صُوبائي خودمختياري ۽ سنڌي عوام جا خدشا
اي پي سي ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر حسين هارون، اي پي سي کان مطالبو ڪيو ته سينيٽ کي وفاق جو امين ادارو بنائي صوبن کي خودمختياري ڏني وڃي، 1973ع جي آئين ۾ صوبن جي خودمختياري بابت ترميم ڪري وڌيڪ حق ڏنا وڃن 1940ع واري قرارداد پاڪستان تي عمل ڪيو وڃي. هن وقت سنڌ سان وڏيون زيادتيون ٿي رهيون آهن. اهي بند ڪيون وڃن ملڪ آئيني بحران جي ور چڙهيل آهي. جمهوري ۽ روشن خيالي جي بنياد تي اصول جوڙي ناراض عوام جي قسمت تبديل ڪئي وڃي. ملڪ ۾ صدارتي نظام نه پر پارلياماني نظام هئڻ گهرجي. ٽئڪس لاڳو ڪرڻ ۽ وصول ڪرڻ جا اختيار صوبن حوالي ڪيا وڃن. صوبن کي ٽوڙن واري ڳالهه جي حمايت نه ڪنداسين ”صوبن سان انصاف ٿيڻ گهرجي“.
هن صاحب جيڪي ڳالهيون ڪيون وفاق انهن ڳالهين تي ڌيان ڏئي ڪجهه اڳڀرو ٿئي ته گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ وفاق خلاف صوبن جون کوڙ ساريون رنجشون ختم ٿي سگهن ٿيون.
اي پي سي ۾ شريڪ ٿيندڙن مان سيد زين شاهه به آهي جنهن جي شناخت جي ايم سيد جو پوٽو هئڻ سان گڏ هڪ اعليٰ پائي جي سوچ رکندڙ نوجوان سنڌ دوست آهي، زين شاهه 14 نڪتا اي پي سي آڏو رکيا. هن صاحب چيو ته سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل ٺهرائن ذريعي حق نه ملي سگهيا آهن ته ان مان ڪا اميد به نه ٿي رکي سگهجي. سٺ سالن ۾ ٿيل سنڌ سان زيادتي ظلم ڏاڍ کي هن ڪانفرنس ۾ وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. زين شاهه جي ڳالهه به درست آهي ته پهرين ته سنڌ اسيمبلي ۾ سٺ سالن ۾ جيڪي ٺهراءَ پاس ٿيا آهن انهن کي آئيني حيثيت ڏني وڃي ۽ عوامي مسئلن جو ازالو ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ سان ٿيل زيادتين ۽ ظلمن خلاف ڪيئي قراردادون اڪثريتي راءِ سان پاس ڪيل آهن. ان تي اڄ تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي ته پوءِ صوبائي خودمختياري سنڌ جي عوام کي ڪهڙي ريت ملندي سٺ سالن جي عرصي دوران جيڪي قراردادون اڪثريت راءِ سان پاس ٿيون آهن انهن مان صرف هڪ ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي کي ختم ڪرڻ واري قرارداد تي عمل ڪن ته به اسان سمجهندا سون ته وفاق سنڌ جي مسئلن جو ادراڪ رکي ٿو. ان مان اميد ڪي آسرا ڪري سگهجن ٿا. ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي عوام پاران وفاق وٽ گڏيل فرياد آهي. پر وفاق ان فرياد کي ٿڏو هڻي ڪالاباغ ڊيم کي ٺاهڻ تي بضد آهي. ان حوالي سان حسين هارون جو چوڻ آهي ته پهريائين سنڌ جي عوام سان ٿيل زيادتين جو ازالو ڪري ۽ انهن خلاف زيادتيون بند ڪيون وڃن. ناراض سنڌي عوام جي قسمت تبديل ڪئي وڃي اسان صوبن کي ٽوڙڻ واري ڳالهه جي حمايت نه ڪنداسين.
