ڪاسترو جي موت جو منتظر صدر بش
فيڊل ڪاسترو اسپين مان لڏي ايندڙ هڪ خاندان مان هو سندس جنم 1927ع ۾ ٿيو. هوانا ۾ تعليم پرائڻ وقت شاگرد سياست ۾ شامل ٿي ويو، روس جي ڪميونسٽ انقلاب مان سخت متاثر ٿيو، ٿوري وقت ۾ اهڙو انقلابي ٿي اڀريو جنهن ڪيويا جي آمر حاڪمن خلاف عوام کي بيدار ڪري ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.
پائينس جي ٻيٽ ۾ ڊگهي سزا گهارڻ کانپوءِ ۽ حڪمرانن ڪيوبا جي قيدين کي عام معافي ڏني جنهن ۾ ڪاسترو ۽ سندس باغي ساٿين به آزادي ماڻي. جنهن کانپوءِ ڪاسترو پنهنجي ساٿين سميت ڊسمبر 1956ع ۾ مئڪسيڪو ۾ پناهه ورتي اتي ڪيوبن انقلاب جي رٿابندي ڪئي. اهڙي طرح 82 ماڻهن جي انقلابي جٿي سميت مئڪسيڪو مان ڪيوبا جي صوبي اوريئينٽ ۾ اچي پهتو. انهن 82 ساٿين ۾ سندس انقلاني ساٿي ۽ دوست چي گويرا به گڏ هو. چي گويرا گوريلا جنگ جو ماهر هو. ڪاسترو جا ساٿي سموري ڪيوبا ۾ ڇانئجي ويا. جنهن سان بئتستا جي حڪومت جون متيون منجهي پيون سندس جاسوس اداري ايس آءِ ايم جا ماڻهو لڪي جان ڇڏائڻ ۾ پورا هئا، سمورو عوام ڪاسترو جي حملن ۾ مدد لاءِ رستن تي نڪري آيو. اهڙي حالتن آڏو آمريڪا به بي وس نظر آيو. آخر 1956 ۾ گهڻي رت وهائڻ کانپوءِ سرخ انقلاب آيو ڪاسترو جي انقلابي فوجن هوانا تي قبضو ڪري ورتو ۽ پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي. هن جنگ جو اصل هيرو چي گويرا هو جيڪو 9 آڪٽوبر 1967 ع ۾ بوليويا ۾ جنگ وڙهندي مارجي ويو. چي گويرا جي مرڻ وقت سندس دوست ڪاسترو جا هي لفظ هئا، ”زندگي جا آخري ڪلاڪ هن لاءِ ڏاڍا عذاب ڀريا گذريا هوندا، پر يقين ڪريو ته انهيءَ صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ چي گويرا کان وڌيڪ بهادر ماڻهو ڪنهن ماءُ نه ڄڻو هوندو“. هي لفظ هوانا ۾ انقلابي چوڪ تي چي گويرا جي ڏک ۾ ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيا. 1964ع ۾ ويڙهه جي محاذ تان چي گويرا ڪاسترو کي آخري خط لکيو جنهن ۾ هن لکيو ته،”اسان کي اها ڄاڻ 1964ع ۾ ٿي هئي ته انقلاب ۾ يا سوڀ ٿيندي آهي يا موت مقدر بڻبو آهي. موت جتي به اسان کي مليو آئون ان جي آجيان ڪندس“.
80 ورهين جو پوڙهو فيڊل ڪاسترو ڪنهن به ملڪ تي حڪومت ڪرڻ وارو، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊگهي عمر وارو سياسي اڳوڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جي سموري عمر آمريڪا سان وڙهندي وڙهندي گذري آهي. هيڏي ساري طاقت هوندي آمريڪا ڪڏهن به ڪاسترو سان اکيون اکين م ملائي نه سگهيو آهي. ڪاسترو جو آمريڪا جي حڪمرانن ۽ انهن جي پاليسين خلاف سخت ۽ چٽو موقف رهيو آهي. صدر بش جي باري ۾ سندس راءَ آهي ته صدر بش هڪ ظالم ۽ سفاڪ قسم جو ماڻهو آهي.
