پيپلز پارٽي _ مشرف ڊيل ۽ ان جا سياست تي اثر
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر مشرف بينظير ڀٽو کانسواءِ پ پ پ کي قبولڻ لاءِ تيار آهي. اهڙي قسم جي شرط کي بينظير ڀٽو قبول ڪري ورتو آهي. جنهن کانپوءِ موجوده سرڪار بينظير جي بحفاظت وطن واپسي جي باري ۾ غور ڪري رهي آهي. ان حوالي سان آمريڪا نه صرف صدر مشرف ۽ بينظير جي ”ڊيل“ سان سهمت آهي پر 2007ع جي چونڊن ۾ اقتدار پ پ پ جي حوالي ڪرڻ جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي ڊيموڪريٽ ميمبر بينظير ڀٽو کي پڪ ڏياري ڇڏي آهي اهڙي عمل کانپوءِ بينظير ڀٽو جو اعتماد وڌي ويو آهي. آمريڪي مڊٽرم چونڊن کانپوءِ پاڪستان آيل اعليٰ آمريڪي وفد به بينظير ڀٽوکي اقتدار ڏيارڻ لاءِ صدر مشرف سان ڳالهيون ڪيون آهن. ساڻ پارٽي جي اڳواڻن سان به آمريڪي وفد ملاقاتون ڪيون ۽کين اعتماد ۾ ورتو ۽ پنهنجي سپورٽ جو يقين ڏياريو جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ وارن ۾ نئون ساهه پيو آهي.
پيپلزپارٽي کي سرڪار مڪمل طرح نسوان بل جي منظوريءَ لاءِ اڳواٽ اعتماد ۾ ورتو هو. جيڪو به ان ”ڊيل“ ۽ هم آهنگي جو حصو هو. نسوان بل جي منظوريءَ کانپوءِ حڪومتي ڌرين خاص ڪري صدر مشرف جو پيپلزپارٽي مٿان اعتماد بحال ٿيو. جواب ۾ صدر جنرل مشرف پيپلزپارٽي وارن جا نسوان بل جي حمايت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻي طرف صدر مشرف سان ويجهو ٿيڻ سميت اعتماد ۽ هم آهنگي وڌيڪ پيدا ڪرڻ لاءِ بينظير ڀٽو صاحبه ملڪ ۾ موجود پارٽي قيادت کي هدايت ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي صدر مشرف تي تنقيد ڪرڻ بدران چوڌري (شجاعت ۽ پرويز الاهي) برادران کي پنهنجي تنقيد جو محور بڻائي، ڇاڪاڻ ته هن وقت پيپلزپارٽي ۽ جنرل مشرف جي ” ڊيل“ مان چوڌري برادران بلڪل ناخوش آهن. ۽ ان ڊيل سان چوڌري برادران جو سياسي مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي ۽ هنن جي سياسي چوڌرائپ ختم ٿيڻ واري آهي. تنهنڪري چوڌري صاحبان پنهنجي چوڌرائپ قائم رکڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي مخالفت ڪري پنهنجي سياسي وجود جي بقاجي آخري جنگ لڙي رهيا آهن.
ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ پير صاحب پاڳاري جي 77 هين سالگرهه هن ڀيري وڏي ڌوم ڌام سان ملهائي وئي. سالگرهه جي تقريب ۾ اسٽيج تي پ پ پ جا اڳواڻ حاڪم علي زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم جميل الزمان سميت هيٺ پنڊال ۾ ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گڏ ويٺل نظر آيا. پيپلزپارٽي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي آزاديءَ کي ان ”ڊيل“ جو حصو چيو وڃي ٿو. هن تقريب ۾ آصف علي زرداري جي خاص معاون اسلام الدين شيخ پير صاحب پاڳاري کي آصف علي زرداري پاران خاص تحفو ۽ نيڪ تمنائن جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي پير صاحب فرمايو ته ” پيپلزپارٽي وٽ ڏيڻ ۽ وٺڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. ان ڪري پ پ پ سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته ” ق“ ليگ وٽ ڪجهه به ڪونهي. سرڪاري جماعت جووجود صرف ڪاغذن ۾ آهي.“ پير صاحب جي اهڙي تاثر کانپوءِ اها پڪ ٿي وئي آهي ته حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي ڊيل ٿي چڪي آهي. سرڪار ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ڊيل نه هجي ها ته پير صاحب پ پ پ وارن کان ڪوهين ڏور بيٺل نظر اچي ها. پير صاحب پاڳاري ۽ پ پ سنڌ جي صدر قائم علي شاهه جي وچ ۾ تازي ملاقات کانپوءِ سيد قائم علي شاهه جو بيان سامهون آيو ته ”پير صاحب سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. جنهن سان مفاهمت ٿي سگهي ٿي“. سياست ۾ ڪا به ڳالهه آخري ڪونه ٿيندي آهي. ذريعن ٻڌايو ته ان ملاقات ۾ پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ سنڌ ۾ حڪومت گڏجي ٺاهڻ لاءِ اتفاق ڪيو آهي.
