ڪامورا شاهي کي سيکت ڏيڻ گهرجي
ڪاموري جو تصور حڪومتي انتظام کي بهتر نموني هلائڻ جو ذريعو آهي نوڪر شاهي کي عوام جو نوڪر ۽ عوام کي پنهنجو مالڪ سمجهڻ گهرجي انگريزن جي دور ۾ جيڪي طور طريقا سکي هتان جي اٻوجهه ماڻهن تي حڪم هلائڻ وارو ڪامورو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ کي پنهنجي جاگير سمجهڻ لڳو. هو ائين پيو سمجهي ته سندس ڏنل انگريزن لاءِ خدمتن عيوض هي ملڪ کيس مال غنيمت طور مليل آهي. جنهن کي جيترو لٽبو ڦربو، ان جو ڪو به حساب ڪتاب نه ورتو ويندو. هي ڪامورا ئي ملڪ جا اصل وارث ۽ نگهبان آهن. تنهنڪري ڪامورو ان ماليخوليائي مرض جو شڪار ٿي پاڪستان تي اڻ سڌي طرح حڪومت ڪري رهيو آهي اهڙي طرح، جيئن پاڪستاني ڪاموري جي سوچ آهي تيئن ئي بنگلاديش جي ڪاموري جي سوچ به ساڳي آهي. ڇاڪاڻ جو 1947ع کان 1971ع تائين ٻنهي ملڪن جي ڪامورا شاهي جو انسٽيٽيوٽ ساڳيو رهيو آهي ۽ ساڳيائي استاد آهن ۽ ساڳيو ئي تعليمي نصاب آهي ائين سمجهڻ گهرجي ته هڪ ئي فيڪٽري جي پئداوار آهن.
بنگلاديش جي نگران صدر اياز الدين احمد پنهنجي عهدي جو قسم کڻي هڪ عبوري حڪومت قائم ڪئي آهي ساڻ هن بنگالي قوم سان واعدو ڪيو اٿس ته چونڊون پر امن ماحول ۾ شفاف ۽ غير جانبدار ٿينديون. هن صاحب ملڪ جي سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري کين اعتماد ۾ ورتو آهي. صدر بنگلاديش اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ هر سياسي پارٽي کي عوام ڏانهن وڃڻ ۽ قائل ڪري ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي آزادي ڏني آهي. صدر اياز الدين احمد جي اهڙن ساراهه جوڳن قدمن کي سياسي پارٽيون به ساراهن ٿيون ۽ آزاد ماحول ۾ چونڊن وارو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ هر سياسي پارٽي پنهنجي قسمت آزمائي ڪري رهي آهي.
چونڊن جي اعلان کان پوءِ بنگلاديش جو ڪامورو به اليڪشني عمل ۾ برساتي ڏيڏر جيان نڪري نروار ٿيو آهي هو به پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جوڙ توڙ ۾ رڌل نظر اچي ٿو. بنگال جي مخالف ڌر جي سياسي اڳواڻن ڪامورن جي اهڙي چرپر تي نظر رکيون پيا اچن ۽ ڪامورن جي هر حرڪت کي مانيٽر ڪندا پيا اچن. سو انهن سياسي اڳواڻن صدر اياز الدين احمد کي ايوان صدر ۾ وڃي ڪامورن جي حرڪتن خلاف دانهن ڏني آهي. هن صاحب دير ئي ڪانه ڪئي هڪدم بنگلاديش جا 27 سينيئر ۽ ٽاپ ڪلاس جا ڪامورا سرڪاري عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيا. صدر اياز الدين احمد اهو موقف اختيار ڪيو ته ڪامورن جي برطرفي واري عمل سان چونڊ واري عمل ۾ ڪامورن جي دخل اندازي کي روڪيو ويندو. اهڙي وقتائتي ۽ فيصله ڪن قدم کڻڻ سان صدر صاحب جو چونڊ عمل ۾ غير جانبداريءَ جو ثبوت ملي ٿو.