حسين هارون صوبن کي ٽوڙڻ جي سازش جي نندا ڪئي آهي حسين هارون جي ان بيان ۾ ڪيئي خدشا ۽ سوال ڪر کڻي بيٺا آهن. آخر حسين هارون اهو بيان ڪهڙي پسمنظر ۾ ڏنو آهي هو ڪهڙو ٿو پيغام ڏيڻ چاهي. سنڌي عوام ان بيان کي فڪرمندي ۽ تشويش واري نگاهه سان ڏسي ٿو. باقي جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان زيادتين جي ڳالهه ڪنداسين ته سنڌي عوام خلاف سٺ سالن ۾ ايڏيُون ته زيادتيون ۽ سازشون ٿيون آهن جو بنگالين سان به اهڙيون جٺيون ڪو نه ٿيون هيون. سٺ سالن ۾ ظلم ۽ جبر جي طويل فهرست جڙي آهي جنهن ۾ شيرين سومرو کان شازيه خالد سميت ٺوڙهي ڪراسنگ واري سانحي تائين 4 مارچ تي شاگردن جو وهيل خون کان ايم آر ڊي جي شهيدن تائين ، ذوالفقار علي ڀٽو ، مرتضيٰ ڀٽو . اياز سمون، ناصر بلوچ، فاضل راهو، رزاق سومرو،احسان سومرو ، نذير عباسي، يوسف جکراڻي کان سنڌ جي تحريڪن ۾ مارجي ويل ڳڀرو نوجوانن تائين. سنڌ جا سوين ڪونڌر ڪٺا ويا آهن ۽ اڄ به ڪسجن پيا. سنڌ جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن مان سنڌي نوجوانن کي تڙي ڪڍڻ ۽ بيروزگار ڪرڻ سنڌ جي زمين ۽ وسيلن کي زوري ڦٻائڻ شامل آهي پهريائين ته انهن مسئلن جو تدارڪ ڪيو وڃي پوءِ خودمختياري جي ڳالهه اڳيان رکي ويندي ته ان تي سوچي سگهجي ٿو- باقي ان مسئلي تي هن وقت ڳالهائڻ وقت جو زيان آهي.
ڪيڏي افسوسناڪ خبر آهي جو اسٽيٽ خلاف عدالتن ۾ عام ماڻهو درخواست ٿو ڏي ته اسان جا گم ٿيل سياسي نوجوان ظاهر ڪريو. وفاقي سرڪار اڳ ۾ اهو ننڍڙو مسئلو ته حل ڪري ۽ پنهنجي شهرين کي تحفظ فراهم ڪري ڇاڪاڻ جو عالمي منشور ۽ 1973ع جي آئين تحت پاڪستان سرڪار جو حق ٿو بڻجي ته پنهنجي شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري، هاڻي جڏهن سرڪار پنهنجي ماڻهن کي تحفظ فراهم نٿي ڪري سگهي ته صوبائي خودمختياري ڪٿان ڏيندي. خدارا پهريون ته اوهان گم ٿيل سياسي ڪارڪنن کي ظاهر ڪريو ۽ پوءِ ڪا انصاف ڀري ڳالهه ڪريو ته جيئن عوام جو حڪمرانن ۾ ويساهه پختو ٿئي.
ڀلا بنگال وارن ڇا گهريو هو؟. اهي ساڳيا انساني حق، جنهن تي مڇرجي حُڪمرانن حق ڏيڻ بجاءِ قتلام شروع ڪري ڏنو. آخر ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو. انهن بنگالين به صوبائي خودمختياري ۽ بنگالي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي گهر ڪئي هئي. جيڪڏهن انهن ماڻهن کي حق ڏيون ها ته ملڪ وڌيڪ سگهارو ٿئي ها. بنگالين وٽ پنهنجي فوج هئڻ سبب هنن وڙهي جند ڇڏائي پر سنڌ جا ماڻهو بي هٿيار ۽ عدم تشدد جا پيروڪار آهن. گهٽ ۾ گهٽ انهن سان ته انصاف ڪريو. انهن کي ته حق ڏيو. پنهنجو ننڍن صوبن جي عوام ۾ وڃايل وقار ته بحال ڪرايو. خاص ڪري پير پاڳاري جو بيان به ان سلسلي ۾ وڏي اهميت وارو آهي ته ”پنجاب کي به پنهنجي بالادستي ختم ڪرڻ لاءِ سوچڻو پوندو“.جڏهن پير صاحب اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري ٿو ته پنجاب کي به پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. ننڍن صوبن کي پنجاب مان شڪايتون آهن ته هو پاڻ کي حاڪم ۽ ٻين قومن کي محڪوم سمجهي ٿو، جئين فوج هن ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ واري حق کي جائز سمجهي ٿي. تيئن پنجاب به طاقت ذريعي ٽن ننڍن صوبن جي حقن کي پائمال ڪرڻ جائز سمجهي ٿو. پنجاب جي عوام، فوج ۽ ڪاموري جي ننڍن صوبن تي قبضي واري سوچ هڪڙي آهي ڇاڪاڻ جو پنجاب جون اهي ٽيئي قوتون ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. پنجاب جون سڀئي ڌريون ننڍن صوبن جي استحصال ۾ شريڪ آهن. پنجاب جمهوريت سان به مثبت رويو اپنائي نه سگهيو آهي تاريخ گواهه آهي ته پنجاب مان اڀرندڙ هر تحريڪ فوج کي اقتدار تي قابض ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي. پنجاب جڏهن لولي لنگڙي جمهوريت لاءِ راضي ناهي ته پوءِ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ لاءِ ڪيئن راضي ٿيندو . اهو هڪ وڏو سوال آهي.
