هوجن تائو- ڀارت ۽ پاڪستان کي ڇا ڇا ڏنو؟
چيني صدر هوجن تائو پاڪستان کان اڳ ڀارت جي دوري تي پهتو جتي سندس والهانا استقبال ڪيو ويو. ڏهن سالن کان مٿي واري عرصي کانپوءِ چيني صدر جو هي دورو وڏي مقصد وارو هو. ڀارت جي هن خطي ۾ اهميت جيڪا تجارتي ۽ دفاعي لحاظ کان اهم بڻجي وئي آهي. ڀارت جي ويجهو وڃي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻو هو. ٻيو سبب اهو به هو ته آمريڪا جي ڀارت سان ويجهڙائپ چين لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. چين جي صدر جي دوري سان چين- ڀارت دوستي جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو آهي. اهڙي اميد کڻي چين جو صدر ڀارت جي دوري تي آيو هو، ڀارت ۾ چيني صدر سياسي اڪابرن، ماهر معاشيات، اعليٰ حڪام ۽ ڀارتي مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پنهنجي خيالن سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي چيني صدر چيو ته ”چين-ڏکڻ ايشيا ۾ صرف پنهنجي مفادن لاءِ نه پر پوري خطي ۾ امن جي بحالي ۽ ترقي ۾ هڪ اهم ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“ هن صاحب وڌيڪ چيو ته ”اسان جي مضبوط معيشت هڪ ٻئي کي قوت بخشيندي ۽ اسان جي باهمي رابطن سان عالمي فضا بهتر ٿيندي. چيني صدر جو ڀارت ۾ ڏنل بيان ته خطي ۾ امن جي بحالي ۽ ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ اهو هڪ اهم ۽ غير روايتي بيان هو. ان ڏنل بيان کي هن خطي جي اڳواڻن کي دورانديش نگاهه سان سمجهڻ ۽ پرکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو ڀارت هن وقت ڏکڻ ايشيا ۾ معاشي ۽ دفاعي لحاظ کان مضبوط ۽ مستحڪم ٿي رهيو آهي. جنهن تي چين جي ڪرڙي نظر آهي. ڀارت جي اهڙي اهميت کي محسوس ڪندي چيني صدرهوجن تائو ڀارت جو دورو ڪري ڀارت کي اعتماد ۾ وٺڻ پئي چاهيو. هن خطي ۾ چين ائٽمي ۽ تجارتي پروگرامن جا تفصيل ۽ منصوبا کڻي ڀارت کي پنهنجو هم خيال بنائڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ ڀارت پهتو. چين جي اهڙن خيالن کان ڀارت جا اڳواڻ ڀلي ريت واقف هئا.
ڀارتي مخالف ڌر جي اڳواڻ ايل.ڪي.آڏواڻي چين سان سرحدي تنازعي بابت ڪانگريس سرڪار جو ڳالهين نه ڪرڻ خلاف سخت تنقيد ڪئي. سرحدي تنازعو ڀارتي سرڪار جي ايجنڊا تي به هو پر ڀارتي حڪومت اهڙو رويو اپنائي آيل مهمان جو موڊ خراب نه پئي ڪرڻ چاهيو. هن وقت چين ۽ ڀارت جو سڀ کان وڏو مسئلو سرحدي تنازعو آهي جنهن سبب ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ سٺا تعلقات بهتر ٿي نه سگهيا آهن. ڀارت جو سرحدي تنازعي واري مسئلي تي هميشه دفاعي موقف رهيو آهي ٻئي طرف چين پاران سرحدي مسئلي تي ڪو بيان يا راءِ سامهون ڪانه آئي آهي. جنهن سان ڀارت سرڪار ڪاوڙ جو اظهار ڪري. اهڙو موقعو چيني صدر طرفان به ڪونه ڏنو ويو. چيني صدر هوجن تائو ڀارت جي سموري دوري ۾ محتاط رهيو. چيني صدر پنهنجن روين ۾ ايترو محتاط هو جو هن صاحب ڀارت طرفان درياهه برهمپترا تي ٺهندڙ تڪراري ڊيم جي باري ۾ گفتگو ڪانه ڪئي. ۽ نه وري پاڪستان کي نيو ڪليئر ري ايڪٽر پلانٽ وڪڻن يا مدد ڪرڻ جي باري ۾ ڀارتي خدشن جو جواب ڏنو. نه وري پاڪستان سان وڌنڌڙ فوجي تعلقاتن بابت ڪو معقول جواب ڏنو.
