صوماليا ۾ آمريڪي اڳرائي
صوماليا جاگرافي طور آفريڪا ۽ ايشيا واري خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس جاءِ تي واقع آهي. 3025 ڪلوميٽر ساحلي پٽي رکڻ وارو هي ملڪ سعوديه ۽ خليج عرب جي معدني ذخيرن کان بحري رستي ذريعي تمام ويجهو آهي. 657. 637 چورس ڪلوميٽر پکيڙ وارو ملڪ بحر هند جي اڀرندي ڪناري تي آباد آهي. صوماليا کي اوڀر آفريڪا جو در به چيو وڃي ٿو. صوماليا جي ساڍا اٺ ملين کان وڌيڪ آبادي مسلمان آهي. جيڪي مختلف قبيلن ۾ ورهايل آهن. پوري ملڪ ۾ قبائلي ڪلچر آهي. سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي خانه بدوش قبيلن تي مشتمل آهي. پنجويهه سيڪڙو ماڻهو هارپو ڪندا آهن. شهري آبادي جو تناسب 15 کان 20 سيڪڙو آهي. يورينيم، لوهه، تيل ۽ ٻين معدني ذخيرن سبب آمريڪا جون اکيون هن ملڪ تي کتل آهن. هن وقت آمريڪا صوماليا کي هن خطي ۾ پنهنجي مفادن خلاف خطرو سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ جو آمريڪا مخالف جماعت اسلامڪ ڪورٽس يونين جي صوماليا جي ڌرتي جي چپي چپي تي قبضو آهي. اسلامي ڪورٽس يونين آمريڪا کي صومالي عوام جي ترقي ۽ تعمير لاءِ دشمن سمجهي جنگ جوٽيندو ٿو اچي. ٻي طرف آمريڪا، جهادي گروپن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آمريڪا 1993ع ۾ اقوام متحده کي اڳ ۾ ڪري صوماليا تي حملو ڪيو هو. ان وقت آمريڪا پاران اهو الزام مڙهيو ويو ته حملو صومالي جنگي سردار فرح عديد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. ان آمريڪي حملي خلاف عوام اٿي کڙو ٿيو ۽ آمريڪي فورسز خلاف زبردست مزاحمت ڪئي. نتيجي م ڪيترائي آمريڪي فوجي مارجي ويا. آمريڪي هيلي ڪاپٽر بليڪ هاڪ ڪيرايا ويا. اهڙي خوني ويڙهه کانپوءِ 25 مارچ 1994ع ۾ آمريڪا صوماليا مان پنهنجي فوج واپس گهرائڻ تي مجبور ٿي ويو.
صوماليا تي اسلامڪ يونين جي قبضي کانپوءِ ملڪ ۾ شرعي عدالتون قائم ٿيون. اسپتالون ۽ اسڪول قائم ڪيا ويا. عوام اسلامڪ يونين پاران ڪيل عوامي سڌارن جي آجيان ڪئي ۽ مڪمل سهڪار ڪيو. خاص ڪري يونين حڪومت جي اچڻ سان موغا ديشو جي بازارن جون رونقون بحال ٿيون . بندرگاهه ۽ ايئر پورٽ کي عالمي واپار ۽ عوام لاءِ کوليو ويو. جيڪي ڏهن سالن کان خانه جنگي ڪري بند رهيا هئا. صوماليا 1960ع ۾ برطانيا ۽ اٽلي جي تسلط کان جان ڇڏائي پر پائيدار ۽ مضبوط حڪمرانيءَ کان محروم رهيو. شروعاتي ڏينهن ۾ پارلياماني طرز جي حڪومت جو ڍانچو جڙيو پر ڪجهه سالن ۾ فوج بغاوت ڪئي. جنرل محمد صياد بري جي قيادت ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو ويو. ان دور ۾ قبائلي جهيڙا هلندا رهيا ۽ خانه جنگي واري حالت پيدا ٿي . 1991ع ۾ عبد الله يوسف احمد جي قيادت ۾ هڪ جنگجو گروپ محمد صياد بري جي حڪومت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. عبد الله يوسف جي دور ۾ اتر، اوڀر وارن علائقن ۾ قبائلي سردارن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ خودمختياري جو اعلان ڪيو. ان دوران ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري افراتفري ۽ خانه جنگي جو دور شروع ٿي ويو. قبائلي سردارن صوماليا جي ڌرتي کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو 1993ع ۾ اقوام متحده جي ڪوشش سان صوماليا ۾ فيڊرل ٽرانزيشنل حڪومت جو بنياد پيو. فيڊرل حڪومت ٺاهڻ جو سبب صوماليا ۾ خانه جنگي کي روڪڻ سميت ملڪ جي سڀني جنگي سردارن ۽ سياسي اڳواڻن وچ ۾ امن امان وارو ماحول ٺاهڻ سميت گڏجي سڏجي حڪومت جو ڪاروهنوار هلائڻو هو. پر فيڊرل حڪومت اقوام متحده جي ڏنل ٽاسڪ برعڪس آمريڪي مفادن لاءِ ڪم ڪندي رهي جنرل محمد فرح عديد جو پٽ حسين عديد هاڻ فيڊرل حڪومت جو وزير داخلا آهي. ان تازو آمريڪي حملن کانپوءِ آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته صوماليا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوج کي موڪليو وڃي.
