ڀارت- آمريڪا جوهري معاهدو ۽ پاڪستان جو آئيندو
ان جو خاص مقصد هي آهي ته ڀارت سياسي، اقتصادي طور مضبوط ملڪ آهي. آمريڪي سينيٽ پاران ائٽمي سول معاهدي جي منظوري کان پوءِ فرانس به ڀارت ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ائٽمي سول معاهدي بابت فرانس ۽ ڀارت جي سرڪاري نمائندن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. ڀارت جڏهن فرانس ۽ آمريڪا سان معاهدا ڪري چڪو هوندو ته پوءِ يقينن يورپ جا ٻيا طاقتور ملڪ ڀارت ۾ سيڙپڪاري ڪندا، آمريڪي ۽ فرانس جي معاهدي کان پوءِ ڀارت کي سي ٽي بي ٽي ۽ اين پي ٽي جي قانوني ڪهاڙن کان ڇوٽ ملندي. سي ٽي بي ٽي ۽ اين پي ٽي کان ڇوٽ مِليل ملڪ ڀارت اڳتي هلي ڏهن ويهن سالن اندر ويٽو پاور به حاصل ڪري وٺندو جڏهن ته ڀارت ويٽو پاور جا خواب هن وقت ڏسي رهيو آهي، اهي ساڀيان جو روپ وٺندا ته ان جو پهريون ٽارگيٽ خطي ۾ وڏي علائقائي تبديلي آڻيندو. ايٽمي ڀارت خطي ۾ ڪمزور ملڪن کي زبردستي طابع بڻائيندو، اڳرائيون ڪندو، ان جو پهريون شڪار پاڪستان ٿيندو.
ٻئي پاسي پاڪستان ڏينهون ڏينهن ڀارت جي مقابلي ۾ ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. روز جي بم ڌماڪن ۽ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال سبب ملڪ اقتصادي طور ڏيوالي جو شڪار آهي. ايتري قدر جو عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني ڪرنسي Devalue ٿي چڪي آهي پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ زراعت شعبو پاڻي نه هجڻ ڪري فصل وڌيڪ اپت ڏيندڙ نه رهيا آهن. ايندڙ ڏهن سالن ۾ ڀارت مقبوضه ڪشمير وٽان پاڻي تي ڪنٽرول ڪري وٺندو ۽ نتيجي ۾ هن ملڪ جون زرخيز زمينون خشڪ سالي جو شڪار ٿينديون. ايندڙ ڏهن سالن ۾ جنگي حالتون رهيون ته فوج جهڙو مضبوط ادارو به گهرو جنگ جي ڪري ڪمزور ٿي ويندو. باقي بيوروڪريسي ۽ حڪمران طبقي، جنهن ۾ خاص ڪري فوجي آمر اچي وڃن ٿا. انهن هن ملڪ کي ڄڻ ڀينگ ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هن ڀينگ ٿيل ملڪ مان آمريڪا کي جيڪي مفاد حاصل ڪرڻا هئا، اهي ڪري چڪو آهي، باقي هڪ ڪم جيڪو اڌ ۾ رهيل آهي، اهو آهي دهشتگردي خلاف جنگ.
دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا ڪجهه مالي فائدا، ته ڪجهه ڏٽا پوزيون ڏئي پاڪستان سان تعاون ڪري رهيو آهي جڏهن اهو مفاد حاصل ڪري وٺندو ته آمريڪا پاڪستان سان تعاون ته پري جي ڳالهه رهي پر اک کڻي به نه ڏسندو. بهرحال جيستائين طالبان خلاف جنگ هلي ٿي، آمريڪا تڪڙ ۾ پاڪستان مان هٿ نه ڪڍندو پر مستقبل جي سياسي ۽ اقتصادي، اسٽريجٽڪ پلاننگ ۾ کيس اڪيلو ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ جو آمريڪا مستقبل جي پلاننگ ۾ صرف ۽ صرف چين تي اک رکندو ۽ چين جي مقابلي ۾ هو ڀارت کي طاقتور ڪندو. ڇاڪاڻ جو ڀارت علائقي ۾ افرادي ۽ معاشي طور هڪ وسيع Capacity رکي ٿو.
