آمريت جو تصور ۽ مظلوم ماڻهو
ملڪ جي صدر سڪندر مرزا جي دور ۾ جنرل ايوب خان جي سربراهي ۾ ڪور ڪمانڊر ليفٽينينٽ جنرل اعظم خان جي نگراني ۾ لاهور شهر م پهرين مارشلا لڳي 8 ـ آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ جي ڪامورن، فوجي آفيسرن ۽ آمريڪي فوجي صلاحڪارن جو خيال هو ته پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ خطري کان خالي ناهين. تنهن ڪري هن ملڪ ۾ مارشلا هنئي وڃي. هي اهو دور آهي جو جيڪڏهن جمهوريت کي پروان چڙهڻ ۾ مدد يا هٿي ملي ها ته شايد آمريت اسان جي جهول ۾ نه پوي ها. هر ڳالهه هر شي جو پنهنجو هڪ دور ٿيندو آهي. بهر حال اهو دور نڪري ويو. اهڙي طرح جنرل ايوب خان کي ملڪ جو سياسي اقتدار سنڀالڻ لاءِ چيو ويو سڪندر مرزا کي استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. حوالو ڪتاب ”ٽين دنيا جون فوجي آمريتون“، ( باب ٽيون: بندوق ۽ ٽوپلو)
17 اڪٽوبر 1958ع ۾ جنرل ايوب خان مارشلا هڻي ملڪ جو مالڪ بڻجي ويو. اهڙي طرح اهي ملڪ مڪمل طور تي فوجي جنتا جي چنبي هيٺان اچي ويو. مٿين حوالي سان معلوم ٿئي ٿو آمريڪا. ڪاموراشاهي ۽ فوج جو مقصد هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت نه پر فوجي راڄ ئي بهتر رهندو ۽ ٽنهين ڌرين جي ماڻهن جا مفاد حاصل ٿيندا رهندا ،هن وقت حالت اها آهي ته آمريڪا جي ملڪي معاملن ۾ ايتري مدا خلت آهي جو جڏهن ملڪ جو سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان جڏهن اسلام آباد مان علاج لاءِ ڪراچي اچي ٿو ته آمريڪا چوي ٿو اسان کان اجازت وٺو ۽ مڪمل معلومات فراهم ڪيو . ٻئي طرف ڪامورا شاهي آهي جيڪا عوام مٿان غلط فيصلا مڙهي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿائين ٽين قوت فوجي قوت آهي جيڪي سرحدون ڇڏي اچي عوامي ادارن تي قابض ٿي سربراهه بڻيا ويٺا آهن. ڪي سياستدان بڻجي اتي پيا جاوا ڪن، بهرحال جنرل ايوب خان فوجي بادشاهت جو اهڙو بنياد وجهي ويو آهي جو عوام ڪيتريون صديون آمريت خلاف جدوجهد ڪري تڏهن به هو ڪجهه نه ڪري سگهندو نه ئي ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي سگهندو سواءِ هن جي ته هو نمازون پڙهي دعا گهرن ته ڪا سولي سڻائي ٿي.
25 مارچ 1969ع تي يحي‘ خان مارشل لاءِ هنئي ان کان پوءِ 20 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽي جي نگراني ۾ سول مارشل لاهنئي وئي 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءِ الحق ملڪ ۾ مارشلا هنئي سول چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ذوالفقار ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو، 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مشرف ملڪ جو فوجي چيف ايگزيڪيٽو بڻجي ويو.
اهڙي طرح جنرل مشرف به جنرل ايوب خان ضياءِ الحق جهڙن جنرلن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ڏنڊي ۽ طاقت جي زور سان هلائي رهيو آهي. پاڪستان جي 59 سالن جي سياسي تاريخ تي نظر وجهبي ته چڱو خاصو وقت فوج ئي عوام تي حڪمراني ڪندي آئي آهي. حقيقت ۾ هي ملڪ انگريزن ڪجهه قوتن کي سندن خدمتن عيوض مالِِ غنيمت طور ڏنو هو. جيئن انگريز سرڪارانگريز ڪاز لاءِ ڪم ڪندڙ اميرن ۽ نوابن کي هند ۽ سنڌ ۾ جاگيريون ڏنيون تيئن ئي ڪجهه قوتن کي خدمت عيوض هي ملڪ هڪ جاگير جي حيثيت ۾ عطا ڪيو ويو. هاڻي هن ملڪ ۾ جمهوريت قطئي طور اچڻي ناهي نه ايندي هي ملڪ هلندو فوجي حڪمرانن جي طابع هلندو. اسان کي آمرن جي آمريت کي هر حالت ۾ سِهڻو پوندو ان جو سبب اهو آهي ته 59 سالن ۾ فوج پاڪستاني عوام کي جيترو ڪچليو ۽ ذهني طور چيڀاٽيو ويو آهي ساڻ معاشي مسئلا پيدا ڪري ڪشڪول هٿن ۾ ڏنو آهي ۽ مذهبي ۽ لساني طور ماڻهن کي ورهايو ويو ديني عالمن جا قتل ٿيا. سماجي طور ماڻهو ڀچ ڊاهه جو شڪار ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ موجود افراتفري، نسل پرستي .امن امان جي خراب ٿيندڙ حالتون ، عدم تحفظ جو شڪار زندگي، انساني قدرن جي لتاڙ بدحال معيشت، رياستي ادارن جو زوال رشوت ۽ اقربا پوري جهڙيون بيماريون اڏوهي جيان کائي رهيون هن.