1991ع کان 1994ع تائين اسلامڪ ڪورٽ يونين عوامي ڀلائي وارن ڪمن ۾ اڳڀري رهندي آئي 1997ع ۾ مڪمل طور مزاحمت ڪارن جي روپ ۾ يونين جا جٿا نڪري نروار ٿيا. ويڙهاڪ جٿن کي منظم ۽ موثر ڪرڻ سميت انصاف لاءِ اسلامي ڪورٽس جا بنياد وڌا ويا. ان عمل سان ملڪ ۾ امن امان وارو ماحول جڙيو. خانه جنگي ختم ٿي. عوام سک جو ساهه کنيو 2005ع ۾ موغاديشو ۾ اسلامڪ ڪورٽس يونين ملڪي سطح تي هڪ اعليٰ اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ شيخ شريف احمد کي باضابطه طور يونين جو انقلابي اڳواڻ چونڊيو ويو. شيخ شريف اسلامڪ يونين جي واڳ سنڀاليندي هڪ طاقتور فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان فورس ۾ ملڪ جي سڀني قبيلن جي نمائندگي شامل هئي آمريڪا اسلامڪ ڪورٽس جي عوام اندر مقبوليت ڏسي 18 فيبروري 2006ع اٿوپيا جي مدد سان ڪجهه صومالي جنگي قبائلي سردارن تي مشتمل ”اينٽي ٽيررازم الائنس “ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. الائينس آمريڪي امداد ۽ اٿوپيا کان فوجي ساز سامان حاصل ڪري اسلامڪ ڪورٽس يونين خلاف جنگ جو ارادو ڪرڻ لڳو. اٿوپيا جو ڪردار آمريڪا جي پٺو وارو آهي. اٿوپيا هڪ عيسائي ملڪ آهي جنهن جون سرحدون صوماليا سان ملن ٿيون. صوماليا ۽ اٿوپيا جو سرحدي تنازعو 78 _ 1977ع کان جاري آهي. سرحد لڳ ” اوگادن“ واري علائقي تي اٿوپيا جو قبضو آهي. جڏهن ته صوماليا جو چوڻ آهي ته اوگادن وارو علائقو اسان جي ملڪيت آهي. ان جو سبب هن علائقي ۾ صومالي آباد آهن. نوآبادياتي حاڪمن صوماليا جو علائقو اٿوپيا جي حوالي ڪيو هو. اسلامي ڪورٽس جا اڳواڻ اهو مسئلو ٽيبل ٽاڪ ذريعي حل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. جڏهن ته اٿوپيا جنگ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو آهي. ٻي طرف يونين جي اڳواڻ شيخ شريف اهو الزام هنيو آهي ته آمريڪا اٿوپيا کي صوماليا سان جنگ لاءِ اتساهي رهيو آهي. اٿوپيا وارن جو چوڻ آهي ته صوماليا جا اسلامي اڳواڻ گريٽر صوماليا جا خواب ڏسي رهيا آهن.جيڪي ڪڏهن به ساڀيان ٿيڻ نه ڏينداسين. صوماليا جون اسلامي تنظيمون گريٽر صوماليا لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن جيڪو اتر ۾ جبوتي ۽ ڪينيا جو اُثر ۽ اوڀر وارو علائقو ۽ اٿوپيا جو اوڀر وارو علائقو شامل آهي. ٻي طرف اسلامي ڪورٽس يونين وارو گريٽر صوماليا واري خواب تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن خاص ڪري اتحاد اسلاميا جو اڳواڻ شيخ اوويز ان سلسلي ۾ ڪافي اڳڀرو آهي. شيخ اوويز اسلامي ڪورٽس يونين جي نوي رڪني شورى جو سربراهه آهي. صدر بش نومبر 2001ع ۾ دهشتگرد قرار ڏيندي شيخ اوويز کي ڪينيا ۽ تنزانيا ۾ آمريڪي سفارتخانن تي حملي ۾ ملوث قرار ڏنوآهي.
