ڪالم / مضمون

سنسار، سنڌ ۽ منھنجي سوچ

دنيا، پاڪستان ۽ سنڌ جي مختلف معاملن تي لکيل ڪالمن ۾ بشير منگيءَ مسئلن جي اپٽار ڪئي آھي. ھن ڪرنٽ افيئرز خاص ڪري سياست، ادب، تعليم، صحت سميت مختلف مسئلن تي ڪالم لکيا آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنسار، سنڌ ۽ منھنجي سوچ

ايٽمي جنون ۾ ڦاٿل ڀارت

آمريڪي ايوان بالا انڊين، آمريڪي ائٽمي ٺاهه واري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي ايوان بالا هن ٺاهه کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. هن ٺاهه موجب ڀارت آمريڪا کان ائٽمي معاملن بابت ساز سامان آسانيءَ سان خريد ڪري سگهندو. ساڻ ڀارت جو ايشين ٽائيگر ٿيڻ جو خواب به ساڀيان ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ڀارت کي آمريڪا ايشيا کنڊ ۾ طاقتور ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو، ان جو سبب ويجهڙ ۾ چين جون سياسي اقتصادي سطح تي ڪاميابيون ماڻڻ سبب دنيا ۾ طاقتور ملڪ ٿي اڀريو آهي. چين ائٽمي طاقت سان گڏ اقوام متحده ۾ ويٽو پاور جو به حق رکي ٿو. اتان جو عوام باشعور ۽ پنهنجن حڪمرانن سان ملڪ جي ترقي ۽ جاکوڙ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي. سو هن وقت آمريڪا، ڀارت جي آڙ ۾ چين لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ گهري ٿو. ڀارت جو جيتريقدر سوال آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪن سان پنهنجا ناتا سڌارڻ بدران طاقت جي نشي ۾ اچي بگاڙي رهيو آهي. هن وقت ڀارت تي اخلاقي طرح وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو پاڙيسري ملڪن سان اهڙو ورتاءُ رکي جنهن سان امن امان ۽ ڀائيپي وارو ماحول پئدا ٿئي. ٻي صورت ۾ ڀارت لاءِ جيڪي مشڪلاتون پيدا ٿينديون جن کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو.
امن جي نام نهاد ٺيڪيدار ملڪن جي پاليسين بدولت هن وقت عالمي امن داءَ تي لڳل نظر اچي ٿو آهي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ جنگجو ۽ طاقتور هجڻ جي نشي ۾ هن وقت دنيا جا 8 ملڪ ائٽمي پاور پڻجي چڪا آهن. هتي ائٽمي ملڪن جي ائٽمي ڌماڪن جي مختصر تاريخ کي ورجائيندو هلان ته جيئن پڙهندڙن جي علم ۾ اضافو ٿئي. 16 جولاءِ 1945ع تي آمريڪا پهريون ڀيرو ائٽمي تجربو ڪري دنيا ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جو بنياد وڌو، آمريڪا، ٽريٽي، جي نالي سان ائٽمي ڌماڪو ڪيو. ان جي رد عمل ۾ روس ان کان به وڌيڪ طاقتور ائٽمي ڌماڪو 29 آگسٽ تي مجوا دل جي نالي سان ڪيو روس جي ائٽمي ڌماڪي جي شدت آمريڪي ائٽمي ڌماڪي کان 3 ڪلو ٽن وڌيڪ هئي. آمريڪي ايٽم بم جي ڌماڪي جي شدت 19 ڪلو ٽن هئي، جڏهن ته روس 22 ڪلو ٽن شدت جو ڌماڪو ڪيو تنهن کانپوءِ برطانيا به ائٽمي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو. 3 آڪٽوبر 1952ع ۾ هوريڪين جي نالي سان ائٽمي ڌماڪو ڪيو هن ڌماڪي جي شدت روس کان به وڌيڪ هئي. يعني 25 ڪلو ٽن هئي. پوءِ فرانس جو وارو آيو. فرانس جيربوسي بليو جي نالي سان ائٽمي ڌماڪو ڪيو. فرانس جي ائٽمي ڌماڪي پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هن ڌماڪي جي شدت 60 ڪلو ٽن هئي. ان کانپوءِ چين 16 آڪٽوبر 1964ع ۾ 596 جي نالي سان ائٽمي ڌماڪو ڪيو. هن ڌماڪي جي شدت روسي ائٽمي ڌماڪي جي برابر يعني 22 ڪلو ٽن هئي. پوءِ وارو آيو ڀارت جو، 18 مئي 1974ع تي مسڪرائيندڙ ٻڌ، جي نالي سان ڌماڪو ڪيو ڀارت جي ائٽمي ڌماڪي جي شدت 12 ڪلو ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 28 مئي 1998ع تي چاغي اول جي نالي سان ائٽمي ڌماڪو ڪيو. هن ڌماڪي جي شدت 9 ڪلو ٽن هئي. تازو 19 آڪٽوبر 2006ع تي اتر ڪوريا هوادي جي نالي سان ائٽمي ڌماڪو ڪيو. اهڙن ائٽمي ڌماڪن کانپوءِ دنيا جا مختلف ملڪ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ رڌل نظر اچن ٿا. ايران لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام تيزي سان ايٽمي پروگرام کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي.
