سياست جي محور ۾ ڦاٿل مولانا فضل الرحمان ڇا ٿو سوچي!
1977ع ۾ ڀٽو حڪومت خلاف زبردست تحريڪ شروع ٿي جنهن جي، نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کان اقتدارکسجي ويو هو ۽ وڃي ڦاسي جي ڦندي کي رسيو- ۽ ملڪ ضياءُ الحق جهڙي فاشسٽ جنرل جي حوالي ٿيو. مفتي محمود صاحب جنرل ضياءُ الحق جو وڏو حمايتي رهيو. هن صاحب جي يو آءِ جا ٽي نمائندا به ڪابينا ۾ نامزد ڪرايا. اڳتي هلي ڪجهه اختلافن سبب مفتي صاحب، ضياءُ الحق جو مخالف بڻجي ويو. مفتي محمود جي وفات کانپوءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ مولانا فضل الرحمان جو ڪردار سامهون آيو. ان دور ۾ مولانا فضل الرحمان ڪافي عرصو جيل ۾ گذاريو. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي ته مولانا صاحب ان جو اتحادي رهيو. پوءِ وري بينظير جو مخالف بڻجي ويو ۽ ان دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ نواز شريف پاران پيش ڪيل قراردادن جي حمايت ڪندو رهيو. 1993ع ۾ مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو وري وزيراعظم جو عهدو ماڻيندڙ بينظير ڀٽو جو اتحادي بڻجي ويو. ۽ قومي اسيمبلي جي خارجه امور ڪاميٽي جو سربراهه بڻيو. 1997ع واري اليڪشن ۾ مولانا فضل الرحمان کي شڪست نصيب ٿي. 11/9 واري آمريڪي سانحي کانپوءِ پاڪستان ۾ مولانا فضل الرحمان جو نئون روپ سامهون آيو. 2002ع جي اليڪشن ۾ مولانا فضل الرحمان ايم ايم اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو اسيمبليءَ ۾ چونڊجي اچڻ کانپوءِ صدر مشرف جو ساٿاري بڻجي ويو . چئن سالن اندر قومي اسيمبلي ۾ جيڪي به جنرل مشرف جا فيصلا يا آرڊيننس عوام جي مٿان ٿاڦيا ويا. مولانا بغير ڪنهن سوچ ويچار جي اکين تي رکندو آيو. حدودِ نسوان بل جي سڀئي حڪم احڪامن ۾ حڪمرانن سان گڏ رهيو. حدود نسوان بل جي قومي اسيمبلي مان پاس ٿيڻ سبب ايم ايم اي جا اتحادي خاص ڪري قاضي حسين احمد واري جماعت حڪمرانن جي خلاف اٿي کڙي ٿي ۽ اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ سميت حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو.
حدودِ نسوان بل متعلق ايم ايم اي پنهنجو هڪ اسلامي طور طريقي وارو مؤقف رکي ٿي جڏهن ته استعيفيٰ واري معاملي تي ايم ايم اي ورهائجي چڪي آهي. جنهن سبب ايم ايم جي وجود کي پڻ خطرو لاحق آهي. قاضي حسين احمدجي سموري جماعت اسلامي هن وقت اسيمبليءَ تان استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي رٿابندي ڪري چڪي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت خلاف تحريڪ جي رٿا بندي ۾ جماعت اسلامي کي فوج جو سهڪار حاصل آهي. پر مولانا فضل الرحمان جي سوچ جماعت اسلامي جي مؤقف جي ابتڙ آهي مولانا فضل الرحمان تي جي يو آءِ اندر هڪ وڏو پريشر آهي ته هو جلد از جلد اسيمبليءَ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري. ان سلسلي ۾ بلوچستان مان چونڊيل رڪن قومي اسيمبلي مولانا نور محمد باجوڙ واري واقعي تي استعيفيٰ ڏئي چڏي آهي. ساڻ مولانا نور محمد جي يو آءِ ( ف ) اِهو مؤقف رکيو ته حدود بل تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سفارشون قبول نه ڪرڻ تي حڪومتي رويي خلاف احتجاجن اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. مولانا نور محمد ڪوئيٽا جو ضلعي امير به رهي چڪو آهي. ۽ پارٽيءَ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.
