آصف زرداري عوام سان گڏ آهي يا مشرف سان؟
هڪ طرف آصف علي زرداري چوي ٿو ته ججن کي بحال ڪنداسين ته وري ٻي هنڌ چوي ٿو ته ججن کي ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي بحال ڪرڻ سان ملڪ ۾ مارشل لا لڳي سگهي ٿي. هڪ طرف پنجاب ۾ نواز شريف سان جمهوريت جي بقا لاءِ اتحاد کي قائم رکڻ تي زور ڏئي پيو ته ٻي طرف گورنر سلمان تاثير جي نامزدگي وقت هو اتحادي پارٽي کان پڇڻ به گوارا نٿو ڪري. هڪ طرف گورنر سلمان تاثير ذريعي پ پ پ پنجاب کي ق ليگ جي باقيات سان ويجهو ٿيڻ لاءِ اشارو ڏئي ٿو ته ٻي طرف نواز شريف ۽ شهباز شريف جو چونڊن ۾ اهليت خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ تي خوش آهي.
آصف علي زرداري جو روزانو نئون بيان حيرت ۾ وجهندڙ آهي، هو اصل ۾ نواز ليگ، ججن وارو مسئلو ۽ صدر مشرف جي استعفيٰ يا مواخذي سميت ٻين مسئلن کي اڳيان آڻي ميڊيا ذريعي ان جو ڦهلاءُ ڪري عام ماڻهن جو مهانگائي سميت ٻين بحرانن کان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. اصل ۾ ڇاهي ته اڳوڻي ق ليگ حڪومت معاشي طور پاڪستان کي ايترو ڪمزور ڪري وئي آهي جو ان کي سنڀالڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال درڪار آهن. روپئي جي ملهه ۾ لاٿ، کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن ۾ واڌ اٽو، کير، گيهه جيڪي هر ماڻهو جي پيٽ سان ڳنڍيل آهن. انهن جو اگهه وڌيڪ هئڻ ڪري عام غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي چڪو آهي. ساڻ بجلي، گئس، گاسليٽ، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ روز بروز وڌندڙ اگهه عام ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري آصف علي زرداري روز ڇرڪائيندڙ بيان ڏئي عوام جي ڪاوڙ جو رخ پاڻ يا حڪومت کان هٽائي رهيو آهي. عام ماڻهو ايندڙ بجٽ جي انتظار ۾ آهن. ڇاڪاڻ جو آصف علي زرداري اهو بيان ڏئي چڪو آهي ته ايندڙ بجٽ عوامي هوندي. ساڻ اهو به چيائين ته عوامي بجٽ سان گڏ واپاري طبقي وارن جي بجيٽ هوندي. وقت ثابت ڪندو ته ايندڙ بجٽ عوامي گهٽ ۽ واپارين جي تحفظ ۽ فائدي واري وڌيڪ هوندي. وڌ ۾ وڌ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائيندا، ڇا اٽي، گيهه، کير، کنڊ، پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن کي گهٽائي سگهندا، جن جو سڌو سنئون واسطو غريب عوام سان آهي، هن بجٽ ۾ عوام مٿان جيڪي ڳرا ٽئڪس لڳندا، ان جو بار به غريب عوام سهي نه سگهندو. عوام کي چند نوڪريون ڏيڻ جي اعلان سان غريب عوام جي غربت ۾ گهٽتائپ ڪا نه ايندي. بجٽ کان پوءِ آصف علي زرداري جي ست رنگي بيانن تي ڪو به ڌيان نه ڏيندو، عوام وڌندڙ بک، بيروزگاري ۽ مهانگائپ خلاف اٿي کڙو ٿيندو ۽ پوءِ عوام کان ججن وارو مسئلو، صدر مشرف جي استعفيٰ ۽ مواخذي وارو مسئلو وسري ويندو. عوام صرف ملڪ مان مهانگائي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو.! ان حالت ۾ آصف علي زرداري عوام جي عدالت ۾ هوندو ۽ عوام مٿس جرح ڪندو.
آصف علي زرداري کي خبر آهي ته گذريل سال دبئي ۾ ڏيهي پرڏيهي نمائندن وچ ۾ بينظير ڀٽو ۽ مشرف ڊيل ٿي هئي، ان جي پاسداري رکڻ ضروري هوندي. ان ڊيل کي قانوني شڪل ڌيڻ لاءِ اين آر او آرڊيننس جنرل صدر مشرف جاري ڪيو. جنهن ۾ آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو خلاف ڪيس ختم ڪيا ويا، ان ڊيل کي آصف علي زرداري هڪ طرفو ڪيئن ختم ڪندو. صدر مشرف ۽ پ پ پ جي ويجهڙائپ واري تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ آصف علي زرداري صدر مشرف خلاف شوشا ڇڏي ٿو. پر ٻئي طرف آمريڪا چاهي ٿو ته صدر مشرف بدستور پنهنجو ڪم جاري رکي.
اڄڪلهه آمريڪي سفير پيٽرسن اها ايجنڊا کڻي نڪتي آهي ته ڪهڙي به طرح صدر مشرف کي بچايو وڃي، هڪ طرف ميان نواز شريف صدر مشرف خلاف هٿ ڌوئي ڪڍ پيو آهي ته ٻئي طرف آمريڪا صدر مشرف جي اقتدار کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. تازو آمريڪي صدر بش ۽ صدر مشرف وچ ۾ فون تي ڳالهين کان پوءِ آمريڪي وائيٽ هائوس جي ترجمان جو هڪ بيان آيو ته اسان مشرف سان گڏ آهيون. صدر بش ۽ مشرف پاڪ آمريڪا لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهندا. آمريڪي صدر بش صدر مشرف کي پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي ٿو ته پوءِ آصف علي زرداري کي ڪهڙي طاقت جو صدر مشرف خلاف مواخذي جي تحريڪ يا صدارتي عهدي تان استعفيٰ جي گهر ڪندو!.