هن وقت پوري دنيا ۾ 23 هزار ائٽمي هٿيار موجود آهن ان ۾ آمريڪا وٽ 10 هزار کان به وڌيڪ هٿيار آهن. انهن مان 6 هزار هٿيار فوري طور استعمال ۾ آڻي سگهجن ٿا. روس وٽ 11 هزار ائٽمي هٿيار آهن. آمريڪا هاڻ تائين 10 هزار 54 ائٽمي تجربا ڪري چڪو آهي. روس 715 ائٽمي تجربا ڪيا آهن چين وٽ (400 ) چار سو ائٽمي هٿيار موجود آهن. 45 تجربا ڪري چڪو آهي. اهڙي طرح فرانس وٽ 350 ائٽمي هٿيار آهن هن وقت تائين فرانس 210 تجربا ڪري چڪو آهي. برطانيا 200 ائٽمي بمن جو مالڪ آهي ۽ 45 تجربا ڪري چڪو آهي. اسرائيل وٽ هن وقت 200 ائٽم بم موجود آهن پر اسرائيل باضابطا طور ڪو اعلان ناهي ڪيو. ڀارت وٽ 95 ائٽم بم موجود آهن ۽ 6 تجربا ڪري چڪو آهي.
آمريڪا ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ اڃان اڳتي وڌي رهيو آهي هن وقت وڌيڪ خطرناڪ ۽ موتمار پلان اسٽار وار جي نالي سان شروع ڪري چڪو آهي. آمريڪا اسٽار وار جي منصوبي تحت جاپان ۽ جنوبي ڪوريا کي ممڪن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ فضا ۾ دفاعي ديوار فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. جنهن سان ميزائل حملي کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو. آمريڪا جي اهڙي آڇ کانپوءِ چين ناراض نظر اچي رهيو آهي ۽ چين جي نفرت آمريڪا لاءِ وڌندي وڃي ٿي. چين پنهنجي سلامتي لاءِ کي سامهون رکندي پيٽ سان پٿر ٻڌي وڌيڪ مهلڪ هٿيار ٺاهڻ شروع ڪندو ۽ اڳتي هلي چين آمريڪا جي سخت مخالف ايران ۽ اتر ڪوريا سان معاهدا ڪري آمريڪا لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿو جنهن سان ايشيا کنڊ جي امن بگڙجندو جنهن جي ذميواري آمريڪا ۽ يورپي ائٽمي ملڪن مٿان هوندي، هاڻي سڀ کان وڌيڪ ذميواري آمريڪا جي بڻجي ٿي ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ آمريڪا ئي جنگي جنون جي مرض ۾ ورتل آهي. ۽ عالمي امن جو ٺيڪيدار به آهي ان نعري تحت پر امن ملڪن تي حملا ڪري پنهنجا مقصد ماڻي رهيو آهي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا جو پٺي ٺپيل، ڀارت، انسانيت،امن لاءِ ڪهڙو ٿو ڪردار ادا ڪري. ڀارت ايشين ٽائيگر بنجڻ جي شوق ۾ ائٽمي معاهدا ڪري پنهنجي قوت ۾ ڀلي اضافو آڻي، پر ان سان گڏ انسان دوستي ۽ امن لاءِ به پاڻ پتوڙي خاص ڪري ڀارت ۾ ايٽمي پلانٽس کي محفوظ ڪري وجهي ماضيءَ ۾ ائٽمي پلانٽ مان خارج ٿيندڙ ائٽمي تابڪاري ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن پهريون ته يورنيم جي گدامن کي محفوظ ڪرڻ جا اپاءُ وٺي پوءِ آمريڪا کان ائٽمي ساز سامان جي گهرج ڪري، ائٽمي تابڪاري ڪري ڀارت جا ڀروارا ملڪ به متاثر ٿين ٿا. انهن ملڪن وٽ به تحفظات آهن خدشا آهن ڀارٽي ائٽمي پلانٽن ۾ ٿيل نقصانن موجب هن وقت تائين اٽڪل 40 هزار ماڻهو ايٽمي تابڪاري سبب مري چڪا آهن. 3 ڊسمبر 1984ع تي صبح سويري ڀوپال ۾ ائٽمي حادثو ٿيو. ڀوپال شهر جي ڪل آبادي 17 لک کان به وڌيڪ آهي اتي هن حادثي ۾ 25000 هزار ماڻهو ائٽمي تابڪاري جو شڪار ٿيا. ڀوپال ائٽمي پلانٽ 40 ٽن ايم آءِ سي ميٿائل آئيسو سائينيٽ جو سلنڊر ڦاٽي پيو هو. جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته اهو سلينڊر گرمي جو درجو وڌي وڃڻ ڪري ڦاٽي پيو هو. ان حادثي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن جي مارجڻ کانسواءِ بچي ويل مائرون سموري زندگي ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويون. اهڙي طرح 31 مارچ 1993ع ڪونرودا جي ائٽمي پلانٽ ۾ خطرناڪ ڌماڪو ٿيو جنهن سان ري ايڪٽر ٽربائن سميت پوري پلانٽ ۾ بم ڌماڪي سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿي ويون. پر ڀارتي سرڪار ان ڌماڪي جا تفصيل/نقصان ميڊيا کان لڪايا. هن پلانٽ ۾ وڌيڪ موت جو شڪار اُهي ڪارڪن ٿيا جيڪي ان وقت ان هن پلانٽ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. 13 مئي 1994ع ڪائگاري جي ائٽمي ري ايڪٽر پلانٽ ۾ هڪ حادثو پيش آيو. هن حادثي ۾ 40 ملازم جيڪي ان وقت پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئا اجل جو شڪار ٿي ويا. ساڻ پلانٽ جي 40 ميٽر بلند عمارت جيڪا 12 منزلن تي مشتمل هئي هڪ وڏي ڌماڪي سان ڪري پٽ پئي ۽ مٽي جو ڍير بڻجي وئي. 6 سيپٽمبر 1992ع تي ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر ۾ ڌماڪو ٿيو هي ڌماڪو گئس پائيپ ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٿيو. هن ڌماڪي ۾ ڪيترائي ڪم ڪندڙ ملازم موت جو شڪار ٿيا. ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر ڊاڪٽر هومي جي ڀاڀا جي نالي سان رکيو ويو آهي. جنهن کي انڊين نيو ڪليئر پروگرام جو ابو سڏيو وڃي ٿو.
ڀارتي رياست آنڌرا پرديس جي منسٽري آف انوائرمينٽ ۽ فاريسٽ 6 فيبروري 2006ع تي هڪ فيصلو ڏنو آهي جنهن ۾ يورنيم جي کاڻن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. اهڙي فيصلي خلاف علائقي جي ماڻهن احتجاجي مظاهرا به ڪيا آهن پر ڀارتي سرڪار يورنيم حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ ڪافي اڳتي اچي چڪي آهي. سرڪار ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کان وڌيڪ مهلڪ هٿيار ٺاهڻ جي جنون ۾ پوري آهي. ان سلسلي ۾ ڀارت سرڪار کي تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجن ائٽمي اثاثن کي هر لحاظ کان محفوظ بڻائي، عام ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل خوف کان آجو ڪري ۽ مڪمل تحفظ فراهم ڪري، هر ڳالهه ۾ عوام کي شريڪ ڪري مونجهارن کي دور ڪجي. ان حوالي سان ته ڀارت هڪ جهموري ملڪ آهي جتي عوام جي راءِ جي اهميت هئڻ گهرجي. هلندڙ سال رياست بهار جي جهارکنڊ علائقي ۾ خطرناڪ تابڪاري خارج هئڻ ڪري اڃا تائين ماڻهو تابڪاري اثر هيٺ مري رهيا آهن. سوين ماڻهو مفلوج ٿي چڪا آهن. هنن جي اکين مان بينائي ختم ٿي چڪي آهي. ٻارڙن جا هٿ پير ٽيڏا ٿي چڪا آهن. ڀارتي سرڪاراهڙن حادثن ۽ واقعن کان انڪار ڪندي رهي آهي، ته ڀارتي جهار کنڊ واري علائقي ۾ نال گونڊا جي مقام تي يورينيم جا ذخيرا 1990ع ۾ دريافت ٿيا هئا جڏهن ته جادوگدا ۾ يورنيم جا ذخيرا 1967ع ۾ دريافت ٿيا هئا جنهن جي پئداوار 150 ٽن سالياني آهي.