مولانا فضل الرحمان لاءِ اهو به چيو ويو آهي ته هو ملا ۽ ملٽري الائنس جو اهم پارٽنر آهي. هن جا ملڪي نوعيت ۽ طالبان بابت ڪيترائي ڳجها معاملا طئي ٿيل آهن. طالبان ۽ حڪومت جي وچ ۾ ”پل“ جو ڪردار ادا ڪندڙ مولانا اندروني طور حڪمرانن سان گڏ ويٺل نظر اچي ٿو. بظاهر هو حدود نسوان بل جي پاس ٿيڻ کانپوءِ حڪومت کان ناراض نظر اچي رهيو آهي. ان جو سبب اهو پريشر آهي جيڪو عالمن پاران DEVELOP ڪيو ويو آهي. مولانا، مشرف حڪومت خلاف ڪو به اٻهرائي وارو قدم کڻڻ جي موڊ ۾ ڪانهي. مولانا دور انديش ۽ وڏي سوچ رکندڙ قسم جو عالم آهي. هن جون نظرون عالمي ۽ ملڪي سياست تي هر وقت کتل رهن ٿيون. دنيا جي مسلم جهادي تنظيمن سان واسطا اٿس. تنهن ڪري فيصلا به حالتن کي ڏسي وائسي پوءِ ڪري ٿو. هو هن وقت حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ ناهي ۽ نه وري اسيمبيلين تان استعيفائون ڏيڻ جي حق ۾ آهي. ٻئي طرف حافظ حسين احمد آهي جيڪو پارٽي ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو. اهو به مولانا جي پرو گورنمينٽ پاليسي سان زبردست اختلاف رکي ٿو. حافط حسين احمد قومي اسيمبلي تان استعيفيٰ لکي مولانا صاحب جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. حافظ حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”اسيمبلي هڪ آکاڙو بڻجي چڪي آهي“ هو اسلام دشمن حڪومتي پاليسين خلاف شديد قسم جو موقف رکي ٿو. هن جو اهو به چوڻ آهي ته پارٽي کي ڪنهن به قسم جي مصلحتن کان مٿڀرو ٿي سوچڻو پوندو. جي يو آءِ (ف) ۾ موجود مولانا نور محمد به اهڙي سوچ جو مالڪ آهي.
10 آگسٽ تي لنڊن ۾ ميان نواز شريف سان ٿيل ملاقات ۾ مولانا فضل الرحمان پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪندي چيو هو ته ”هو (مولانا فضل الرحمان) موجوده اسيمبيلين جو خاتمو ڪڏهن به نٿو چاهي. موجوده سسٽم کي ختم ڪرڻ بجاءِ ان ۾ اصلاح جو حامي آهي.“ لنڊن ۾ اهڙي مضبوط خيال کي نواز شريف سامهون پيش ڪرڻ کانپوءِ اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته مولانا حڪمرانن سان ناتا خراب رکڻ جو خواهشمند ناهي. يا ٿي سگهي ٿو ته سرحد ۽ بلوچستان ۾ پارٽي جون حڪومتون هٿن مان وڃائڻ نٿو چاهي. يا ٻيا ڪي به مسئلا ٿي سگهن ٿا. جنهن ڪري هو اڃا تائين حڪومت جو حصو بڻجڻ ٿو چاهي. پر هاڻي انهن سڀني ڳالهين جو وقت گذري چڪو آهي. هينئر حڪومت جو مخالف ٿيڻ هن جي مجبوري آهي. تازو اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو فيصلو آيو آهي ته ”ملڪ جي اعليٰ ادارن (قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) مان پاس ٿيل حدود نسوان بل غير شرعي آهي.“ اهڙي فيصلي کانپوءِ حڪومتي ڌرين ۽ ايم ايم اي وچ ۾ تڪرار تيز ٿي چڪو آهي. جنهن کي حڪومت سختي سان منهن ڏيڻ لاءِ اپاءُ ورتا آهن. پر حڪومت کي بار بار سوچڻو پوندو ته سندن جهيڙو پي پي يا نواز ليگ سان ڪونهي. جن وٽ ايترا ويڙهه وارا ذريعا ڪونهن پر هنن عالمن وٽ ته سڀ ڪجهه آهي. اها حڪومت ۽ عالمن جي ويڙهه ڪنهن به خطري کان خالي ناهي.