چيني صدر ڀارت جي دوري دوران ڀارت سان اسٽريٽجيڪ تعاون وڌائڻ ۽ ائٽمي معاهدي تي دستخط ڪرڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه سلامتي ڪائونسل جي مستقل رڪنيت لاءِ ڀارت جي مخالفت نه ڪرڻ جو اعلان شامل هو. چيني صدر ۽ ڀارتي وزيراعظم دهليءَ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ”ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ 13 معاهدن تي دستخط ٿيا آهن.ٻنهي ملڪن پاران 2007ع کي گڏيل دوستي جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي تنازعي جو فيصلو ۽ گڏيل واپار کي سال 2010ع تائين چاليهه ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چين ڀارت سان هڪ اهڙو ئي ائٽمي تعاون وارو معاهدو ڪري رهيو آهي. جيئن آمريڪا ڀارت سان ائٽمي معاهدو ڪري سينيٽ مان منظور وٺي ڇڏي آهي. اهڙي قسم جي ائٽمي معاهدي واري ڳالهه ٻولهه ۾ ڀارتي ۽ چيني اڳواڻن جي وچ ۾ چين جي ائٽمي ماهرن جي ٽيم به موجود هئي.چين اهو سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪا جو هن خطي ۾ اثر و رسوخ گهٽجي وڃي. جيتوڻيڪ چين ۽ ڀارت 44 سالن ۾ پنهنجو سرحدي تنازعو حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڀارت جو چوڻ آهي ته چين ڪشمير جي 38 هزار چورس ڪلوميٽر علائقي تي قابض آهي. ٻئي طرف چين جو چوڻ آهي ته رياست اروناچل پرديش ۾ ڀارت طرفان 90 هزار چورس ڪلوميٽر چيني علائقي تي قبضو آهي. سرحدي تنازعي تي 1962ع ۾ ڀارت ۽ چين وچ ۾ جنگ لڳي هئي ان جنگ ۾ سرحدن جو تعين يا فيصلو ٿي نه سگهيو ۽ پوءِ هميشه چين ۽ ڀارت جي سرحدن تي جنگ واريون حالتون رهيون. آخر ڪار ڀارت ۽ چين سرڪار جي وچ ۾ 1966ع ۽ 1993ع ۾ هڪٻئي خلاف جنگ نه ڪرڻ وارا معاهدا طئه ٿيا، جنهن سان چين ۽ ڀارت وچ ۾ ٻيهر جنگ جي نوبت نه آئي. ٻئي طرف چين جي صوبي تبت ۾ ڀارتي دخل اندازي سبب صوبي ۾ امن امان خراب ڪرڻ مزاحمتي گروپن کي مدد ۽ سهڪار ڪرڻ جا الزام به چين ڀارت مٿان لڳائيندو ٿو اچي. ڀارت سرڪار ماضي ۾ سرڪاري سطح تي تبت مٿان چين جي قبضي کي ناجائز قرار ڏنو آهي. چيني صدر جي ڀارتي دوري دوران هڪ تبتي مزاحمتي ڪارڪن احتجاجن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي.ان مسئلي کي ڀارتي اخبارن شد ۽ مد سان لکيو. پر هوجن تائو بلڪل خاموش رهيو پر چين جي وزارت خارجه طرفان ان تبتي مزاحمتي ڪارڪنن جي احتجاجي طور باهه ۾ ساڙڻ واري عمل تي پنهنجو موقف بيان ڪندي چيو ته ” تبت قديم دور کان چين جو حصو آهي ۽ هاڻي چين جو اٽوٽ انگ آهي. تبت جو معاملو چين جو اندروني معاملو آهي.“
ڀارت به سهپ مان ڪم ورتو ۽ چين طرفان به سڀئي اختلافي معاملا پوئتي اڇلي نئين دوستي جو بنياد وڌو تجارتي ۽ واپار وارن معاهدن کي ترجيح ڏني وئي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ واڌ جو سبب بڻبي. ڀارت پنهنجي روين ۾ چين کي هميشه شڪ واري نگاهه سان ڏٺو آهي. ڀارت سلامتي وارن خدشن کي سامهون رکندي تازو چيني صدر جي دوري دوران بندر گاهن جي تعمير، اتر وارن علائقن ۾ مواصلات جهڙن شعبن ۾ سرمائيڪاري بابت معاهدا ڪيا. ان بابت ڀارت پنهنجا تحفظات چيني صدر آڏو رکيا. جيڪي اڳتي هلي پائيدار دوستي جي بنيادن تي اهي منصوبا زيرغور ايندا.
