ڏيهي جانچ ادارن تان بينظير ڀٽو جو کڄيل ويساهه
سال 2007ع ۾ ٽوٽل ستاويهه خوڪش حمل ٿيا. جيڪي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٿيا. انهن حملن ۾ هزارين بيگناهه ماڻهو ماريا ويا ۽ زخمي ٿيا. انهن ستاويهه خوڪش حملن مان 18 آڪٽوبر تي بينظير ڀٽو جي جلوس تي ٿيل حملو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هو. جنهن ۾ ڏيڍ سئو ماڻهو مارجي ويا ۽ ساڍا پنج سئو ماڻهو زخمي ٿيا ان خوڪش حملي جو اطلاع حڪومت سنڌ پاران پ پ جي قيادت کي ڏنو ويو هو هاڻ جڏهن ملڪ جون خفيه ايجنسيون ڪراچيءَ ۾ ٻن دهشتگرد خوڪش بمبارن جو کوج لڳائي اڳواٽ اطلاع ڏئي خبردار ڪري سگهن ٿيون ته پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي جو انهن بمبارن کي پڪڙي نه ٿيون سگهن. يا نيٽ ورڪ تائين رسائي حاصل ڪري نٿا سگهن. اهڙين خدشن کي سامهون رکندي بينظير ڀٽو اهڙو مطالبو حڪومت آڏو رکيو آهي ته 18 آڪٽوبر واري سانحي جي جاچ عالمي خفيه ادارن کان ڪرائي وڃي ته جيئن اصل قاتل سامهون اچن ۽ انهن دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي آساني سان ختم ڪري سگهجي. بينظير ڀٽو خوڪش حملي کان اڳ ۽ پوءِ به صدر مشرف کي خط لکي ٽن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيا هئا. جيڪي بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ واري سازش ۾ ملوث آهن. بينظير ڀٽو اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي آئنده ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار اهي ٽي شخص هوندا.
بينظير ڀٽو ڏيهي تحقيقاتي ادارن تي عدم اعتماد ڪندي بيان ۾ چيو ته اسان جو ملڪي تحقيقاتي نظام بيڪار ۽ ناڪاره آهي. تنهن ڪري آمريڪا ۽ برطانيا کان مدد حاصل ڪئي وڃي. اهڙي قسم جي درخواست بينظير ڀٽو لکت ۾ حڪومت کي ڏني آهي. بينظير ڀٽو پنهنجي بيان ۾ دليل ڏيندي چيو ته لياقت علي خان، جنرل ضياء ۽ جنرل آصف نواز ۽ مير مرتضي ڀٽو جي قتل جي حوالي سان اڄ تائين ڪا به مناسب تحقيقاتي رپورٽ سامهون نه آئي آهي. حڪومت پاڪستان بينظير ڀٽو جي درخواست تي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته 18 آڪٽوبر سانحي جي جاچ ملڪي تحقيقاتي ادارن کان ڪرائي ويندي. ٻاهرين جاچ ادارن کان مدد حاصل نه ڪنداسين. هڪ طرف پاڪستاني جاچ ٽيمون ۽ خفيه ايجنسيون 18 آڪٽوبر واري سانحي جي جاچ ۾ مصروف آهن ته ٻي طرف ٻاهرين ملڪن جا ڪجهه خفيه ايجنٽ ان سانحي جي انفرادي طور جاچ ۾ مصروف آهن. ان قسم جا ايجنٽ انهن ملڪن سان وابسطه آهن. جن جا هن خطي ۾ وسيع تر مفاد آهن. اهي ايجنٽ پنهنجون رپورٽون پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيندا، جن بعد امڪان آهي ته اهي رپورٽون بينظير ڀٽو کي حاصل ٿين. پر ڏيهي خفيه ادارن جي چرپرکان واقف ٿي ڏيهي خفيه ايجسين به پنهنجو ڪم تيزي سان شروع ڪري ڏنو آهي. ڏيهي ادارن جو خيال آهي ته 18/ آڪٽوبر واري سانحي جي جاچ ۾ متان پوئتي رهجي وڃون ۽ پر ڏيهي خفيه ادارا اڳ نتيجا پرويز مشرف جي حوالي ڪن. ان عمل سان ساک متاثر ٿي سگهي ٿي سوبه ان اداري جي جنهن اداري جي ماڻهن خاد، موساد جهڙي عالمي خفيه ايجنسين جا ايجنٽ بڻجي دشمن جي صفن ۾ گهڙي دشمن جا راز حاصل ڪري ورتا هجن. ملڪي حساس ادارن جي جتي عالمي طور ساک بيٺل آهي ۽ هڪ ڌاڪو ڄميل آهي ساڻ ڏيهه ۾ به پنهنجون سرگرميون جاري رکندا اچن. سياستدانن جا ٽيليفون ٽيپ ڪرڻ سياسي اڳواڻن، صحافين کي نه صرف اغوا ڪري غائب ڪرڻ، پريشان ڪرڻ سياسي پارٽيون ٺاهڻ انهن ۾ پئسا ورهائي طاقتور بڻائڻ ۽ پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ به ڏيهي ايجنسين جو ڪم رهيو آهي. ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ضياالحق جهڙن طاقتور حاڪمن جا ٽيليفون ٽيپ ڪرڻ جا به الزام لڳايا ويا هئا. خاص ڪري ملڪي اقتدار ڪنهن کان کسڻ ۽ ڪنهن کي نوازڻ ۾ ايجنسين جو ڪردار نمايان رهي ٿو. ساڻ پر ڏيهي پاليسيون مرتب ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. خاص ڪري ڪشمير، افغان پاليسي مرتب ڪرڻ انهن ايجنسين جي ذمي آهي. جنهن ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ جو عمل دخل نه هوندو آهي. هن وقت ان پاليسي جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته طالبانائيريشن پنهنجي نظريي ۽ Latest اسلحي سميت پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪري رهيا آهن. ملڪ جي هر حصي ۾ طالبان جو اثر رسوخ وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. هن وقت وزيرستان ۽ سوات ۾ سڌا سنوان سيڪيورٽي ايجنسين تي حملا ڪري نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ اغوا ڪري ماري رهيا آهن. ان قسم جي ويڙهه بابت اهي به خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن ته خفيه ادارن پاران ڪجهه Lapses آهن جنهن ڪري گهربل نتيجا حڪومت کي حاصل ٿي نٿا سگهن. آمريڪا ۽ برطانوي خفيه ادارا پاڪستاني خفيه ايجنسين تي ٻٽو رويو اختيار ڪرڻ جو الزام هڻي چون ٿا ته پاڪستاني ايجنسيون طالبان جي مدد ڪن ٿيون ۽ خوڪش بمبارن جا ماسٽر مائينڊ به انهن خفيه ادارن ۾ موجود آهي. جنهن لاءِ جنرل مشرف آمريڪن ٽي وي ته اچي انٽرويو ڏيندي چيو ته ”خفيه ايجنسين جا ماڻهو ملوث ناهن پر ڪجهه رٽائرڊ جنرل جيڪي 1979ع کان 1989ع تائين خفيه ادارن ۾ رهيا آهن انهن مان ڪجهه آفيسر ملوث ٿي سگهن ٿا.“ گذريل سال عالمي سطح تي برطانوي فوج جي خفيه ايجنسي جي هڪ سينيئر آفيسر پنهنجي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي ان روپورٽ ۾ صدر جنرل مشرف کان مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان جي هڪ خفيه ايجنسي کي ختم ڪيو وڃي. ان جو وڏو سبب اهو ڏنائون ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڊبل گيم ڪري ٿي. اها ايجنسي طالبان دهشتگردن جي حمايت ڪري ٿي ته ٻي طرف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي دعويدار آهن. ان جي رد عمل ۾ صدر مشر ف جواب ڏنو ته ”برطانيا پاڪستاني خفيه اداري کي ختم ڪرڻ بجاءَ پنهنجي دفاع واري وزارت کي ختم ڪري. اسان جو خفيه ادارو هڪ ڊسيپلينڊ فورس آهي ان ڊسپلينڊ اداري نه صرف ملا داد الله جي نشاندگي ڪري قتل ڪرايو پر چيني انجنيئرن جي قتل جي جاچ پڌري ڪري عبدالله محسود کي قتل ڪرايو. ان کانسوءِ 11 / 9 کان پوءِ آمريڪا کي مطلوب طالبان ۽ القائده اڳواڻن کي گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو. جتي آمريڪا پاڪستان لاءِ ٻٽي پاليسي ۽ معيار رکي ٿو ته اتي اسان جا خفيه ادارا به آمريڪا خلاف ٻٽو رويو ۽ معيار رکي سگهن ٿا. انهن ايجنسين جتي آمريڪا لاءِ زبردست ۽ فيصلا ڪن نتيجا ڏنا آهن، ته وري مايوس ڪندڙ رويا به محسوس ڪرايا آهن.
