جاپان تي قبضو ڪري ورتو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻي تي طئي ٿيندڙ معاهدي موجب جاپان مٿان پنهنجي فوج رکڻ تي پابندي مڙهي وئي. هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽم بم ڪيرائڻ کانپوءِ آمريڪا جي انهيءَ وقت جي جنرل ڊگلس ميڪ آرٿر جپاني فوج جا ملڪ ۾ بچيل فوجي ٺڪاڻا به تباه ڪرائي ڇڏيا. اتحادين جنگي ڏوهن جي جرم ۾ جاپاني اڳواڻن مٿان مقدما هلائي کين سزائون ڏنيون. رياستي ملڪيت تي هلندڙ وڏين وڏين جاپاني ڪمپنين جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو جنهن سان ملڪ جي اقتصاديات واپار ۽ زراعت وارا شعبا به تباهه ٿي ويا. ماڻهو تباهي کانپوءِ بکيا ۽ بي گهر ٿي ويا. انهن ماڻهن کي جاپان جي نئين سر اڏاوت جي اميد باقي نه رهي. اهڙيءَ طرح جاپان تاريخي لحاظ کان وڏي بدترين دور مان گذريو.
آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن ٿوري عرصي کانپوءِ جاپان جي خراب حالت کي محسوس ڪندي نئين سر اڏاوت ۽ عوام جي معاشي بدحالي کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءٌ ورتا. جپاني محنت ڪش عوام پنهنجي ملڪي تعمير لاءِ زبردست محنت ڪئي. انهن جي ڪاوشن ۽ محنتن آخر رنگ لاتو. 1950ع کان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سموري جاپان هڪ نئين شڪل اختيار ڪري ورتي. نئون جمهوري نظام پختو ۽ پڪو ٿيو. بادشاهت جو مڪمل خاتمو ٿيو ملڪ جا سڀئي آئيني ۽ قانوني اختيار پارليامينٽ جي حوالي ڪيا ويا. اڳتي هلي ملڪ اقتصاديات، واپار ۽ زراعت جي شعبي ۾ خود ڪفيل ٿي ويو. 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ جاپان جي آدمشماري ٻارنهن ڪروڙن تي وڃي پهتي. جاپان صنعتي پيداوار جي حوالي سان دنيا جو ٻيو نمبر ملڪ جو اعزاز ماڻي ورتو. سامونڊي جهاز سازي ۽ ڪمپيوٽر جي پيداوار ۾ مٿين درجي تي وڃي نالو ڪمايو. پر دفاعي حوالي سان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پوئتي رهڻ وارن ملڪن ۾ رهجي ويو. جتي دنيا جا سڀئي امير توڙي غريب ملڪ دفاعي لحاظ کان مٿڀرا ٿيندا ويا، اتي جاپان جي پوزيشن ڪافي ڪمزور پئي نظر آئي. خاص ڪري اتر ڪوريا جي ايٽمي ڌماڪي واري تجربي کانپوءِ جاپان پاڻ کي ڪمزور ملڪ سمجهڻ لڳو تنهن ڪري جاپان پاران هن خطي ۾ پنهنجي دفاعي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ آئيني تبديلي ڪري دفاع واري وزارت قائم ڪري ورتي. ان قانون جي مدد سان هن خطي ۾ دفاعي پوزيشن جي لحاظ کان مضبوط ۽ طاقتور ٿيڻ جي زبردست ڪوشش ڪندو. اتر ڪوريا جي ايٽمي ڌماڪي کان پوءِ هن خطي ۾ ايٽمي طاقت رکندڙ اتر ڪوريا کان جاپان خائف رهڻ لڳو. تنهنڪري جاپان، آمريڪا جي لاجسٽڪ سپورٽ لاءِ موڪليل پنهنجا بحري جهاز واپس گهرائي ورتا. جاپان جي دفاعي ايجنسي جي سربراهه فوميوڪيوما پارلياماني ڪميٽي آڏو خطاب ڪندي چيو ته اتر ڪوريا جي ايٽمي ڌماڪي کانپوءِ صورتحال شديد ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي. تنهنڪري ملڪ جي حفاظت ڪرڻ اسانجي پهرين ترجيح هوندي. اسان پنهنجي دفاع کان ڪنهن به طرح غافل نه رهنداسين.