سياسي تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته چين جو ڀارت سان ائٽمي سمجهوتو، سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل رڪنيت جي حمايت جي وعدي کانپوءِ ڀارت جي طاقت ۾ اضافو ايندو. دفاعي لحاظ کان ڀارت هن خطي ۾ طاقتور ٿي ڀروارن، ڪمزور ملڪن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪندو. جنهن ۾ پاڪستان خاص ٽارگيٽ ٿي سگهي ٿو. آمريڪا، برطانيه ۽ جرمني جي حمايت کانپوءِ چين جي حمايت ۽ سهڪار ڀارت کي توسيع پسند ۽ اڳرائي وارا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حوصلو بخشيندو. پاڪستان کي پڪي اميد هئي ته چين سلامتي ڪائونسل جي مستقل رڪنيت واري معاملي تي ڀارت جي حمايت نه ڪندو. پر پاڪستان جي خواهشن جي نتيجو ابتڙ نڪتو. چين حمايت ڪري ڇڏي. آمريڪا جرمني ۽ برطانيه ۽ هاڻي چين جي حمايت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڀارت لاءِ سلامتي ڪائونسل جي رڪنيت کي حاصل ڪرڻ مشڪل ڪونه ٿيندو. هن خطي ۾ چين جون مجبوريون ۽ مفاد آهن هو انهن مفادن کي آڏو رکي فيصلا ڪندو.
هن وقت پاڪستان چو طرف سخت خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان هن خطي ۾ امن خاطر دهشتگردي خلاف فيصلا ڪن جنگ وڙهي رهيو آهي. سو چين جهڙي وفادار دوست جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن هن وقت چين ڀارت کي هن خطي ۾ پاڪستان مٿان ترجيح ڏيندو ته طاقت جو توازن ڀارت جي حق ۾ ويندو ڇاڪاڻ جو ڀارت کي آمريڪا، برطانيه، جرمني ٻيا ملڪ دفاعي ۽ تجارتي بنيادن تحت امداد ڏئي رهيا آهن.
چيني صدر هوجن تائو جو هي بيان به وزنائتو آهي جيڪو هن صاحب ممبئي تجارتي مرڪز ۾ خطاب ڪندي هيئن فرمايو ته ”ڀارت چين گڏيل تعاون سان هي صدي ايشيا جي صدي بڻجي سگهي ٿي.“ چيني صدر جي هن لفظن پويان هڪ وڏو مفهوم لڪيل آهي. ڊگهي حاصلات لاءِ هي بيان چين جي صدر طرفان ڏنو ويو. جيڪڏهن اسين اقتصادي ۽ تجارتي بنيادن تي ان جملي کي پرکيندا سين ته واقعي ڀارت ۽ چين جي ميلاپ ۽ باهمي تعاون سان ايشيا جي عوام جي قسمت بدلجي پوندي. ڇاڪاڻ جو چين ۽ ڀارت ۾ عوام جو راڄ آهي هو عوام لاءِ بهتر سوچ رکن ٿا. تنهنڪري عوام لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا ٻئي ملڪ پنهنجي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ جنگ کان وڌيڪ امن جا خواهشمند آهن.
