جمهوري قوتن جي ٽڪراءُ ۾ فائدو ڪنهن جو؟
ٻي طرف منظور وٽو جي قيادت ۾ ڌڙو پ پ پ حڪومت ۾ شامل ٿي چڪو آهي. جنهن سان پ پ پ پنجاب ۾ طاقتور ٿيندي نظر اچي ٿي. جيڪڏهن ججن جي مسئلي کي ڏسجي ته اهو مسئلو به پ پ پ جدا طريقي سان بغير دٻاءَ جي حل ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ججن جي بحالي جو Credit پ پ پ کي ملي سگهي. ججن جي بحالي جي سلسلي ۾ آئيني پيڪيج تيار ڪرڻ ۽ قرارداد اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. اسيمبلي اجلاس مان آئيني پيڪيج جو مسودو پ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي آڏو رکيو ويندو. جتان منظوري ملڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قرارداد جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو.
پنجاب ۾ گورنر شپ تي ن ليگ کي اعتراض آهن، ان جو چوڻ آهي ته سلمان تاثير خلاف تحفظات آهن اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. ان کان اڳ پنجاب اسيمبلي ۾ پ پ پ جي اسيمبلي ميمبرن ۽ صوبائي وزيرن، ن ليگ سان اختلاف ڪيا هئا ته سرڪاري ڪامورن جي بدلين بابت کين اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي. ايتري قدر جي پ پ پ جي صوبائي وزيرن کي نواز ليگ سان همدردي رکندڙ سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري بدلي ڪري ڏنا ويا آهن. جيڪي پ پ پ جي وزيرن جا حڪم مڃڻ بجاءِ سڌا سوان وزير اعليٰ پنجاب ميان شهباز جا حڪم مڃي رهيا آهن، اهڙي طرح پ پ پ جي وزيرن آصف علي زرداري کي ن ليگ جي رويي جي شڪايت ڪئي هئي. آصف علي زرداري نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري پ پ جي صوبائي وزيرن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پوءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي رنجشون دور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر ڳالهه شايد اتي ئي رهجي وئي جڏهن وزير اعظم يوسف رضا گيلاني لاهور جي دوري تي پهتو ته ساڳيون شڪايتون پ پ پ جي ميمبرن وزير اعظم آڏو رکيون، وزير اعظم ان موقعي تي پ پ پ جي وزيرن کي يقين ڏياريو ته پنجاب ۾ پ پ جي وزيرن کي مڪمل اختيار حاصل آهن. صوبائي وزير پنهنجو ڪم آزادي سان ڪن. ساڻ اهو به چيو ته پارٽي جي ڪارڪنن سان ڪا به زيادتي ٿيڻ نه ڏبي، ان موقعي تي پ پ پ لاهور جي صدر حاجي عزيز الرحمان چن تجويز پيش ڪئي ته وزير اعظم لاهور ۾ هر مهيني عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ کُلي ڪچهري ۾ شرڪت ڪري عام ماڻهن جا مسئلا ٻڌي حل ڪري.
عزيز چن جي اهڙي تجويز کي پارٽي پاران قبول ڪيو ويو آهي. پ پ پ جي سينيئر صوبائي وزير راجه رياض احمد ان سلسلي ۾ ڪافي سرگرم رهيو. پارٽي قيادت جي اشاري کان پوءِ پ پ پ پنجاب جا اڳواڻ ۽ ميمبر انتهائي ذميواري سان ڪم ڪرڻ لڳا ان جو خاص مقصد پ پ پ کي پنجاب ۾ طاقتور بنائڻو آهي. هاڻ جڏهن پ پ ۽ نواز ليگ مختلف رخن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ايجنڊائون به مختلف آهن تنهن ڪري ويجهي مستقبل ۾ مڪمل طور راهون جدا ٿي سگهن ٿيون، ٻي طرف سلمان تاثير جهڙو ماڻهو جيڪو هن وقت پ پ پ جو ورڪر گهٽ آهي پر اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو آهي. سلمان تاثير کي گورنر مقرر ڪرڻ پ پ پ جي خواهش ڪو نه هئي پر اسٽيبلشمينٽ آصف علي زرداري کي اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب وئي ته نواز ليگ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پ پ پ کي طاقتور بنائڻ ۽ اسٽبلشمينٽ جي ايجنڊائن کي سلمان تاثير ئي اڳتي کڻي ڪاميابي جي ڪناري تي رسائيندو. معنيٰ اسٽيبلشمينٽ هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ چاهي ٿي.
