آصف زرداريءَ جي قيادت ۾ پ پ جو آئيندو
آصف زرداري جيڪو پولو راند جو سٺو پليئر هو. اڄ وقت ۽ حالتن هن کي هڪ بهتر سياسي رانديگر بڻائي ڇڏيو آهي، سياسي رانديگر بنجڻ لاءِ آصف کي يارنهن سال جيل جو صعوبتون به ڪم آيون ۽ جيل مان آزادي کان پوءِ هو آمريڪا، برطانيا ۽ دبئي ۾ مختلف وقتن تي وقت جو قيد ڪٽيندو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ اوچتو ان اونداهي رات جو اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو جتان هن کي سندس وني جو لاش جهول ۾ ڏنو ويو.
ان لاش تي نه صرف آصف رنو يا بلاول؛ بختاور يا آصفه رني پر دنيا جو مظلوم عوام رنو. ڪلديپ نير بينطير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هڪ ڪالم لکيو ته ”هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن پاڪستاني رهنما جي شهادت تي سمورو هندستان رنو هجي. هندستاني عوام سندس پونيئر سان تعزيت ڪن ٿا.“
اڄ آصف ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪافي مختلف آهي، آصف زرداري اڪثر ڪري جڏهن اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو هو ته کيس تن تي اڇو ڪاٽن جو وڳو ۽ ڪاري شال پهريل هوندي هئي. اڄ جڏهن مان سندسن نئون ديري ۾ تعزيت ڪريان ٿو ته ڪاري شال بدران سندن تن تي ڪارو جوڙو پهريل آهي ۽ سندس مٿي تي پ پ جي جهنڊي جي رنگ واري ٽوپي پاتل آهي. سندس ماتمي لباس ماحول کي سوڳوار ڪري رهيو آهي.
ٺٽو ۾ تاريخي ميڙ کي خطاب ڪندي آصف زرداري پ پ جي انتخابي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سڀاڻي جڏهن پنجاب ۾ پهنچندو ته سندس پهريون خطاب لياقت باغ ۾ هوندو، جتي محترمه بينظير ڀٽو جو آخري خطاب عوام کي ٻڌڻ لاءِ، مليو هو آصف بينظير ڀٽو جي انهيءَ عوامي فڪر کي اڳتي کڻي هلڻ جو اعلان به انهيءَ لياقت باغ واري جلسي ۾ ڪندو جمهوريت، عوامي آزادي، خوشخالي واري محترمه بينظير ڀٽو جي خيالن جي تجديد لياقت باغ ۾ ٿيندي، جتي پنجاب جا پ پ اڳواڻ ڪارڪن سڀئي متحرمه بينظير ڀٽو جي خوابن جي ساڀيان لاءِ وچن ڪندا.
هن وقت آصف زرداري تي نه صرف پنهنجي اولاد جي ذميواري آهي پر مٿس ملڪ جي وڏي عوامي پارٽي جي ذميواري به سندس ڪلهن تي پيل آهي، تنهن ڪري آصف پ پ کي طاقتور بنائڻ لاءِ انتهائي مدبرانه سوچ، قابليت ۽ اعلي‘ ڪردار تحت فرض نڀائيندو، هن اڻانگي سفر ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون به پارٽي اندر ڏار وجهڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن وقت ملڪ جون سياسي ڌريون، ايجنسيون ۽ ا سٽبليشمينٽ آصف جي هر چر پر کي جاچي ۽ پرکي رهي آهي. ملڪ جا خطرناڪ ۽ حساس ادارا ۽ عالمي ادارا به آصف جي بيانن کي روز واچ ڪن ٿا. هن وقت اهو سوال گردش ڪري ٿو ته ڇا آصف زرداري ملڪ جي ڪنهن وڏي عهدي جو لائق آهي يا نه. تنهن ڪري آصف کي انهن ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارن جي روين تي به نظر رکڻي پوندي هي ڏينهن آصف جي سياسي مسقبل جي ٺهڻ يا ڊهڻ جا اهم ڏينهن آهن.
آصف زرداري آڏو سنڌ به آهي جتي بيروزگاري، احساس محرومي جهڙيون وبائون ڦهليل آهن، هڪ طرف ان قسم جي وبائن کي منهن ڏيڻو آهي ته ٻئي طرف سندس ڀٽو خاندان پاران غنويٰ ڀٽو ۽ ممتاز ڀٽو به سندس ڪردار ڪشي ڪري سندس سياسي ڪيريئر کي ڪاپاري ڌڪ هڻي رها آهن. ممتاز ڀٽو جيڪو سياست تان رٽائر ٿيڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هڪ ڀيرو وري مڪمل توانائين سان سياست ۾ داخل ٿي چڪوآهي. پر سندس سياسي ايجنڊا صرف آصف زرداري جي ڪردار ڪشي ڪرڻ آهي.اڳيان ملڪ ۾ چونڊون آهن. جيڪي ڌانڌلين سان ڀرپور هونديون، ايندڙ چونڊن بابت عالمي ادارا ۽ مبصر اڳواٽ ئي ڌانڌلين بات خدشا ظاهر ڪري چڪا آهن. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ عوام زبردست پ پ کي ووٽ ڏئي سوڀارو ڪندو پر اصل ۾ سوڀ جي ڪنجي ملڪ جي اسٽبلشمينٽ جي کيسي ۾ آهي. چونڊون جي تاريخ اڳيان آهي ته چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ اقتدار جي چونڊ صرف اسٽيبليشمنيٽ ڪندي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسٽيبلشمينٽ آصف ڏانهن واجهائي رهي آهي. آصف جي شخصيت کي گهڙي ۽ ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. آصف ۾ سهپ ۽ برداشت ڪرڻ جي قوت آهي نه پارٽي ۽ اقتدار کي هلائڻ جي سگهه به آهي. هاڻي اهو وڌيڪ منظر چونڊن کان پوءِ سامهون ايندو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ آصف ڪهڙي راند ۾ مشغول آهن. آصف عالمي ۽ علائقائي سياست کان باخبر آهي ۽ ملڪي سازشن کان به باخبر آهي. آصف کي اها به خبر آهي ته ارباب رحيم پنجاب جي پرويز الهي کي مٺي جي جلسه عام ۾ سونو تاج پهرائڻ جو اصل مقصد ڇا آهي. بهرحال پ پ آصف زرداري جي روپ ۾ ليڊر چونڊي ورتو آهي. پ پ جا تيار ڪيل ليڊر عوام وڏي اهميت ۽ حمايت حاصل ڪري وٺندا آهن. ڇاڪاڻ جو پ پ جون جڙون عوام ۾ کتل آهن. عوام آصف کي پنهنجو قومي اڳواڻ بڻائي چڪوآهي. عوام جي حمايت، بينظير ڀٽو جي فڪر ۽ سان پنهنجي دانشمدني ۽ هوشياري سان سياست جي ميدان ۾ آصف ضرور ڪاميابيون ماڻيندو.¡
تاريخ : 12-2-2008