بينظير ڀٽو سياسي ميدان تي مولوين سان گڏ هلڻ لاءِ ڪنهن به طرح تيار ناهي. بينظير ڀٽو هن وقت ميثاق جمهوريت واري معاهدي ۽ مخالف ڌر جي اتحاد اي آر ڊي کي وچ سمنڊ ۾ ڇڏي اڪيلي سر پنهنجي پارٽي کي ڪناري لڳائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. اهڙي طرح جيئن 1988ع واري چونڊن ۾ ايم آر ڊي ۾ شامل جماعتن جي ڪشتي کي وچ سير ۾ ڇڏي اڪيلي سر اقتدار ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سائين قائم علي شاهه ٺيڪ پيو چوي ته ” سياست ۾ ڪا به آخري ڳالهه ناهي ٿيندي.“
اسلام آباد جي سرد هوائن مان اهي به خبرون ملي رهيون آهن ته اقتدار ڌڻين اهو فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ مان ايم ايم اي ۽ سنڌ مان ايم ڪيو ايم جي سياسي ڪردار کي گهٽايو وڃي. ان حوالي سان ديني جماعتن جو اتحاد ايم ايم اي جلد ٽٽڻ وارو آهي، جنهن جا آثار شروع ٿي چڪا آهن. ڇاڪاڻ جو ايم ايم اي مان اهي حلقا پريشان ۽ تنگ ٿي چڪا آهن جن ايم ايم اي کي ٺاهيو هو. ڇاڪاڻ جو انهن سگهاري ڌرين جي مخالفت ڪرڻ ايم ايم اي جي ايجنڊا ۾ ڪونه هئي. هينئر اهي ان ايجنڊا کان هٽي ڪم ڪري رهيا آهن. تنهنڪري انهن سگهاري ڌرين لاءِ ايم ايم اي هاڻ قابل قبول ناهي رهي. چونڊن جي اعلان کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي اتحاد جڙندا. هاڻي هڪ نئون اتحاد جماعت اسلامي، مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف جي الحاق سان ٺهي رهيو آهي. جڏهن ته جميعت علماءِ اسلام ( فضل الرحمان گروپ) اقتداري ڌر جي ويجهو رهڻ کي اهميت ڏيندو جيڪڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار مليو ته مولانا فضل الرحمان ان جي حمايت ڪندو. بينظير ڀٽو. مولانا صاحب کان ڪوهين ڏور هجڻ باوجود اندروني طور ان جي حمايت هٿان نه وڃائيندي. ڇاڪاڻ جو مولانا صاحب کي قومي اسيمبليءَ جي نشست تان استعيفيٰ واري معاملي تي روڪڻ ۾ بينظير جي هڪ ٽيليفون جو به ڪمال هو.
بينظير ڀٽو سياسي افق تي اهڙي پوزيشن ٺاهي رهي آهي جو ايندڙ چونڊن کانپوءِ ٿيندڙ وزيراعظم سندس پارٽي جو هجي.” ڊيل“ جي سلسلي ۾ بينظير ڀٽو ايندڙ پنجن سالن لاءِ وردي سميت صدر مشرف کي قبوليندي. بينظير ڀٽو ان فارمولي کي قبولي ورتو آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽس جي فتح سان بينظير ڀٽو جي پيپلزپارٽي جا اقتدار ۾ اچڻ جا چانس تمام وڌي ويا آهن. بينظير ڀٽو واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ تازو ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪري پنهنجي لاءِ حمايت حاصل ڪري ورتي آهي. بينظير ڀٽو صدر مشرف کان به اڳتي وڌي طالبان خلاف فيصلا ڪن قدم کڻي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي. ساڻ ڪشمير مسئلي کي سيڪنڊري پوزيشن تي رکي ڀارت سان سٺا ناتا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ملڪ جي تازي سياسي صورتحال پ پ پ ۽ مشرف ” ڊيل“ ۽ هم آهنگي بابت مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس لنڊن ۾ ٿي گذريو. ان اجلاس جي صدارت ميان نوازشريف ڪئي. ان اجلاس ۾ پيپلزپارٽيءَ جي رويي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ يا دٻاءُ وجهڻ لاءِ پيپلزپارٽي تي ڀروسو نه ڪرڻ وارا فيصلا ڪيا ويا. ايتري قدر جو ان اجلاس ۾ ڪن اڳواڻن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته پ پ پ وارن مسلم ليگ (ن) جي ڪاز کي نقصان پهچايو آهي.