فيڊل ڪاسترو 1959ع کان ڪيوبا ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي ۽ اڄ تائين جوانمردي سان جنگي جنون رکندڙ آمريڪا سان هر محاذ تي ٽڪر کائيندو اچي، اڄڪلهه ڊگهي عمر ۽ طبعيت ۾ ناچاقيءَ سبب فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جي حڪومت جون واڳون پنهنجي ڀاءُ رائول ڪاسترو جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. رائول ڪاسترو جو به اوتروئي ڪيوبن انقلاب ۾ هٿ آهي جيترو فيڊل ڪاسترو جو آهي. رائول چي گويرا سان گڏجي ڪيويا جي ويڙهاڪ جٿن کي منظم ڪيو ۽ چي گويرا سان هر جنگي محاذ تي گڏجي جنگ وڙهيو ڪيوبا جي انقلاب کانپوءِ رائول ڪاسترو کي دفاع جو وزير ۽ فوجي انقلابي ڪونسل جو سربراهه بڻايو ويو.
صدر فيڊل ڪاسترو جي طبعيت ارجنٽائن جي دوري کانپوءِ جلد ئي ڪيوبا جي انقلاب جي سالگرهه جي موقعي تي خراب ٿي پئي هئي. ڊاڪٽرن جي چيڪ اپ کانپوءِ ٻڌايو ويو ته ڪامريڊ ڪاسترو جي آنڊ ن ۾ زخم هئڻ ڪري خون وهڻ شروع ڪري ڏنوآهي. جنهن کانپوءِ ڪاسترو جو مڪمل علاج ڪيو ويو. اڄڪلهه علالت سبب آرام هيٺ آهي.
فيڊل ڪاسترو آمريڪا سميت يورپي ملڪن جي انساني حقن بابت ڪوششن کي هڪ ڌوڪو قرار ڏئي چڪو آهي. آهي ڪاسترو جو چوڻ آهي ته انساني حقن جي حفاظت جا نعرا هڻن ٿا پر عملي طور اُهي ملڪ دنيا کي بارود ۽ بمن جا تحفا ڏيئي رهيا آهن. حقيقي خدمت ڪيوبا جا ڊاڪٽر ڪن پيا آمريڪا ۽ يورپي ملڪ ته ايتري خدمت به نه پيا ڪن.
هن وقت آمريڪا سان جيڪو اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائي ٿو اهو ڪاستروئي آهي 1959ع کان اڄ تا.ئين ڪاسترو جي اڳيان 10 آمريڪي صدر گذريا آهن. پرڪاسترو هرآمريڪي صدرسان پنهنجي سخت گير لهجي ۾ ڳالهايو آهي.
ٿورو وقت اڳ ۾ فيڊل ڪاسترو ڪيوبن عوام ڏانهن منسوب هڪ بيان ۾ چيو ته منهنجي ڀاءُ رائول ڪاسترو کي ڪيوبا جو اقتدار عارضي طور سونپيو ويو آهي. جيڪڏهن منهنجي بيماريءَ جو فائدو وٺي آمريڪا ڪيوبا تي حملو ڪري ته ڪيوبن عوام ان لاءِ تيار ٿي منهن ٽوڙ جواب ڏي. ڪاسترو وڌيڪ چيو ته آءَ ”آپريشن کانپوءِ صحتمند ٿي رهيو آهيان. صحتمند ڪاسترو هڪ نئين جذبي سان ميدان تي ايندو ۽ ملڪ جي خدمت ڪندو“.