سوال اهو ٿو اڀري ته آخري ڏيهي ايجنسيون خودڪشن حملن، سانحن ۽ واقعن کي روڪڻ ۾ ڇو نه ٿيون ڪامياب وڃن. انهن خودڪش حملن جا اسباب ۽ ماسٽر مائينڊ ڇو نه ٿا گرفتار ٿين. ملڪي سالميت لاءِ مسئلا کڙا ڪندڙن جي نيٽ ورڪ کي ڇو نه ٿو ناس ڪيو وڃي. آخر ڇا ڳالهه آهي هيترن سارن سوالن جا جواب ناهن ته پوءِ عالمي خفيه ادارن جي رپورٽ بلڪل درست آهي ته ايجنسيون ڊيل گيم ڪن ٿيون. اهڙي قسم جي ڊبل گيم نه صرف پرڏيهي ماڻهن، قوتن ۽ ملڪن لاءِ آهي پر هتان جا ماڻهو به انهيءَ ڊيل گيم جو شڪار آهن. هاڻي ڊبل گيم هي ملڪ وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهي. جنهن سان عوام جو جيئن جنجال ٿي پيو هجي. عوام ۾ ايجنسين جي ڪردار بابت ڪيئي خدشا ۽ وهم پيدا ٿيڻ به سٺو سنوڻ ناهي، آصف علي زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر وارو واقعو ايجنسين ڪرايو آهي. حميد گل صاحب چيو ته ڪراچي بم ڌماڪو خودڪش نه هو پر حڪومت پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِخودڪش بم ڌماڪو قرار ڏئي ٿي،“ 18 آڪٽوبر واقعي بابت ڪيترن ئي سياسي اڳوڻن، صحافين ۽ مبصرن جي اشارن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪراچي بم ڌماڪي ۾ جهادي عنصر موجود ناهن، جهادي قوتن ان حملي ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو آهي. حملي ۾ سياسي ۽ خفيه گروهن جا لڪل هٿ موجود آهن. انهن عنصرن خلاف جاچ بلڪل پرڏيهي ادارن کان ڪرائڻ ۾ ڪا به قباحت ڪانهي. ان حوالي سان بينظير ڀٽو بيان ۾ چيو آهي ته ماضي ۾ فيض آباد بم ڌماڪي جي تحقيقات ۾ ايف بي آءِ جي ماهرن کان مدد حاصل ڪئي وئي هئي. جڏهن آصف نواز جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ روس ۽ فرانس جي ماهرن جي مدد حاصل ڪئي وئي هئي، انهن ماهرن جي رپورٽ ۾ جنرل آصف نواز کي زهر ڏيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ۽ ڏيهي ايجنسين اڄ تائين جنرل آصف نواز جي قتل ڪيس کي راز بڻائي ڇڏيو آهي. جرنل آصف نواز جي قتل ڪيس کي معمو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جو ڪو به اڄ تائين نتيجو سامهون نه اچي سگهيو آهي. بينظير ڀٽو جي موقف جي حمايت ڪندي مخدوم جاويد هاشمي جيڪو انهي خفيه ايجنسين جي عتاب هيٺ جيل ڪاٽي آيو آهي چوي ٿو ته مقامي خفيه ايجنسيون ناڪام آهن، تنهن ڪري بينظير ڀٽو جو غير ملڪي ادارن کان جاچ وارو مطالبو درست آهي. خفيه ايجنسين جي حيثيت هڪ وسيع سمنڊ وانگر آهي ۽ نظر نه ايندڙ حڪومت جو درجو خفيه ايجينسيون رکن ٿيون. جنرل شاهد حامد، جنرل غلام جيلاني، جنرل اختر عبدالرحمان، جنرل حميد گل کان ويندي جنرل اشفاق ڪياني تائين. Invisible Govt جا طاقتور سربراه رهيا آهن جي راڄ ۾ ڪک پن چري ٿو خبر سندن جي ڪنن پوي ٿي ته اهو ڪک پن ڪيئن چريو!. Invisible Government جي سربراهن کي هر مسئلي جي ڄاڻ هوندي آهي. پوءِ اها ڄاڻ هر ڪنهن کي ڪو نه ڏيندا آهن. سواءِ مملڪت جي سر براهه جي، سوبه وردي وارو، بغير وردي واري سربراهه سان راز ڪو نه سليندا!