پيپلزپارٽي ۽ جنرل مشرف جنهن تيزي سان هڪٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهن. ان مان ظاهر آهي ته ملڪ ۾ جلد تبديلي اچڻ واري آهي. ان حوالي سان هر ڏينهن اهم آهي. جنرل مشرف جي ايجنڊا به سامهون اچي چڪي آهي. صدر مشرف 2007ع جي چونڊن ۾ روشن خيال ۽ لبرل ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جي خواهش رکي ٿو. صدر مشرف جو حقوق نسوان بل بابت سخت انقلابي قدم ڳڻي سگهجي ٿو. صدر مشرف کي نسوان بل جي حمايت ۾ سچائيءَ سان پيپلزپارٽي وارن جو تعاون ۽ حمايت وڌيڪ ويجهو آڻڻ جو سبب بڻي آهي ته ٻي طرف مسلم ليگ (ق) جي نسوان بل تي سرد مهريءَ وارو انداز صدر مشرف کي پسند نه آيو. ان سلسلي ۾ صدر مشرف کي چوڌري شجاعت حسين جو دفاعي انداز به پسند نه آيو آهي تنهڪري ق ليگ جا اڳواڻ پيپلز پارٽي ۽ ايوان صدر وچ ۾ وڌندڙ رابطن کان سخت پريشان آهن. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ چوڌري شجاعت حسين پريشان آهي. هو بار بار مشرف _ پيپلزپارٽي ڊيل جي مخالفت ۾ بيان جاري ڪري رهيو آهي. پر هاڻي مشرف ۽ پيپلزپارٽي ڊيل واري راند چوڌري شجاعت حسين جي هٿن مان نڪري چڪي آهي. چوڌري صاحب پاڻ به محسوس ڪري رهيو آهي ته واڳ ڌڻي کيس اڪيلو ڪري رهيا آهن.
يوسف رضا گيلاني ۽ آصف زرداري جي آزادي ۽ بينظير ڀٽو جي پي آءِ اي ڪيس ۾ آزادي سميت ڪيترن ئي پارٽي اڳواڻن خلاف ڪيس ختم ڪرڻ اهو سڀ ڊيل جو نتيجو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته صدر مشرف پنهنجي ڪتاب” In the Line of Fire “ ۾ بينظير ڀٽو جي والد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي جمهوريت جي آڙ ۾ هڪ ڊڪٽيٽر جو نانءُ ڏنو آهي. ڪتاب جي مهورتي تقريب جي ڪافي ڏينهن جي دير کانپوءِ بينظير ڀٽو دفاعي بيان ۾ چيو ته ”مشرف هڪ غير منتخب ليڊر آهي. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دل جي ڌڙڪن هو.“ اڪبر بگٽيءَ جي قتل خلاف سمورو ملڪ سراپا احتجاج هو پر بينظير ڀٽو صاحبه ڪافي دير کانپوءِ اڪبر بگٽي جي قتل خلاف هڪ مذمتي بيان جاري ڪندي چيو ته بگٽي جي قتل سان پاڪستان جي اتحاد ۽ سلامتي تي ناڪاري اثر پوندا.“ بينظير ڀٽو صاحبه جنرل پرويز مشرف خلاف ڪو به اٻهرو بيان ڏئي جنرل مشرف کي ڪاوڙائڻ نه ٿي چاهي. بحرحال اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ بينظير ڀٽو سڀ ڪجهه داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. وال اسٽريٽ جنرل جي ٽي مهينا اڳ واري هڪ اشاعت ۾ صدر مشرف کي ” پسنديده آمر“ جي لقب سان نوازيو ويو آهي. آمريڪا جو به ڪجهه اهڙو خيال آهي ته ”آمريڪا 2007ع جي عام چونڊن ۾ صدر مشرف جي پاليسين جي ڀرپور حمايت ۽ مدد ڪندو“. آمريڪين اهو به ورجايو آهي ته انهن چونڊن ۾ بينظير ڀٽو يا ان جي جماعت کي ملڪي سياست ۾ واپس اچڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو.