ڪيوبن حڪومت آمريڪا تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ ڪندو پيو اچي ڪاسترو الزام مڙهيو هو ته آمريڪا ڪيوبن فوجي اڏي گوانتاناموبي جيل ۾ دهشتگردي جي الزام هيٺ گرفتارڪيل افغانستان جي ويڙهاڪن سان غير انساني سلوڪ ڪري رهيو آهي. غير انساني سلوڪ جي باري ۾ ڪيويا جي پارليامينٽ به هڪ قرار داد پيش ڪئي جنهن ۾ آمريڪا کي مظلوم ماڻهن جو دشمن قرار ڏنو ۽ آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته گوانتاناموبي جيل اندر غير انساني ۽ شرمناڪ سزا ڏيڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي.
آمريڪا ڪيوبا کان گوانتاناموبي فوجي اڏو هڪ معاهدي تحت ليز تي حاصل ڪري ورتو هو. هي معاهدو 1959ع واري انقلاب کان اڳ جي حڪمرانن جي وچ ۾ ٿيو هو. آمريڪا هر مهيني فوجي اڏي جو ڪرايو ڪيوبا حڪومت کي باضابطا طور ۽ معاهدي موجب پئسن جا چيڪ موڪليندو آهي پر اُهي پئسن وارا چيڪ ڪيوبا حڪومت واپس آمريڪا حڪومت کي موڪلي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍندو آهي. ڪاسترو آمريڪا جي انهن چيڪن کي وٺڻ کان اڄ تائين انڪاري آهي. ٻي طرف آمريڪا طرفان ڪيوبا مٿان اقتصادي پابنديون مڙهيل آهن پر هي مرد مجاهد ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان“ جي اصول تي پابند آهي. پوڙهو ڪاسترو ڪڏهن به نه جهيڪو نه ڪنبيو ۽ نه وري ڪنهن ڏاڍ آڏو سرنمايو، هن پنهنجي غريب عوام کي عزت ۽ غيرت سان جيئن جو فن سيکاري ڇڏيو آهي.
فيڊل ڪاسترو جي عظمت جي هڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن صاحب پنهنجي ملڪ ۾ زنده حيات ماڻهن جي مجسمن ٺاهڻ ۽ سرڪاري آفيسن يا ديوارن يا چوارهن تي هڻڻ جي سموري ملڪ ۾ پابندي هڻي ڇڏي آهي. ان بابت ڪاسترو چوي ٿو ته هو پنهنجي ذات سان ڪنهن به قسم جي پوڄا وارا احساس رکڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندو، هوانا ۾ انقلابي ساٿي چي گويرا ۽ ٻين 1959ع جي انقلاب ۾ شهيد ٿيندڙ باغين جون تصويرون لڳائڻ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پر47 سالن کان ڪيوبن عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ ڪاسترو جي ڪابه تصوير ڪنهن چوراهي يا روڊ تي آويزان ٿيل نظر نه ايندي.
ڪاسترو ڪنهن جلسي ۾ عوام آڏو تقرير ڪرڻ ايندو آهي ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن تي سحر طاري ڪري ڇڏينديو آهي. ڪاسترو جو وڏو ڪمال اهو آهي ته هو حڪمران به آهي ته وري پنهنجي حڪومت جو پاڻ ئي وڏو تنقيدنگار آهي. هو عوامي مسئلن کي پاڻ ٻڌندو آهي ۽ پاڻ ئي حل ڪندو آهي. ايتري قدر جو روز مره جي کاڌ خوراڪ جا مقرر ريٽ پاڻ چيڪ ڪندو آهي. ان سلسلي ۾ وڏي احتياط کان ڪم وٺندو آهي. عوام جي ننڍڙن مسئلن تي چيڪ ۽ بئلنس واري نظر رکندو آهي ۽ انهن کي وڏي اهميت ڏيندو آهي. آمريڪا جي خواهش موجب ڪاسترو جهڙي مخالف جو جيترو جلد خاتمو ٿي سگهي اهو ان جي لاءِ فائديمند آهي. ڪجهه وقت اڳ جڏهن، ڪاسترو بيمار ٿي پيو ته آمريڪا جي ميڊيا ڪاسترو جي مرڻ جا اطلاع ڏنا. فلوريڊا ۾ ماڻهن خوشيون پئي ملهايون وري جڏهن ڪاسترو جو بيان ميڊيا آڏو آيو ته آمريڪي حڪمرانن جون سڀ خوشيون ختم ٿي ويون.
