ڪشمير پالسي بابت آصف زرداري جي بيان تي هڪ نظر
پ پ جي شريڪ چيئرمن آصف زرداري هن وقت تائين جيڪي به فيصلا ورتا آهن. اهي انتهائي ڪارائتا آهن. تازو هڪ بيان اهميت جوڳو آهي هن بيان ۾ آصف چيو آهي ته”ڪشمير مسئلي کي پوئتي رکي تجارت کي اهميت ڏينداسين“ آصف زرداري جو ان قسم جو دليراڻو بيان ماضيءَ ۾ ڪنهن به اڳواڻ جو نظر نه آيو آهي. پ پ جي باني ذوالفقار علي ڀٽو هڪ محب وطن ۾ سچو پاڪستاني هو جنهن وٽ مشرقي پاڪستان جي علحدگي کان پوءِ فوج جي سائز ۽ فوجي خرچن کي گهٽائڻ جي خواهشن هئي، پر هن کي ڪشمير ڪاز جي ڪري فوج جو تعداد وڌائڻو ۽ فوجي بچت ۾ اضافو ڪرڻو پيو. ان جو هڪ وڏو سبب ڀارت پارن 1974ع ۾ اٽيمي ڌماڪو ڪرڻ هو. جنهن سان پاڪستان ڪمزور پوزيشن ۾ هليو ويو. بينظير ڀٽو پنهنجي ٻنهي حڪومتي دورن ۾ ڀارت سان نه چاهيندي به سخت رويو رکيو ۽ ڪشمير جدوجهد جي زبردست حمايت ڪئي، ايتري قدر جو افغانستان ۾ طالبان جي ڪابل تي قبضي وقت به خاموشي اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ جو بينظير ڀٽو کي اها خبر هئي ته ڪشمير ۽ افغان پاليسي فوج پاران مرتب ڪئي وڃي ٿي.
آصف جو ڪشمير بابت ان قسم جي بيان مان واضح اشارو ملي ٿو ته فوج منجهائيندڙ پاليسيون عوامي حڪومت پاران مرتب ڪرڻ لاءِ گنجائش ڪڍي آهي. ڇاڪاڻ جو فوج سمجهي ٿي ته وڌيڪ ڪشمير يا افغان مئسلي تي فوج پاران مرتب ڪيل پاليسين کي عوام ۽ عالمي ادارا قبول نه ڪندا. انهيءَ سبب ڪري فوج کان غلطيون ٿيون آهن ۽ عوام ۾ ساک خراب ٿي آهي. في الحال فوج ان چڪر ۾ آهي ته ڪيئن به ڪري ساک کي بچائجي ۽ ان حوالي سان ايندڙ حڪومت جيڪا پ پ جي هوندي ان کي ڀرپور اختيارات ڏنا ويندا. ڇا ڪاڻ جو آصف به اها حاڪمن کان گهر ڪئي هئي ته پ پ کي اقتدار ۾ مڪمل اختيار ڏنا وڃن. سندس ڪشمير بابت تازي بيان مان لڳي ٿو ته آصف زرداري يقينن هڪ آزاد ۽ مڪمل بااختيار حڪومت ڪرڻ جي حق ۾ هوندو، کيس نه صرف اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا جي حمايت حاصل هوندي پر عوام جو به ڀرپور اعتماد کيس ئي حاصل هوندو.
عالمي مارڪيٽ ۾ دنيا جو هر ملڪ پنهنجي پنهنجي وس ۽ طاقت آهر رسائي حاصل ڪرڻ جي حق ۾ آهي. پاڪستان کي اقتصادي منڊي ۾ ڏسنداسين ته هي اهو ملڪ آهي جو بلڪل سطحي ليول تي بيٺل آهي. هن ملڪ کي عالمي ساک رکندڙ بئنڪر معين قريشي ۽ شوڪت عزيز جهڙا وزاعظم به اقتصادي ميدان ۾ مڃتا ڏياري نه سگهيا. انهن بئنڪرز جي وزير اعظم هجڻ واري دورن ۾ مهانگائي چوٽ تي آئي ۽ عوام جي چيلهه چٻي ٿي پئي. شوڪت عزيز بابت هاڻي ق ليگ جا اهم اڳواڻ به اهو چئي رهيا آهن ته اسٽيل مل، ريئل اسٽيٽ، اٽو،گيهه، سمينٽ وارا مسئلا شوڪت عزيز جي غلط پاليسن ڪري عام ماڻهن اڳيان آيا. شوڪت عزيز جي اقتصادي چڪي ۾ پسجندڙ عوام ڪيئي سال ڀوڳيندو. تازو چونڊن ۾ ق ليگ جي شڪست جو ڪارڻ به شوڪت عزيز جون اقتصادي پاليسيون هيون جنهن ڪري ق ليگ ڦهه ڪري ڪري پئي. هن وقت آصف زرداري اقتصادي طور پاڪستان کي طاقتور ڏسڻ جو خواهشمند آهي، تنهن ڪري هو بهتر معاشي پاليسيون مرتب ڪري عوام کي مالي طور سگهارو بنائڻ چاهي ٿو. آصف ڀارت سان تجارتي ناتا قائم ڪري ايشين منڊي ۾ پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندو. هن وقت ايشين اقتصادي منڊي ۾ جتي چائنا، روس، جاپان، تائيوان ۽ ڀارت جهڙا ملڪ سگهارا نظر اچن ٿا، اتي پاڪستان پوئين صف ۾ پويون آخري ملڪ نظر اچي ٿو.