هن وقت ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن، جن وٽ دنيا جي منظم ۽ موثرفوج آهي پر انهن ملڪن جي سياستدانن ڪڏهن به سول معاملا فوج حوالي نه ڪيا، نه وري فوج کي حڪمراني جي ضرورت پيش آئي، ڇا ڪاڻ جو انهن رياستي Institution جو بنياد جمهوري بنيادين تي رکيل آهن آمريڪا فرانس چين، جرمني، جپان جون فوجون، طاقتور آهن پر ملڪي سياست کان ڏور آهن، اسان جي ملڪ ۾ فوجي آمريت مظبوط آهي ۽ هر اداري ۾ موجود آهي ساڻ سياست ۾ به سڌي طور ملوث آهي اهڙي طرح آمريت اسان کي 59 سالن کان ورثي ۾ مليل آهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل ان آمريت جي انڌيري ۾ پنهنجو وقت گذاري ويندا، جي ايندڙ ٽهي ڪو ٻارڻ ٻاري وجهي ته انهن لاءِ بهتر ٿيندو، باقي الله واهي آهي.
ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي ڏسي ملڪ جو هر باشعور ماڻهو، مونجهاري جو شڪار رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن ملڪ جو عوام مجموعي طور بيوس ٿي چڪو آهي. بيوس ماڻهو ساڻو ٿي ڪري پوندو آهي ۽ ڪجهه به نه ڪري سگهندو آهي ۽ پوءِ مجبور ٿي غلامي جو طوق ڳچيءَ ۾ پائي هڪ ڪنڊ م وڃي مٿو پٽيندو رهي ٿو. سو هن وقت هر ماڻهو بيوسي جي عالم ۾ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي حالت تي ڳوڙها ڳاڙهي رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جو قتل ۽ اڪبر بگٽي جو قتل مظلوم قومن جي حقن کان انڪاري حڪمران، عوام جي جذبن ۽ امنگن کي نه سمجهن ٿا نه ڌيان ڏئي ڪو ازالو ڪن ٿا، ڀلا حڪمران ائين ڇو ڪن ! ڇاڪاڻ جو آمريت ۾ عوام جي ڳالهه نه هلندي آهي صرف بندوق ۽ گولي جي. شهري ۽ عوامي حقن واري علم جو ماهر پروفسير وي اوڪي چوي ٿو ته ”جيڪڏهن اجتماعي سياسي معاملن جي جوڙ جڪ ۾ عوام جي خيالن کي مناسب جاءِ نه ڏني ويندي ته جمهوريت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويندو اهو گارين کان سواءِ ڪجهه نه هوندو“.
هاڻي جڏهن عوام جي خيالن کي بوٽن هيٺان چٿي چيڀاٽي ڇڏجي ته اُتي جمهوريت جي ڳالهه گارين جي برابر آهي. هتي آمريت جي وصف بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيئن آمريت کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي ته آمريت ڇا ٿيندي آهي ساڻ آمريت جون خاصيتون به سامهون رکان ٿو ته پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته اسين آمريت ۾ زندگي گذاريون ٿا پيا يا جمهوريت ۾.
فوجي آمريت جي وصف
هي حڪومت طاقت جي زور تي قائم ڪئي ويندي آهي. جديد دور ۾ آمريت جو سڀ کان عام قسم فوجي آمريت آهي. هڪ فوجي جنرل فوج جي پٺڀرائي تي ملڪ ۾ قائم ڪندو آهي. انهيءَ ڪري هو هميشه فوج سان پنهنجي وابستگي برقرار رکندو آهي. فوج کي مظبوط ۽ خوش رکندو آهي. آمريت ۾ اقتدار فرد واحد وٽ هوندو آهي. سياست جا سڀ اختيار فوجي حڪمران وٽ هوندا آهن. هڪ مرڪز هوندوآهي. اهو مرڪز آمريت واري نظام ۾ آمر جي شخصيت کي اڀاڙڻ ۾ هر طرح جي ڪوشش ڪندو آهي. مثال طور جڳ مشهور ڏاهو ارسطو حڪومتين جي درجه بندي ڪجهه هيئن ڪئي آهي .