جون 2006ع ۾ اتر ڪوريا طرفان بلاسٽڪ ميزائل جا تجربا ڪيا ويا. جنهن تي جاپان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير تارواوسو بيان ڏنو ته اتر ڪوريا طرفان بلاسٽڪ لانگ رينج ميزائل جو تجربو ڪرڻ سان اهي ميزائل جاپان جي سامونڊي حدن ۾ ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن. اهڙيءَ صورتحال کي حملو سمجهي اسان به فوجي ڪاروائي ڪرڻ کان نه ڪيٻائينداسين. جنهن سان هن خطي جو امن بگڙجي ويندو. پر اتر ڪوريا جاپان جي خدشن ۽ ڌمڪين کي Seriously نه ورتو، ساڻ ميزائل تجربا ڪرڻ کانپوءِ هڪ زوردار ايٽمي ڌماڪو ڪري جاپان سميت پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ان ايٽمي ڌماڪي جو اثر پاڙيسري هئڻ جي ناتي جاپان تي وڌيڪ پيو ۽ هو خوف ۾ مبتلا ٿي ويو. جاپان پنهنجي سلامتيءَ لاءِ خطرو محسوس ڪندي سلامتي ڪائونسل پاران اتر ڪوريا مٿان اقتصادي پابنديون هڻڻ لاءِ زور ڀريو جنهن جي حمايت آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن به ڪئي پوءِ اتر ڪوريا مٿان سلامتي ڪائونسل اڪثريت راءِ سان فيصلو ڏيندي پابندي مڙهي ڇڏي. آمريڪا پاران اتر ڪوريا مٿان 1950ع کان اقتصادي پابندي مڙهي وئي آهي. اها پابندي 1950ع ۾ اتر ڪوريا خلاف آمريڪي جنگ جي پڄاڻي تي صدر آئزن هاور مڙهي هئي. ساڻ آئزن هاور پاران وڌيڪ خطرناڪ حملي جي ڌمڪين جي نتيجي ۾ اتر ڪوريا ايٽمي بم ٺاهڻ جون ڪوششون انهيءَ وقت کان ورتيون هيون.
1966ع ۾ جاپان هڪ معاهدي تحت اتر ڪوريا جو تيل روڪي ڇڏيو. پر ڪوريا بغير ڪنهن پرواهه جي ايٽمي پروگرام تي ڪم جاري رکندو آيو. ۽ دفاع کي مضبوط ڪندو پئي آيو. هن وقت اتر ڪوريا جي آرمي هر قسم جي اسلحي ۽ تربيت سان ليس آهي ۽ جاپان لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، ان خطري کي محسوس ڪندي جاپان جي دفاعي ايجنسي جي سربراهه اعلان ڪيو آهي ته جاپان آمريڪا سان گڏجي هڪ دفاعي سسٽم جلد از جلد قائم ڪرڻ وارو آهي. ٻي طرف جاپان کي اتر ڪوريا ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن جاپان اتر ڪوريا مٿان عائد اقتصادي پابنديون ختم نه ڪيون ته طاقت جو استعمال ڪيو ويندو. اتر ڪوريا جي اهڙين ڌمڪين کانپوءِ جاپان وڌيڪ محتاط ٿي ويو. جڏهن ته اهڙي بيان کي ٻين ملڪن پاران تشويش جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي. جاپان پاران اتر ڪوريا تي تيل جي پابندي سميت بحري جهازن ۽ ٻيڙين جي بندرگاهن ڏانهن اچ وڃ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. تنهنڪري اتر ڪوريا ۽ جاپان وچ ۾ جنگ جو خطرو موجود رهي ٿو. آڪٽوبر جي شروع ۾ جاپان اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورس قائم ڪري ورتي هئي. انهن ڏينهن ۾ جاپان ۽ چين جي اڳواڻن ۾ هڪ سربراهي ملاقات ٿي، جنهن ۾ اتر ڪوريا جي فوجي حرڪتن کي مدنظر رکندي باضابطا اعلان ڪيو ويو ته اتر ڪوريا کي هاڻي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي. اتر ڪوريا کي صلاح ڏني وئي ته هو پنهنجي اڳرائي واري رويي ۾ تبديلي آڻي.
ٻئي طرف جاپان ان رپورٽ مان به اندازو لڳايو آهي ته دنيا جا ڪمزور کان ڪمزور ملڪ وڌ کان وڌ طاقتور ٿيڻ لاءِ اسلحو خريد ڪري رهيا آهن. سال 6_ 2005ع جي اندازي موجب آمريڪا 144. 97 ملين ڊالرز جا هٿيار روس، 41600 ملين ڊالر، فرانس 000، 30 ملين ڊالر، جرمني 000، 17 ملين ڊالرز،برطانيه 14900 ملين ڊالرز، چين 91،00 ملين ڊالرز، اٽلي 5600 ملين ڊالرز جو اسلحو وڪرو ڪيو آهي ساڻ ٻين يورپي ملڪن ملائي سلائي 51100 ملين ڊالرز جو اسلحو وڪرو ڪيو آهي. جنهن سان ڪمزور کان ڪمزور ترين ملڪ به دفاعي طور سگهاري ٿيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ته پوءِ جاپان هيڏي ساري ملڪيت ۽ دولت هوندي دفاعي لحاظ کان پوئتي ڇو؟ ان سوال جپاني حاڪمن ۽ عوام کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته جاپان کي به دفاعي طور مضبوط ٿي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ جاپان پارليامينٽ مان بل منظور ڪرائي وزارت دفاع قائم ڪري دفاعي لحاظ کان اسلحي ۽ ايٽمي طاقت جي حاصلات واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي چڪو آهي. ايندڙ ڪجهه سالن اندر ايٽمي صلاحيت حاصل ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو جاپان ٽيڪنيڪل صلاحيت ۽ قابليت رکي ٿو. ساڻ دولتمند ملڪ جو اعزاز به کيس حاصل آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن جاپان جوهري هٿيارن جي ٺاهڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو ته سندس وڏي ۾ وڏو پارٽنر آمريڪا جاپان کان ناراض ٿي ويندو ۽ جاپان لاءِ پڻ مشڪلاتون پيدا ڪندو. جيئن ته جاپان مالي طور سگهارو ملڪ آهي. تنهنڪري آمريڪا جي گهڻي ڪاڻ نه ڪڍندو. ٻي حوالي سان ايٽمي عدم ڦهلاءَ جي حمايت ۾ جاپان جو موقف سخت ۽ چٽو رهيو آهي. 1998ع ۾ ايٽمي معاملي تي جاپان پاران پاڪستان ۽ ڀارت جي ٻنهي ملڪن تي سي ٽي بي ٽي تي صحيحون ڪرڻ لاءِ زور ڀريو هو. جڏهن هاڻ پاڻ جاپان ايٽمي سگهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته جاپان دنيا آڏو وائکو ٿي بيهندو ۽ اعتماد وڃائي ويهندو. ڇاڪاڻ جو جاپان هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ کانپوءِ امن پسند پاليسي تي قائم رهڻ جا تحريري معاهدا ڪري چڪو آهي.