آئيني پيڪيج ۾ صدر مشرف جي اختيارن کي گهٽائڻ جي ڳالهه ڪرڻ يا آرمي چيف جي توڙي جو اختيار وزير اعظم جي حوالي ڪرڻ يا صدر مشرف پاران صدارتي عهدي لاءِ ٻه ڀيرا بيهڻ تي پابندي عائد ڪرڻ به صرف نواز شريف ۽ اي پي ڊي ايم پارٽين کي دلاسو ڏئي ڪري پنهنجي ساک بحال ڪرڻ آهي. عوام ۾ وڌندڙ نفرت کي محسوس ڪندي جنرل (ر) مشرف خود پريشان آهي، تنهن ڪري هو ڪو به اٻهرائپ وارو ڪم نه ڪندو آرٽيڪل، 58 ٽو بي جو استعمال هرگز نه ڪندو، ڇاڪاڻ جو هن جو هاڻي نه آرمي جي ڏنڊي هٿ ۾ آهي، نه وري فوج جي سپورٽ آهي. ان سلسلي ۾ آرمي چيف جنرل ڪياني پنهنجي ملاقاتن ۾ جمهوريت کي پائمال ڪرڻ خلاف ڌمڪي ڏئي چڪو آهي تنهنڪري صدر مشرف 58 ٽو بي وارو اختيار هجڻ باوجود به اسيمبليون ٽوڙي نه سگهندو.
ماضي ۾ جيئن عوامي صدر جهڙوڪ فاروق لغاري يا اسحاق خان کي سئو سيڪڙو اسيمبليون ٽوڙڻ جي حمايت فوج پاران حاصل هئي. جڏهن ته جنرل ضياءَ الحق جهڙو فوجي آمر فضائي حادثي ۾ مارجي وڃڻ سبب اقتدار کان محروم ٿيو. تاريخ سان منسلڪ ماڻهن کي خبر آهي، آمر اقتدار تان خوشي سان ڪو نه هٽندو آهي جيستائين ان آمر خلاف خوني انقلاب اچي يا ته وري طبعي موت مارجي وڃي يا جيستائين آمريڪا نٿو چاهي. تنهن ڪري ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو جنرل (ر) پرويز مشرف جنهن ڏنڊي جي زور تي اقتدار جا مزا ماڻيا هجن ۽ بي شمار دولت ڪٺي ڪئي هجي. اهو نواز شريف يا آصف علي زرداري جي مطالبن تحت اقتدار رضا خوشي سان ڇڏي هليو ويندو. پاڪستاني تاريخ جيڪا آمرن سان ڀريل آهي. ان ۾ اڳ ۾ ڪو اهڙو مثال موجود ڪونهي، تنهن ڪري ان ڳالهه ۾ ڪا صداقت ڪانهي ته صدر مشرف عوامي دٻاءُ يا سياسي پارٽين جي دٻاءَ ذريعي اقتدار ڇڏي هليو ويندو.
آئيني پيڪيج ۾ ٽيون مسئلو آرمي چيف جي مقرري جا اختيارات کسي وزير اعظم ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي، جنهن سان مارشل لا جو رستو روڪي سگهجي ٿو. ماڻهن کي خبر آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي به آرمي چيف مقرر ڪرڻ جا سڀ اختيار حاصل هئا پر هو انهن کي استعمال نه ڪري سگهيو. اهڙيءَ طرح ميان نواز شريف جي دور ۾ صدر کان 58 ٽو بي وارا اختيار پارليامينٽ ۾ قرارداد پاس ڪندي کسيا ويا هئا پر جڏهن مشرف اقتدار تي قابض ٿيو ته وزير اعظم نواز شريف کي مليل آئيني اختيار کيس بچائي نه سگهيا. تنهن ڪري هن ملڪ ۾ آئين جي ڳالهه ڪرڻ مزاق جي برابر آهي. هتي آئين لانگ بوٽن هيٺان دٻيل رهيو آهي. جنرل ضياءُ الحق پارليامينٽ مان پاس ٿيل 1973ع جي آئين جي چير ڦاڙ ڪري حليو بگاڙي ڇڏيو جو 1973ع وارو آئين اڄ تائين درست شڪل ۾ نه اچي سگهيو آهي.
آئيني پيڪيج ۾ صدر کي ٻه ڀيرا بيهڻ جي حق ڏيڻ يا نه ڏيڻ سان صدر مشرف جو ڪو واسطو ڪونهي، هو ٻه ڀيرا آئيني صدر ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري هاڻي مشرف جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته هو چونڊن ۾ بيهي. هاڻي اهم مسئلو جيڪو آهي، اهو آهي صدر مشرف کي باقائده پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ، هن وقت آصف علي زرداري کي اهو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. آصف علي زرداري صدر مشرف آڏو مطالبو رکي ته هو پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ وٺي. ان صورت ۾ کيس صدر تسليم ڪيو ويندو. پوءِ خبر پوندي ته آصف علي زرداري ڪنهن جو ٿو ساٿ ڏئي. باقي روز مشرف خلاف بيانن سان ڪجهه نه ورندو، ساڻ ان ڏينهن آصف جي سياسي بصيرت جو امتحان هوندو.¡
تاريخ : 03-06-2008