فرد واحد جي حڪومت + غير سماج + بادشاهي حڪومت + جابرانه ۽ غير جمهوري حڪومت. گهڻن جي حڪومت+ منظم سماج + جمهوري حڪومت
مٿي ڏنل ارسطو جي چارٽر موجب فرد واحد جي حڪومت هڪ جابرانه ۽ غير جمهوري حڪومت ۾ شمار ٿئي ٿي.
آمريت ۾ رياست کي مقدس ترين ادارو سمجهيو ويندو. رياست کي وڏو مقام حاصل هوندو آهي، رياست جون ٻيون لاڳاپيل وحدتون ويل ۾ ڦاٿل هونديون آهن رياست جي مظبوطي جو پرچار ڪري آمر دراصل ذاتي شهرت ۾ اضافو آڻيندو آهي آمريت ۾ هڪ پارٽي جي حڪومت هوندي آهي، هڪ رياست اندر هڪ جماعت ۾ هڪ ليڊر آمرڻي نظام جو نعرو هوندو آهي. صرف آمر جي جوڙيل جماعت کي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. ٻيون سياسي پارٽيون قانون جي خلاف قرار ڏنل هونديون آهن ملڪ اندر ڪنهن به شخص کي آمر جي ڪارواين تي ڪنهن قسم جي تنقيد جو حق ناهي هوندو جيڪڏهن ڪا تنقيد ٿئي ٿي ته ان کي سختي سان چيڀاٽيو ويندو آهي. هن نظام ۾ عام شهرين جا حق ۽ آزاديون ضبط هونديون آهن. عدليه جون سڀ سرگيرميون آمر جي منشا مطابق هلنديون آهن. ان لاءِ هي چوڻ مناسب آهي ته عدليه ۽ انتظاميه جا سڀ آختيار مڪمل طرح آمر جي هٿ وس هوندا آهن. هر آمر رياست اندر ترقي جا وڏا معاشي منصوبه عوام آڏو پيش ڪندو آهي. جيئن عوام معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لالچ ۾ هن جا ساٿي بڻجن هن مقصد خاطر هو قومي مفادن جي تحفظ جي پرچار ڪندو آهي. هن نظام ۾ آمر جي اقتدار جو انحصار فوجي قوت تي هوندو آهي . انهي ڪري فوجي قوت جي واڌاري تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي،
اهڙي طرح آمرآڻي نظام ۾ شخصي آزادي ۽ ذهني ترقي ختم ٿي ويندي آهي ماڻهو جي خودي، عزت النفس، جرئت ۽ سوچڻ سمجهڻ واريون صلاحيتون ختم ٿي وينديون آهن! اهڙو ماحول ۽ حالتون ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿينديون آهن.
جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ اهڙيون حالتون ڏسڻ ۾ اچن ته اتي آمريت ئي هوندي آهي. اهڙي ملڪي حالتن کي مد نظر رکندي ڪتاب، فڪرو نظر ڪي نئي زاوي “ ۾ مصنف مشتاق احمد هيئن ٿو لکي.”جڏهن عام ماڻهو آمرن جي سازشن جو مقابلوڪرڻ جي سگهه وڃائي ويهي. سوچ ۽ تخليق جي سگهه وڃائي ويهي هو ظلم ۽ ناحق سامهون ٿيندو ڏسي ۽ ڪجهه چئي نه سگهي، جستجو ڪندڙ ڪردار ۽ فڪري طور سگهارا ماڻهو به لاچار ٿي ويهن ته اتان هڪ مڪافاتي عمل شروع ٿئي ٿو. جنهن جا ظاهري طور سبب کڻي ڪهڙا به هجن اهو مڪافاتي عمل عوام جي آزادي لاءِ هوندو“.
ڇاڪاڻ ته الله ئي هر شئي تي قادر آهي. سورت ق آيت 14 ترجمو : ”۽ اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ جيڪي خيال هن جي دل ۾ گذرن ٿا اسان انهن کي سمجهون ٿا. اسان هن جي ساهه جي رڳ کان وڌيڪ قريب آهيون“.¡
تاريخ : 15-9-200