هن وقت نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ هر محاذ تي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي. نواز ليگ جو جيئن ته سمورو سياسي زور پنجاب تي آهي- تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ ايڏي سولائي سان نواز شريف کي پنجاب ۾ من ماني ڪرڻ نه ڏيندي. نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ ضياءَ الحق جي زماني ۾ جيئن ٺاهيو ۽ اڀاريو هو، جو هو بدستور ائين رهي ها ۽ هڪ جاءِ تي اچي اسٽيبلشمينٽ کي اکيون نه ڏيکاري ها ته شايد نواز شريف کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ کي ويجهو ۽ عزيز دوست ڪو به ڪو نه هو. موجوده حالتن ۾ نواز شريف پاڻ کي سياسي ڌر ثابت ڪيو آهي ۽ پنهنجي رويي کي گهڻو تبديل ڪيو آهي، نواز شريف باقاعده سياست جي اڱڻ تي پير ڄمائي چڪو آهي، ساڻ بين الاقوامي حيثيت به ماڻي چڪو آهي. خاص ڪري جلا وطني کان پوءِ وطن واپسي تي هن کي ججن جو اهڙو سياسي پلس پوائنٽ مليو جو هن ججن جي مسئلي کي اڳتي کڻي گذريل چونڊن ۾ پنجاب مان سوڀ ماڻي ورتي. ججن جو مسئلو اسٽيبلشمينٽ لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي تنهن ڪري هاڻي پنجاب ۾ نواز شريف لاءِ گهيرو تنگ ڪيو ويندو نواز شريف لاءِ پنجاب ۾ سولائي سان سياست ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو. اسٽيبلشمينٽ ايڏي گهري سازش ڪئي آهي جو پنهنجي ٺاهيل پارٽي ق ليگ کي هڪ طرف فارورڊ بلاڪ جي صورت ۾ نواز ليگ ۾ ضم ڪرائي ويٺي آهي ته ٻي طرف منظور وٽو جي قيادت ۾ ق ليگ جو ڌڙو پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري چڪو آهي. بهر حال ق ليگ جا پ پ پ ۽ نواز ليگ ۾ گهڙي ايندڙ اسيمبلي ميمبر ڪنهن به طرح ٻنهي پارٽين جا خير خواه ڪونهن. هو اهو ڪم ڪندا، جيڪو اسٽيبلشمينٽ ايجنڊا طور ڏنو هوندو. ائين کڻي سمجهجي ته اهي ق ليگ جا ماڻهو پ پ پ ۽ نواز ليگ اندر رهي انهن عوامي پارٽين ۾ ڏار وجهي ڪمزور ڪندا.
مصر جي شرم الشيخ ۾ صدر بش ۽ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. وزير اعظم جي آمريڪي صدر سان هيءَ پهرين ملاقات هئي، ان ملاقات ۾ پاڪستان اندر طالبان خلاف جنگ کي اثرائتو بڻائڻ ۽ مشرف کي پريشان نه ڪرڻ ۽ ججن جي مسئلي تي مائنس ون واريون تجويزون صدر بش، وزير اعظم گيلاني آڏو رکيون. وزير اعظم گيلاني صدر بش کي ملڪ جي حالتن کان آگاهه ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ دنيا سان گڏ آهيون. انتها پسندن سان ويڙهه ۾اسان پنهنجي ليڊر محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي وڃائي ويٺا آهيون، تنهن ڪري انتها پسندن وارو مسئلو ۽ ڪشمير وارو مسئلو پنهنجي طريقي سان ڊائلاگ ذريعي حل ڪنداسين. ٻي طرف ججن جي بحالي واري مسئلي تي وزير اعظم اهو بيان ڏنو ته هڪڙي چيف جسٽس هوندي ٻيو چيف جسٽس مقرر نٿو ڪري سگهجي ججن جي بحالي تي ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪندا سين. نواز ليگ سان ججن جي بحالي بابت طريقيڪار تي اختلاف آهن. اسان جا مقصد واضع آهن. اسان ڪو به ٻاهريون دٻاءَ نه قبوليندا سين.
وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي انهيءَ بيان مان صاف ظاهر آهي جسٽس حميد ڊوگر جي هوندي ٻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي چيف جسٽس طور بحال نه ڪندا. اهو موقف صرف وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جو نه پر پ پ پ، ايوان صدر مشرف ۽ اسٽيبلشمينٽ. ايم ڪيو ايم. ق ليگ وارن جو به آهي. جڏهن ته اي اين پي ۽ جي يو آءِ وارا ان مسئلي تي وچ ٿرو موقف رکن ٿا. اي اين پي ته اهو واضع ڪري ڇڏيو آهي ته ججن وارو مسئلو اسان جو ناهي. اهو پنجاب ۽ نواز شريف جو مسئلو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نواز شريف ججن جي مسئلي کي کڻي پنجاب ۾ سوڀ ماڻي، صوبائي اقتدار ماڻي ورتو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پ پ پ طرفان جوڙيل آئيني پيڪيج نواز شريف قبول ڪندو يا وري آئيني پيڪيج جي مخالفت ڪري وڪيلن جي تحريڪ ۾ شامل ٿي حڪومت خلاف مزاحمت جو اعلان ڪندو.؟
هڪ طرف وزير اعليٰ پنجاب ۽ وزير قانون رانا ثناءُ الله معزول چيف جسٽس کي پنجاب ۾ مڪمل سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پ پ پ ۽ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني افتخار محمد چوڌري کي چيف جسٽس مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ان قسم جي سوچن ۾ تضاد جي معنيٰ قومي ادارن ۽ جمهوري قوتن جو پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ سان ٿيندو تنهن ڪري جمهوري ۽ قومي پارٽين کي خاص ڪري پ پ پ ۽ نواز ليگ کي ڪاوڙ ۽ جذباتي ٿيڻ، اٻهرائي ۾ ڪو اهڙو قدم کڻڻ کان اڳ ۾ سوچڻ گهرجي ته ٻن جمهوري قوتن جي ٽڪراءَ ۾ ڪهڙي ڌر جو فائدو ٿيندو.....؟!¡
تاريخ : 22-05-2008