اهڙي عالمي صورتحال کي محسوس ڪندي ڀارت پنهنجون ترجيحون علائقائي سطح تي تبديل ڪري رهيو آهي. سياسي ۽ اقتصادي طور ڀارت مضبوط آهي، وڏي ڳالهه ته اتي جمهوريت هجڻ ڪري عام ماڻهو حڪمرانن ۽ ادارن تي اعتماد ڪن ٿا، تنهنڪري ڀارتي حڪومت جتي ٻين شعبن ۾ سگهاري ٿيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي اتي پنهنجي دفاعي نظام کي طاقتور بڻائي رهيو آهي. ان لاءِ گذريل ٽن سالن جي دفاعي بجيٽ تي نظر وجهندا سين ته ڀارت دفاعي تاريخ ۾ مسلسل 18% اضافو ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڀارت ان دفاعي پاليسي تي مسلسل عمل ڪندو رهيو ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ڀارت جي دفاعي بجيٽ برطانيا جي دفاعي بجيٽ سان مد مقابل ٿيندي.
ڀارت هن وقت 15 ارب پائونڊ دفاع تي خرچ ڪري ٿو، 2013ع تائين هي بجيٽ 34 ارب پائونڊ کان مٿي ٿي ويندي، ڀارت جي ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ تي چين پاڪستان جپان انڊونيشيا، سريلنڪا، تائيوان، ويٽ نام، بنگلا ديش، نيپال ۽ ڀوٽان جهڙن غريب ملڪن کي سخت اعتراض آهن. پر ڀارت سڀني ملڪن جي اعتراضن کي ٿڏي ائٽمي جنون ۾ اچي نه صرف آمريڪا، فرانس پر روس، ۽ اسرائيل سان ائٽمي معاهدن جي چڪرن ۾ آهي. ان لاءِ ڪافي اڳتي به نڪري چڪو آهي. سال 2004ع جي هڪ دفاعي رپورٽ موجب ڀارت ترقي پذير ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ اسلحو خريد ڪرڻ وارو ملڪ هو. انهيءَ سال ڀارت 5.7 بلين ڊالرن جو اسلحو خريد ڪري چين کي پريشان ۽ حيران ڪري وڌو هو. 2001-2004ع ۾ چين پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو. جنهن جي رد عمل ۾ چين واري بجيٽ کان ڀارت وڌيڪ ٻيڻو اضافو ڪيو ۽ اسلحي جي ڊوڙ ۾ ڀارت پهرين فهرست ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 2004ع ۾ ترقي پذير ملڪن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ اسلحي جو مجموعي وڪرو 37 ملين ڊالر هو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سودو ڪرڻ وارو ملڪ آمريڪا هو. ان کان پوءِ روس ۽ برطانيا ٻي نمبر تي رهيا. ترقي يافته ملڪن ترقي پذير ملڪن جي جنگي جنونيت مان زبردست فائدو حاصل ڪيو. روس، آمريڪا برطانيا غريب اسرندڙ ملڪن کي اسلحو وڪرو ڪري زبردست پئسو ڪمايو. 2004ع ۾ ڀارت اسرائيل کان هڪ معاهدي تحت 10 ارب 10 ڪروڙ ماليت جو اسلحو خريد ڪيو. اصل ۾ اهو ئي معاهدو هو، جنهن ڪري 2008ع ۾ آمريڪا سان ائٽمي سول معاهدي جي راهه هموار ٿي، اسرائيل 2004ع واري معاهدي کان پوءِ اسرائيل هندستان ۾ عملي طور پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب ويو. اسرائيل جيڪي هٿيار ڀارت کي وڪرو ڪيا، ان لاءِ سکيا ڏيندڙ به اسرائيلي فوجي ماهر هئا. جيڪي ان بهاني هندستان ۾ پنهنجون خفيا سرگرميون جاري رکندا اچن. اسرائيل جون خفيا سرگرميون چين ۽ پاڪستان لاءِ ڪنهن خطري کان خالي ناهن ڇاڪاڻ ته رپورٽون مليون آهن ته، اسرائيلي ايجنٽ پاڪستان سان ملحق ڪشميري سرحد تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسرائيل جو دفاعي وزير ۽ اسرائيل جا فوجي ماهر گذريل مهيني ڪشمير جو دورو ڪري چڪا آهن.