ماضيءَ ۾ فوجي حاڪم پاڪ - ڀارت تجارتي رابطن کان وڌيڪ فوجي صلاحيت وڌائڻ ۾ مصروف رهيا. نتيجي ۾ عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي. ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو فوجي سازو سامان ۽ فوجي تربيت تي خرچ ڪيو ويو. اهڙي طرح ڀارت ۾ اهڙا حڪمران آيا جن ڀارت کي هڪ نظرياتي رياست طور اميج بڻايو ۽ ماڊرن مستحڪم رياست ٺاهڻ تي خاص توجهه ڏني نتيجي ۾ ڀارت جو دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. جڏهن ته پاڪستان زرعي حيثيت جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو پر حڪمرانن جي غلط پاليسن ايشين مارڪيٽ ۾ زرعي پيداور ۾ پنهنجي حيثيت يا اهميت مڃائي نه سگهيو آهي. هن وقت ڀارت پنهنجي پاليسين ۾ ڪامياب نطر اچي ٿو. اڄ ڀارت پنهنجي سياسي تاريخ ۾ وڌ کان وڌ دفاعي بجيٽ پيش ڪري دنيا کي حيران ڪري وڌو آهي. اتي آصف زرداري اهو فيلصو ڪيو آهي ته ملڪ کي تجارتي ميدان ۾ سگهارو ڪيو ويندو. تنهن ڪري ڀارت سان تجارتي ۽ واپاري لاڳا وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
پاڪستان جنهن48 – 1947ع ۾ 153.8 ملين دفاعي بجيٽ پيش ڪئي اها 2005ع ۾ 216258.0 ملين روپيا دفاعي بجيٽ پيش ڪئي. جيڪڏهن دفاعي بجيٽ تي نظرو وجهبي ته صرف چند سالن ۾ يعني سال 02-2001 ع ۾ 1492520.0 ملين جڏهن ته سال 03- 2002 ۾ 160139.0 ملين رپيا ۽ 04- 2003 ۾ 180537.0 ملين ۽ سال 05- 2004 ۾ 216258.0 وڏي رقم دفاعي بجيت لاءِ مختص ڪئي وئي. هاڻي جيڪڏهن اها بجيٽ اڌ حصي جيتري به عوام جي ترقي ۽ رياستي ادارن جي مضبوطيءَ ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ رکي وڃي ها ته شايد هي ملڪ ڀارت کان وڌيڪ سگهارو هجي ها. پر پوءِ اهو اقتصادي هجي يا دفاعي هر سطح تي پاڪستان مالا مال هجي ها. اسان جا حاڪم پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪشمير مسئلو اڀاري جنگ جي نالي تي ملڪ جو ناڻو کپائيندا پئي رهيا آهن. آئن ٽالبوٽ Pakistan A Modern History ۾ لکي ٿو ته پاڪستان جي سياست تي “A” الله، آمريڪا ۽ آرمي تي مبني آهي، پاڪستان جي مستقبل جو انحصار عالمي حڪومتن، ادارن آڏو ڪشتو جهلڻ سان نه ۽ نه وري اسلامي نعرن ۽ نه وري آمرن جي دورن سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان جي سالميت ۽ بقا عوامي بيچيني کي روڪڻ آهي. ماضي ۾ نظر انداز ڪيل عورتون، اقليتون شهري، ڳوٺاڻن، غريب ماڻهن جي اقتدار ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ سان آهي.¡
تاريخ : 6-3-2008