ان حوالي سان جنرل مشرف ۽ بينظير ڀٽو ٻنهي لاءِ بهتر موقعا آهن. صدر مشرف نئين لبرل اتحاد کي اعتماد ۾ وٺي پنجن سالن لاءِ باوردي صدر بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ته بينظير ڀٽو آمريڪا ۽ جنرل مشرف جي ايجنڊا کي منهن ڏيندي جنهن سان ملڪ اندر ڪرندڙ ملٽري ساک کي سهارو ملي ويندو. تنهنڪري جنرل مشرف ۽ بينظير ڀٽو جو هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ٻنهي جي مجبوري بڻيل آهي. بينظير ڀٽو جو جيڪڏهن سياسي رڪارڊ ڏسبو ته 6-8-1990کان 2-12-1988 ۾ اقتدار ۾ رهڻ دوران بينظير ڀٽو فوج کي خوش ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو. انهيءَ دور ۾ ” فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ ” فوج لاءِ چئي ڏنو ته فوج سياست ۾ ملوث نه ٿي آهي. فوج کي تمغه جمهوريت سان نوازيو ويو. فوج ۽ عوام هڪ آهن.“ ساڻ ڪيترن ئي رٽائر فوجي آفيسرن کي سول محڪمن ۾ وڏا عهدا ڏنا. فوج جي ملازمن کي فارغ ڪرڻ کان گريز ڪيو ته جيئن فوجي ادارن تي منفي اثر نه پون. افغان پاليسي بدستور فوج جي ڪنٽرول ۾ ڏنائين صدر اسحاق جا ٻه نياڻا اهم سرڪاري عهدن تي ڀرتي ڪيائين. پاڪستان جي چئن صوبن مان ٽن صوبن تي فوج جا جنرل گورنر مقرر ڪيائين. ساڻ دفاعي بجيٽ ۾ زبردست اضافو ڪري فوج کي خوش رکيو. بينظير ڀٽو جي اقتدار واري ٻي ٽرم 5-11-1996 کان 19-10-1993 تائين فوجي جنرلن خلاف رويو محتاط رکيائين ملٽري جي معاملن ۾ الجهڻ کان پاسو ڪيائين. حڪومت پاران رمزي يوسف کي گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو ويو. رمزي يوسف آمريڪا کي گهربل هو. 1995ع ۾ آمريڪا جو دورو ڪري 348 ملين ڊالرز جو آمريڪي اسلحو خريد ڪيو جنهن تي 1990ع ۾ آمريڪا پاران پابندي لڳل هئي. 1996ع ۾ آءِ ايم ايف جي منع باوجود دفاعي بجيٽ کي گهٽ نه ڪيو ويو. رٽائر جنرل سول محڪمن جي اعليٰ عهدن تي فائز رهيا. خاص ڪري 5_ 1994ع ۾ قومي بجيٽ ۾ سول ملٽري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ آندي پاڪستاني دفاع کي ميزائل سان مسلح ڪيو.
بينظير ڀٽو جي فوج سان واسطن کي مدنظر رکندي فوج پاران توقع ڪئي پئي وڃي ته لبرل ۽ ترقي پسند ۽ روشن خيال پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچڻ سان پاڪستان جي فوج جو ڪافي ڀلو ٿيندو. هن وقت جيڪا آنڱر فوج تي کڄي ٿي ۽ فوج جي ڪردار تي تنقيد ٿئي ٿي. پيپلزپارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان ان ۾ گهٽتائي ايندي. ملا ۽ ملٽري الائنس واري الزام کان به فوج پاڪ ٿي ويندي. افغان، طالبان جو مسئلو به پيپلزپارٽي حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻيل هوندو تنهنڪري ايندڙ پنجن سالن لاءِ جنرل پنهنجو سمورو بار لاهي پ پ پ جي مٿي تي رکي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ جو هي ملڪ جنرلن جي لاءِ آهي ۽ جنرلن لاءِ وجود ۾ آيو آهي تنهنڪري فيصلا به جنرل ڪندا. هن ملڪ ۾ عوام جي راءِ عوام جو ووٽ ۽ عوام جي مسئلن جي ڪا خاص اهميت ناهي. هتان جو عوام جيئي جيئي ۽ هاءِ هاءِ ۾ پنهنجي زندگي گذاري ٿو ڇڏي.¡
تاريخ : 19-12-2006 ع