چين جي رهنما زنگ بيانگ هنگ چين جي امن معاهدي بابت چيو ته چين ايندڙ پنجاهه سالن تائين امن جو خواهشمند آهي. اسان جنگ جا حامي ناهيون ۽ نه وري طاقت جي زور تي ڪنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ جي خواهش رکون ٿا. اسان صرف پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. جيڪي هن خطي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ آهن.” امن پنجاهه سال “ وارو نعرو چيني اڳواڻ پنهنجي پاليسين جو اهم نقطو بڻائي منزل ڏانهن وڌي رهيا آهن 1988ع کان ان پاليسي تحت چين روس جي 4300 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد تان ڏيڍ لک فوج هٽائي ڇڏي ان عمل کان پوءِ روس پنهنجي فوج کي واپس سرحدن تان گهرائي ورتو پوءِ هڪ امن معاهدي تحت ٻنهي ملڪن جون فوجون هميشه لاءِ بارڊر تان هٽي ويون چين ۽ ڀارت وچ ۾ 16 بلين ڊالرز جو واپار ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ چين ڀارت سان جنگ نه پر امن جي خواهش رکي ٿو. چين پنجاهه سالا امن واري پاليسي تحت هو پنجاهه سالن ۾ تجارتي بنيادن تي سگهارو ٿي عالمي منڊي ۾ سگهارو ٿيڻ ٿو چاهي. جنگ هن جو مقصد ناهي. چين توانائي جي معاملي ۾ خود ڪفيل ٿيڻ گهري ٿو. تنهنڪري تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ روس، قزاقستان، سوڊان، ايران، انڊونيشيا ۽ وينزويلا جهڙن ملڪن سان بهتر ناتن جي بنياد تي معاهدا ڪري ملڪي توانائيءَ لاءِ تيل جي ضرورت کي پورو ڪري رهيو آهي. چين کي تازو اتر ڪوريا جي ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ تي رنج به ٿيو هجي پر سندس رويو ايڏو ڪڙو نظر نه آيو. چين اتر ڪوريا خلاف آمريڪي پابندين جي حمايت ڪونه ڪئي نه وري آمريڪا جي ڏنل سببن سان سهمت ٿيو. بلڪه ائين ضرور آمريڪا کي چيو ته ايران سميت شمالي ڪوريا سان ڳالهه ٻولهه ذريعي نتيجو اخذ ڪيو وڃي. چين ويڙهاند ۽ اقتصادي پابندين جي مخالفت ڪندي آمريڪا جي اتر ڪوريا سان ڳالهين جو مشورو ڏنو. جنهن ڪري آمريڪا جي حوصلا شڪني ٿي هو جيڪي مفاد حاصل ڪرڻ پيو چاهي سو چين جي ڏاهپ سبب حاصل ٿي نه سگهيا. آمريڪا، ڀارت، ڏکڻ ڪوريا ۽ تائيوان کي چين خلاف مدد ڪري اڀاري رهيو آهي ته جيئن چين آمريڪا لاءِ مسئلا پيدا نه ڪري. چين، آمريڪي خطرناڪ منصوبن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ توانائي ۽ تجارتي ذريعن کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکڻ لاءِ چين 1996ع ۾ ” شنگهائي _ فائيو“ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي آهي. هن تنظيم ۾ روس چين، قذاقستان، ڪرغســـتان، ۽ تاجســڪتان شامل آهن. سـال 2001ع ۾ ازبڪستان جي شموليت کان پوءِ تنظيم جو نالو بدلائي شنگهائي ڪارپوريشن (SCO) رکيو ويو آهي.SCO تنظيم تجارت سميت ٻين ميدانن ۾ خاص مقصد ماڻيا آهن. جنهن کي ڏسي پاڪستان، ڀارت، ايران ۽ منگوليا تنظيم جو ميمبر بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. اهي ملڪ جڏهن SCO جا ميمبر ٿيندا ته ايشيا کنڊ يقينن هوجن تائو جو خواب ” هي صدي ايشيا جي صدي ٿيندي“ ضرور ساڀيان ماڻيندو ۽ ايشيا کنڊ هڪ وڏي تبديلي کان پوءِ سک ۽ شانتيءَ جو گهوارو بڻبو.¡
تاريخ : 05-12-2006