جيڪڏهن هينئر وفاق واقعي سچائي ۽ سنجيدگي سان صوبن کي خودمختياري ڏيڻ لاءِ سوچي ٿو ته پوءِ وفاق کي وڌيڪ بکيڙو کڙو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي نه اي پي سي جي، نه وري ڪنهن سيمينار جي، وفاقي سرڪار آڏو 1940ع واري قرارداد پاڪستان، 1973ع وارو آئين ۽ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جي سڀني پارٽين پاران پاس ڪيل قرارداد رڪارڊ تي موجود آهي ان تي عمل ڪري جن ۾ صوبائي خودمختياري وارو سوال. هڪ جواب جي صورت ۾ موجود آهي. اوهان ٿو رو ان تي عمل ڪريو صوبائي خودمختياري ته وڏي ڳالهه آهي اوهان حقيقي جمهوريت ته بحال ڪريو. سدائين فوج ڏنڊو کڻي اچي قبضو اقتدارتي قبضو ڪري ٿي. عوام کي ماري ڪٽي پوءِ وري عوام جي خوشحالي ۽ سک جا ڊراما رچائي ٿي. هن وقت به صوبائي خودمختياري جو بکيڙو هڪ ڊرامي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.
فوج کي اقتدار جي انڌ ۾ ڪجهه نظر نٿو اچي فوجي حڪمرانن جون غلط پاليسيون، اقتداري هوس ۽ هوڏ ڪري ڪڏهن ڪڏهن رياست لاءِ خودڪشي جو ڪارڻ بڻيون آهن. جيئن 1971ع ۾ بنگال جي ويڙهه وقت خودڪشي ڪئي وئي هئي اڄ جي حالتن ۾ جيڪڏهن سنڌ کي مايوس ڪيو ويو ۽ عوام جي مسئلن جو تدارڪ نه ڪيو ويو ته ان جو نتيجو ڀيانڪ نڪرندو. سنڌي عوام جي صبر جي جهولي ڪيڏي نه ويڪري آهي هو صبر سان هر ڏاڍ کي سهن ٿا نه ته جيڪي ڇيڙ ڇاڙ هن وقت تائين ڪئي وئي اهي خبر ناهي اڳتي ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟.
بدقسمتي سان پاڪستان جي حڪمرانن ڪنهن به چڱي قدر يا روايت کي پلجڻ ناهي ڏنو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته خوشامند، چاپلوسي ۽ موقع پرستي عام ماڻهن جي روايت بڻجي چڪي اهي. ڪيترن ماڻهن زماني سازي جي سياست کي اپنائي ورتو آهي. انڪري ماڻهن پنهنجي رويي ۾ اصلاح ڪرڻ جو فڪر ئي ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. ماڻهن اهو به سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي ته هنن جي ڪنهن عمل سان عوام کي صدين تائين ڀوڳڻو پوندو،اُهي ماڻهو تڏهن سوچيندا آهن جڏهن ڌرتي پيرن هيٺان نڪري ويندي آهي.¡
تاريخ : 13-3-2007