اهڙي حالتن ۾ جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان پنهنجي فيصلي تي اٽل بيٺو رهيو ته پارٽي جو ٻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ ممڪن آهي. بهرحال اهو فيصلو 6- ڊسمبر تي ٿيندو.
مولانا فضل الرحمان صاحب ميثاق جهموريت جو حصو به بڻجڻ نه پئي چاهيو نه وري اي آر ڊي ۾ شموليت جو حامي هو. پر قاضي حسين احمد پاران ايم ايم اي کان عليحدگي جي ڌمڪي کانپوءِ مولانا فضل الرحمان پنهنجي موقف ۾ تبديلي آندي ۽ قاضي حسين احمد سان گڏجي اي آر ڊي جي اڳواڻ مخدوم امين فهيم سان ملاقات ڪئي ۽ ان وقت وزيراعظم خلاف تحريڪ عدم اعتماد ۾ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو.
بينظير ڀٽو مولانا فضل الرحمان جي مصلحت پسند پاليسين ڪري مولانا فضل الرحمان سان ويهڻ يا ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪانهي. بينظير ڀٽو جو چوڻ آهي ته”ايم ايم اي خصوصن مولانا فضل الرحمان جو طالبان ۽ فوج ٻنهي سان ويجها رابطا آهن.“ جڏهن ته صدر مشرف جو بيان آهي ته ”دهشتگردي ۽ انتهاپسندي پاڪستان لاءِ سنگين مسئلو بڻجي وئي آهي. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو پوري طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ ان خلاف جنگ جاري رهندي.“ هاڻي صدر به سختي سان مقابلو ڪري ۽ ملڪ جون سياسي پارٽيون به ايم ايم اي تي عدم اعتماد ڪن ته پوءِ ميدان ۾ رهجي ويل اڪيلي ايم ايم اي ڇا ڪندي ۽ ڪهڙو مستقبل ان جي اڳيان هوندو؟.
هڪ طرف قاضي حسين احمد دعويٰ ڪري ٿو ته ”ايم ايم اي جي استعيفائن کانپوءِ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) وارا به اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏئي ويندا.“ ٻئي طرف جماعت اسلامي جو سينيئر اڳواڻ پروفيسر غفور احمد جو چوڻ آهي ته سينيٽ مان حدود نسوان بل پاس ٿيڻ کانپوءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به آپشن ڪونهي سواءِ حڪومت خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جي“. هاڻي اهو به چوڻ وقت کان اڳ آهي ته اها تحريڪ جيڪا جماعت اسلامي جي سوچ جي پيداوار آهي. سا حقيقي جهموريت آڻيندي يا وري ڪو نئون جنرل اچي ڏنڊي جي زور تي عوام مٿان حڪمراني ڪندو. ان حوالي سان اڳوڻي چيف جسٽس سعيد الزمان صديقي جو تازو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن صاحب چيو ته ”هر وڏي تحريڪ جي پڄاڻي تي هڪ نئون جنرل اقتدار تي اچي ويهي ٿو“.ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ايم ايم اي جي استعيفائن کانپوءِ سرحد ۽ بلوچستان حڪومتون ڊهي پٽ پونديون. جنهن جو اشارو پارلياماني وزير شيرافگن ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن سان هڪ وڏو ممڻ مچندو ۽ ملڪ ۾ وڏو بحران پيدا ٿيندو. چونڊون مٿان آهن. پوءِ ٿي سگهي ٿو ته صدر مشرف اسيمبليون ٽوڙي چونڊن جو اعلان ڪري ۽ نگران حڪومت جو اعلان ڪري يا اهڙي بحران جو فائدو وٺي ڪو نئون جنرل ميدان تي اچي اقتدار جون واڳون سنڀالي.