ٻي طرف برطانوي وزير دفاع اهو بيان ڏنو ته ”دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڀارت مغرب جو بهترين اتحادي ثابت ٿي سگهي ٿو“ ان قسم جو بيان ٽن ڏينهن جي دوري تي پهتل آمريڪي وزير خارجه ڪونڊوليزا رائيس جو ڀارت ۾ ڏنل بيان تي غور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن چيو ته ”ائٽمي سول معاهدي سان آمريڪا ۽ ڀارت جا ”Deep Relation“ قائم ٿيندا. مستقبل ۾ ڀارت جو اهم ڪردار هوندو“. ٻي طرف جوزف بائيڊن نرم لفظن ۾ جڏهن ته ساره پيلن سخت لفظن ۾ پاڪستان ۽ ايران کي خطرناڪ ملڪ جو اعزاز ڏنو آهي. هنن رهنمائن چيو آهي ته ائٽمي هٿيارن سان ليس پاڪستان غير مستحڪم آهي، ۽ خدشو آهي ته پاڪستان ائٽمي هٿيارن سان ڀارت ۽ اسرائيل کي نشآنو بڻائي سگهي ٿو.
آمريڪا جي اڳواڻن جي بيانن مان صاف ظاهر آهي ته ڀارت تي هنن کي وڏو اعتماد آهي، جيئن اسرائيل جي ڳڻتي آمريڪا کي هميشه کان رهندي آئي آهي. تيئن هاڻي ڀارت به اسرائيل جي صف ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. جنهن جي هر مفاد جي نگراني ۽ نگهباني آمريڪا ئي ڪندو. اسان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته ايشيا ۾ آمريڪا کي اسرائيل جي روپ ۾ ڀارت ملي چڪو آهي. هاڻ ڀارت ائين ئي انگل ڪندو، جيئن اسرائيل ڪندو اچي. ڀارت ۾ هن وقت 17 جوهري ري ايڪٽر ڪم ڪن ٿا. جيڪي آبادي جي لحاظ کان بجلي جو پورائو ڪن ٿا. پر اهي ٿورا آهن ان معاهدي سان ڀارت مڪمل طور يورينيم آمريڪا کان حاصل ڪرڻ لاءِ آزاد هوندو ۽ يورينيم پاڻ به تيار ڪندو. جنهن سان ايندڙ ڏهن سالن ۾ بجلي جي معاملي ۾ ڀارت خود ڪفيل ٿي ويندو. آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل معاهدي جا ڪجهه نقطا هيٺ ڏجن ٿا:
پهريو نقطو آهي ته جوهري توانائي جي جديد ترين تحقيق ۽ ترقي ۾ اشتراڪ ٻيو جوهري توانائي متعلق حفاظتي معاملن ۾ تعاون، ٽيون ٻنهي ملڪن جا جوهري سائنسدان باهمي تحقيق خاطر هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ وڃي گڏجاڻيون ڪندا، چوٿون صنعتي سطح تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوهري مٽيريل ۽ جوهري ٽيڪنالاجي مٽا سٽا ڪري سگهندا، پنجون معاهدي جي مدت ختم ٿيڻ تائين ڀارت ائٽمي مواد ذخيرو ڪرڻ ۾ آزاد هوندو، ڇهون نيو ڪليئر سائنس جي ايڊوانس تحقيق ۾ اشتراڪ، ستون جوهري ساز سامان جي سپلاءِ، اٺون ڀارت ۾ ائٽمي ري ايڪٽرس آءِ اي اي اي جي نگراني ۾ ڪم ڪندا ۽ نائون آءِ اي اي اي (I AEA) کي ڀارت ۾ سڀني ري ايڪٽر جي جاچ جو حق حاصل هوندو.
هي معاهدو 40 سالن لاءِ هوندو پر وڌيڪ ڏهه سالن تائين هن عرصي کي وڌائي سگهجي ٿو. هاڻي اندازو هڻو ته آمريڪا 40 سالن تائين ڀارت سان گڏجي ڪم ڪندو ته هن جا ناتا فطري طور ڀارت سان وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان سان ڪمزور- ان لاءِ پاڪستان کي گهرجي ته پنهنجون ترجيحات مرتب ڪري ۽ آمريڪا کان آهستي آهستي جند ڇڏائڻ لاءِ پاليسيون جوڙي، دوستي جو وڌيڪ رشتو چين سان پڪو رکي، ڇاڪاڻ جو ماضي گواه آهي ته مشڪل گهڙين ۾ چين ئي پاڪستان جي سهڪار ۽ مدد ڪندي نظر آيو آهي. ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي اقتصادي، سياسي ۽ دفاعي صورتحال کي پيش نظر رکندي ملڪ جي سموري سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ۽ پارليامينٽ آڏو اهم مسئلا رکي پوءِ فيصلا ڪيا وڃن.¡
تاريخ : 11-10-2008