ڀارت ڀلي يورنيم سان مالامال هجي يا ائٽمي لحاظ کان طاقتور، ڀل معاشي لحاظ کان عالمي منڊي ۾ ٽاپ لسٽ هجي ۽ شرح خواندگي ۾ يورپ سان ڪن هڻي ڀل ڀارٿ پنهنجو پاڻ کي ٽائيگر به سمجهندو هجي پر چين جي نظر ۾ هن خطي ۾ ڀارت غريب ملڪ آهي، ٽائيگر بلڪل ناهي ۽ نه ٿي سگهندو. پوءِ ڇو نه ڀلي آمريڪا ڀارت کي معاشي ميدان ۾ يا ائٽمي ميدان ۾ طاقتور بڻائي ڀارت بابت اهڙو خيال بي بي سي جو نمائندو روبرٽ ونگفيلڊ هينر هنن لفظن ۾ ٿو بيان ڪري ”مڃون ٿا ته چين ۾ هڪ آزاد معاشرو ناهي ۽ چين بي پناهه مسئلن ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو پر اتي ٿيندڙ ڪاميابين کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. چين جتي بيٺو آهي اتي ان جو مقابلو ڀارت پنهنجي آزاد ۽ جهموري معاشري جي باوجود به نه ٿو ڪري سگهي، خاص ڪري هن خطي جا ماڻهو جيڪي بکن ڪاٽڻ سبب حياتيون وڃائي ويهن ٿا اُهي ملڪ جيڪي وسيلن جي تنگي سبب بک، بيماري ۽ موت وڌي رهيا آهن،ان خطي ۾ خوني جنگين جا خواهشمند ملڪ يا ماڻهو انسانيت جا ڪهڙي ريت سڄڻ ۽ دوست ٿي سگهن ٿا“. هن وقت ڀارت نوبل امن جا 7 انعام حاصل ڪري چڪو آهي امن جو حامي ۽ سيڪيولر ڀارت آخر جنگي جنون ۾ ايڏو ڇو مبتلا آهي ڇا هو هن امن واري خطي ۾ طاقت جو استعمال ڪري امن امان جا مسئلا پيدا ڪندو؟ اهي اهڙا سوال آهن جو پاڙيسري ملڪن جو عوام سوچي ٿو ۽ ڀارت کان جواب طلبي ٿو ان موقعي تي ڀارتي سرڪار کي اشوڪا اعظم وارو تاريخي باب به پڙهڻ گهرجي، جنهن 273 ق م ۾ ڪلنگاهه جي فتح لاءِ مسلسل 8 سال ويڙهاند ڪئي ان جنگ ۾ ڏيڍ لک ماڻهو قيدي ٿيا ۽ هڪ لک ماڻهو مارجي ويا، انهيءَ ڪوس ۽ ماڻهن کي قيدي بنائڻ واري مسئلي اشوڪ کي سخت صدمو رسايو جنهن کانپوءِ هن پنهنجي شهنشاهيت جي حدن اندر جنگي مهم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم جي پناهه ۾ سڪون ماڻيائين ۽ دنيا کي امن ۽ پيار جو پيغام ڏنائين ۽ جيڪي باقي زندگي گذاريائين ان ۾ امن ۽ شانتي جو پرچار شامل هو. آخر هو زماني جي ظالمن هٿان قتل ٿي ويو، ڀارت سرڪار کڻي ڪيڏي به طاقتور هجي پر جيڪي به فيصلا ڪري اهي هندستان جي تاريخ کي سامهون رکي ڪري. جنگي جنون جي مرض ۾ وڪوڙيل هندستاني بادشاهن، شهنشاهن راجا ۽ مهاراجائن جا حشر ڪيڏا ڀيانڪ ٿيا آهن!.
اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هي خطو اقتصادي طور جنهن اڻبرابري ۽ عدم توازن جو شڪار آهي هن ڌرتيءَ تي رهندڙ اڪثريتي آبادي کي موت کان به بدتر حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو اهڙي حالتن ۾ انسانيت جي گڏيل ورثي ۽ ملڪيت جو درجو رکندڙ وسيلا جنگجو ماڻهن جي خواهشن جي پورائي لاءِ جنگين تي خرچ ڪرڻ سنگين ڏوهه برابر آهي جنهن تي ڪن لاٽار نٿي ڪري سگهجي تنهنڪري هن خطي اندر هلندڙ جنگي مهمون بند ٿيڻ گهرجن. سمورا معاشي وسيلا انسانيت جي تحفظ ڀلائي ۽ معيار زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن ان سلسلي ۾ ائٽمي قوتون ڀارت، اتر ڪوريا، چين ۽ پاڪستان جو عالمي امن، عوامي خوشحالي، سماجي ترقي، ڀائپي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ٽيبل تي ويهڻ ضروري ٿي پيو آهي.¡