فلوريڊا ۾ ڪيوبن رفيوجيز جو انگ لڳ ڀڳ چارلک آهي جيڪي ڪيترن سالن کان اتي مقيم آهن ۽ آمريڪا انهن کي پالي رهيو آهي. ڪو وقت اهڙو آيو جو 1991ع جي اڳ تائين ڪيوبا جي معاشي حالت ڪمزور ٿي چڪي هئي ملڪ سخت اقتصادي گهوٽالي جو شڪار ٿي پيو. اهڙو گهوٽالو ٽينهن سالن ۾ نه آيو روس جون ڪميونسٽ رياستون ٽٽي پيو. سويت روس وکري چڪو هو. ڪيوبا سان روس جو مال بدلي مال وارو معاهدو ختم ٿي چڪو هو. ڪيوبا جي مهانگي کنڊ جي بدلي ۾ روس سستو تيل ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو ٺيڪ انهيءَ وقت آمريڪا موقعي جو فائدو وٺندي فلوريدا جي ڪيوبن پناهگيرن جي هڪ کيپ تيار ڪري اسلحي ۽ ٻيو جنگي ساز و سامان سان ليس ڪري ڪيوبا تي حملو ڪرايو. آمريڪا جا نوازيل جٿا جڏهن Bay of pig سوئرن جي سمنڊ جي ڪناري تي لٿا ته کين ڪيوبا جي جان نثار فوجن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. سخت ويڙهه کانپوءِ آمريڪي جٿن کي شڪست نصيب ٿي ۽ دنيا آڏو آمريڪا لڄارو ٿيو ڇاڪاڻ جو هڪ جمهوري ملڪ تي راتاهو ڪنهن به طرح دنيا کي قابل قبول ڪو نه هو. اهڙي طرح ڪاسترو ان جنگ ۾ پنهنجي عوام آڏو سرخرو ٿيو.
هاڻ جڏهن ڪاسترو بيماري جي بستر تي آهي هڪ ڀيروري آمريڪا هن موقعي کي غنيمت ڄاڻي ڪيوبن رفيوجيز کي منظم ڪري رهيو آهي ساڻ آمريڪي توبن جو رخ ڪيويا طرف ڪيو ويو آهي انتظار صرف فيڊل ڪاستروجي مرڻ جوآهي. ميامي يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪيوبن، ڪيوبن ائند ڪيوبن آمريڪا اسٽيڊي جي سربراه جيم سٽچلڪي جو چوڻ آهي ته ڪيوبا اندر تبديلي لاءِ ڪاسترو جي موت جو انتظار ڪرڻو پوندو. ڪاسترو جي موت جو منتظر آمريڪا گورنمينٽ دراصل ڪيوبا ۾ پنهنجي من پسند پاليسيءَ جي نفاذ لاءِ بي چين آهي. ڪاسترو جي حياتيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ناهي ڇاڪاڻ جو ڪاسترو پهريان ئي آمريڪي صدر کي پاڳل ۽ جنوني جي خطاب ڏئي چڪو آهي. ڪاسترو جي ڪيوبا تي حملي وقت ڪيوبا جي عوام کي ڪاسترو جو اهو عدالتي بيان تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي هٿيار طور ڪم ايندو ڇا ڪاڻ جو ان تاريخي عدالتي بيان کانپوءِ 1959ع وارو انقلاب آيو ان عدالتي بيان ڪيوبا جي عوام کي انقلاب لاءِ بيدار ڪري ڇڏيو. هاڻي هڪ ڀيرو وري ساڳيو دشمن وقت جي انتظار ۾ آهي. ته ڪاسترو جو هڪ طرف موت ٿي ته ٻي طرف آمريڪا آزاد ڪيو با تي حملو ڪري پنهنجو غلام ۽ طابع بڻائي.¡
تاريخ: 17-10-2006