7 جون 2006ع تي بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي صدر بش چيو ته” موغاديشو کي افغانستان بڻجڻ نه ڏينداسين. نه وري القاعده يا طالبان طرز جي دهشتگردن لاءِ پناهه گاهه بڻجڻ ڏينداسين. ” آمريڪي دٻاءُ تحت آگسٽ 2006 جي پهرين هفتي ۾ نيروبي ۾ منعقد ٿيل آفريڪي ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته صوماليا ۾ ڇهه هزار فوج اسلامڪ يونين جي تنظيم کي ڪچلڻ لاءِ موڪلي ويندي. جيڪا آمريڪي حمايت يافته نام نهاد فيڊرل حڪومت جي مدد سان اسلامي تنظيمن جي ويڙهاڪ جٿن جو خاتمو آڻيندي. ان اعلان کانپوءِ اسلامي جهادي تنظيمن انهن جنگي سردارن جو پيڇو ڪيو جيڪي آمريڪا ۽ اٿوپيا جا نوازيل هئا. انهن جنگي سردارن کي ماري ڪٽي ڀڄايو. هوبيو ۽ ساڪو شهر به پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ورتا. اهڙي جنگي فتوحات حاصل ڪرڻ کانپوءِ اسلامي ڪورٽ اقوام متحده، مصر، سوڊان، يمن ۽ آمريڪا جي سربراهن ڏانهن خط لکيا پنجن صفحن واري ان خط ۾ اسلامي ڪورٽس يونين اهو يقين ڏياريو ته اسلامي حڪومت دهشتگردن جي حامي ناهي. اسان جو جيڪو وجود آهي اهو عوام جي سهڪار سان آهي ۽ ملڪ ۾ امن امان اسان جي اولين ترجيح آهي. آمريڪا ان خط تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسلامي ڪورٽس يونين صوماليا ۾ امن لاءِ سنگين خطرو سمجهي وڃي ٿي. تازو آمريڪي حملن کانپوءِ صومالي عوام به آمريڪا خلاف اٿي کڙو ٿيو آهي. ٻي طرف آمريڪا جنگ کي هوا ڏيندي پنهنجون حمايتي فوجون صوماليا ۾ داخل ڪري هڪ خطرناڪ فيصلا ڪن جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي. اهڙي جنگ ۾ ڪمزور صومالي عوام جو خون وهندو ۽ خطي ۾ امن امان بگڙجي ويندو. هاڻي سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ آمريڪا القاعده سان وابستگي جا الزام هڻي ڪيترن ئي مسلم ملڪن جو ستيا ناس ڪندو. جيئن افغانستان، عراق، لبنان ۽ حماس وارن جي ڪڍ پئجي ويو آهي ته جتي لکين بي گناهه مظلوم ماڻهن جو قتل عام ٿيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته صوماليا جي ڪمزور عوام سان به ائين ڪري. جيستائين جنوني صدر بش آمريڪا جو حڪمران آهي مسلمان رياستن خلاف جنگ جوٽيندو ايندو.¡
تاريخ : 16-1-2007