هن وقت صورتحال اها آهي جو اتر ڪوريا جيڪي ميزائل نصب ڪيا آهن، تن جو رخ جاپان جي حساس علائقن ڏانهن ڪيو ويو آهي، هن وقت دفاعي پوزيشن ڪافي مستحڪم آهي. تنهنڪري جاپان انهن ڳالهين کي پوئتي رکي جو هري طاقت جا ڳجهه ڳوهه ۾ منصوبا جوڙي پايه تڪميل تائين پهچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي، جاپان جي نيوڪليائي پاور جنريشن دنيا ۾ مڃي وڃي ٿي. جاپان ۾ ضرورت کان وڌيڪ نيوڪليائي پاور موجود آهي. مقامي طور 52 ڪمرشل جوهري ري ايڪٽر 742، 45 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪن ٿا. سال 2010ع تائين جوهري توانائيءَ سان چاليهه سيڪڙو بجليءَ جي پيداوار حاصل ٿي ويندي. سال 2005ع جي هڪ تخميني موجب ايٽمي هٿيارن جي استعمال لاءِ پلوٽو نيم جو سڀ کان وڌيڪ ذخيرو 45000 هزار ڪلو گرام جاپان طرفان مهيا ڪيو ويو. جنهن سان جديد ميزائل ٽيڪنالوجي ٺاهڻ جو ڪم تمام سولو ٿي پيو آهي. روڪاشو موراري پروسيسنگ پلانٽ متعلق اهو بحث هلندڙ آهي جنهن ۾ دفاعي ماهرن جاپان کي علائقائي ۽ سياسي حالتن سبب صلاح ڏني آهي ته جاپان کي خام مال ذريعي نيوڪليائي هٿيارن جي تياري جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو معاشي ۽ اقتصادي طور طاقتور جاپان لاءِ ضروري آهي ته دفاعي لحاظ کان به خطي ۾ طاقتور ۽ مضبوط هجي. ڪجهه اطلاع اهي مِليا آهن ته جاپان نيوڪليائي هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش ڪافي وقت کان شروع ڪري ڏني آهي. جيڪا ڪوشش عالمي منظر تي آهستي آهستي پنهنجي وقت تي ظاهر ٿيندي. جاپان جو ايڇ اي راڪٽ - 2 زميني گردش تي پنج ٽن لوڊکڻي سگهي ٿو. ساڻ بلاسٽڪ ميزائل ٺاهڻ جي جديد ٽيڪنيڪي مهارت موجود آهي. جڏهن اهي سڀ شيون موجود آهن ته جاپان ان سلسلي ۾ بغير ڪنهن پرواهه ڪرڻ جي دير نه ڪندو. تڪڙا اُپاءَ وٺي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏڻ وارا ڪارناما سرانجام ڏيندو. ايشيا کنڊ ۾ اقتصادي معاشي ۽ دفاعي طور ايشيا جو تمام وڏو ملڪ بڻجي ويندو. ڪن دانشورن ۽ سياسي ڏاهن جو چوڻ آهي ته هيءَ صدي ايشيا جي صدي آهي. هن صديءَ ۾ ايشيا کنڊ طاقتور ٿي اڀرندو. هن ئي صدي ۾ ايشيائي ۽ يورپي تهذيبن جا زبردست ٽڪراءَ ٿيندا ۽ يورپ کان به وڌيڪ ايشيا جا ملڪ ايٽمي قوت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪندا- اهڙيءَ طرح تهذيبي ۽ علائقائي ٽڪرائن جي نتيجي ۾ دنيا جي نقشي تي ڪيئي تبديليون رونما ٿينديون.¡
تاريخ : 23-1-2007