قومي اسيمبلي مان حدود نسوان بل پاس ٿيڻ واري ڏينهن صدر مشرف ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ”ترقي پسند انتها پسندن کي پنهنجي اصل طاقت ڏيکارين. هاڻ سندن ڪابه ڳالهه نه ٻڌي ويندي. قوم کين ايندڙ چونڊن ۾ رد ڪري ڇڏيندي“. صدر مشرف حدود نسوان بل منظور ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. صدر مشرف جي خطاب تي ايم ايم اي اڳواڻن تبصرو ڪندي چيو آهي ته مشرف جو قوم کي خطاب اسلام ۽ ملڪ اندر ديني اسلامي تهذيب خلاف جنگ جو گهنڊ وڄائڻ جر برابر آهي. ملڪ ۾ آمريڪي بالادستي جي خاتمي لاءِ ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
بظاهر ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته ملا ۽ ملٽري الائنس ٽٽڻ وارو آهي. صدر مشرف جيڪو پنهنجي سياسي چالاڪين ۽ ٻٽي راند ڪرڻ جو بهترين رانديگر آهي. سو ڏسون ٿا ته ايم ايم اي جيڪا اڪيلي سر ميدان ۾ لٿل آهي. تنهن کي ڪيئن ٿو مات ڏئي. صدر مشرف جي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو هاڻي مولوين مان جند ٿو ڇڏائڻ چاهي. ڇاڪاڻ جو مولوين پاران صدر کي هاڻي ڪو فائدو ڪونهي. آمريڪا ۽ برطانيه جي حاڪمن جي تنقيد به هنن مولوي صاحبان جي ڪري مشرف کي سهڻي ٿي پوي. تازو برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر جڏهن پاڪستاني دوري تي پهتو ته هن صاحب به چيو ته”وڌيڪ ڪجهه ڪريو“. افغانستان ۾ جاري مزاحمت کي ڪچلڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي گهر ڪيائين. ٽوني بليئر جي ڏنل بيان جي هفتي کانپوءِ افغانستان ۾ هڪ ڇتي ويڙهه ۾ نيٽو جا فوجي جوان مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن. اهو مسئلو به ٽوني بليئر مشرف سرڪار جي کاتي ۾ وجهندو. تنهن ڪري صدر مشرف هاڻي ڪنهن به طرح سان ايم ايم اي مان جان ڇڏائيندو.
چئن سالن اندر جيئن ايم ايم اي وارن حڪمرانن سان نڀايو تيئن صدر مشرف به سٺو ساٿ ڏنو. مثال طور اڻپڙهيل مولوين لاءِ اليڪشن 2002ع ۾ بيهڻ لاءِ مدرسن کي 2001ع ۾ آرڊيننس ذريعي گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪري چونڊن ۾ بيهڻ جو اهل بڻائڻ جو دڳ ڏنو. صدر مشرف علحده مدرسا ايجوڪيشن بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو. اهڙي طرح ملڪ ۾ 10 هزار ٽي سو مدرسا رجسٽرڊ ٿي ويا. اسلام آباد جي حاجي ڪيمپ واري علائقي ۾ مدرسا بورڊ جي آفيس ٺاهي وئي. پر هاڻي سرڪار سخت ناراض آهي. تنهن ڪري عالمن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان سلسلي ۾ گرفتارين جو عمل جاري آهي. عالمن تي ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. دره آدم خيل جي پوليٽيڪل انتظاميا قومي اسيمبلي مان تازو استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبر هارون الرشيد کي گرفتار ڪري چڪي آهي. سنڌ مان مولانا اسدالله ڀٽو جيڪو ايم ايم اي جو اسيمبلي ميمبر ۽ سنڌ جو اڳواڻ آهي ان تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي. ايم ايم اي ۽ حڪومت وچ ۾ ويڙهاند جي شروعات ٿي چڪي آهي. اهڙي حالت ۾ مولانا فضل الرحمان اڪيلي سر ڇا ڪندو، نيٺ استعيفيٰ ئي ڏيندو ڇاڪاڻ جو ايم ايم اي جا اهم اڳواڻ قاضي حسين احمد پروفيسر ساجد مير، علاما ساجد نقوي، مولانا انس نوراني استعيفيٰ ڏيڻ جي حق ۾ آهن.
ڪجهه ذريعن وٽان اها خبر پئي آهي ته جميعت علماءِ اسلام ۾ ويٺل ڪجهه عالم مولانا فضل الرحمان جي رويي مان ناراض آهن. جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان پنهنجي قومي اسيمبلي جي ميمرشپ تان استعيفيٰ جو اعلان 6- ڊسمبر واري اجلاس ۾ نٿو ڪري ته پوءِ جمعيت علماءِ اسلام جي سياست جو جنازو نڪري ويندو. تنهن ڪري 6- ڊسمبر تي رٿيل ايم ايم جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي فيصلي جا ملڪ جون سياسي پارٽيون فوجي حڪمران ، فوج ،تجزيه نگار ڪالم نويس سڀ منتظر آهن.¡
تاريخ : 28-1-2006