خدا خير ڪري صدر اياز الدين احمد جو هن ڪامورن سان هيڏو وڏو ٽڪر کاڌو آهي چونڊن واري موقعي تي ڪامورا من پسند حڪومتون ٺاهڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. مختلف پارٽين جي سپورٽ ڪندا آهن پنهنجن دوستن مائٽن کي آشيرواد ڏئي چونڊن واري ميدان ۾ لاهيندا آهن.1970ع ۾ جنرل يحيٰ خان ملڪ جي اهم ڪامورن جن جو تعداد 303 هو، تن کي رشوت وٺڻ ۽ عهدي جو غلط استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نوڪرين تان برطرف ڪيو هو. باقي رهيل ڪامورن کي صرف آفيس تائين محدود ڪري ڇڏيو هئائين. پر ٿورو اڳتي هلي صدر يحيٰ خان سموري معاملي کي سمجهي ويو ۽ پوءِ گهڻو تڻو ڪامورن تي ڀاڙڻ لڳو. صدر يحيٰ خان ان وقت جي طاقتور جنرل پيرزادي مان گهڻو خائف هو. ڇاڪاڻ جو هن جنرل هڪ ڀيري صدر جنرل يحيٰ خان کي چئي ڏنو هو ته ”صدر جنرل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ ڪامورن جي ڪيل حرڪتن جو ازالو اسان کي ڪرڻو پوندو. هاڻي اسان سڀڪجهه پنهنجي سرڪنداسين ۽ ان جو ڦل به اسان ئي کائينداسين“. ان حوالي سان جنرل يحيٰ خان فوجي جنرلن جي حد کان وڌيڪ سياسي مداخلت کي محسوس ڪيو ۽ هو فوج کان وڌيڪ ڪامورن تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ لڳو. پر ڪامورا به وڏا استاد هئا. تنهنڪري يحيٰ خان جي ان ڪمزوري مان فائدو وٺندي ۽ پنهنجي ڪاموري ڪلاس جي برطرفين وارو بدلو وٺڻ لاءِ هي موقعو غنيمت سمجهيائون ساڻ جنگ جي ڪري ملڪي حالتون به خراب ٿي چڪيون هيون. تنهنڪري ڪامورن ۽ فوج جي سينيئر آفيسرن جنرل يحيٰ خان کي استعيفا لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ نيويارڪ ۾ ترسيل ذوالفقار علي ڀٽي کي وطن گهرائي حڪومت جون واڳون حوالي ڪيون.
ڪامورن کي برطرف ڪرڻ جو واقعو ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ به پيش آيو. جو هن صاحب اقتدار ۾ ايندي سڌا سنوان هٿ ڪامورن جي ڳچيءَ ۾ وڌا. مارچ 1972ع ۾ تقريبن تيرنهن سئو ڪامورن کي هڪ ڌڪ سان برطرف ڪيائين.اهڙي طرح صوبائي سطح تي پنجاب ۾ 281 ڪامورا، سرحد ۾ 165 ڪامورا ۽ سنڌ ۾ صرف 75 ڪامورن کي بر طرف ڪري گهر ڀيڙو ڪرايو انهن ڪامورن تي بدعنواني پنهنجن فرضن کان غافل هئڻ جا الزام لڳايا ويا. 1973ع ۾ حڪومت پاران ڪيل انتظامي سڌارن ۾ ڀُٽِي صاحب هڪ ڀيرو وري ٻيو ڪاپاري ڌڪ ڪامورن کي اهو هنيو ته ٻين پيشن سان لاڳاپيل ملازمن کي سي ايس پي آفيسر ٿيڻ جي اجازت ڏنائين، جنهن سبب ڪري ڪامورا، ڀٽي صاحب جا اندروني طور مخالف رهيا ۽ سازشون ڪرڻ لڳا آخر انهن سازشن جو نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ ۾ مارشلا لڳي ۽ ڀٽو صاحب شهادت جو جام نوش ڪيو.
ان حوالن کي سامهون رکندي صدر اياز الدين احمد جو مستقبل ڪو خاص جٽادار يا پائيدار نظر نٿو اچي ويجهڙ مستقبل ۾ ئي سندس قسمت جو فيصلو ڪامورا ڪري وٺندا. پر جيڪڏهن ڪامورن خلاف انقلابي قدم کڻڻ ۾ هو ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ جمهوريت کي پروان چاڙهيندي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪري وڃي ٿو ته سمجهڻ گهرجي ته اتان جو عوام باشعور ٿي چڪو اهي ۽ سياستدان ميچوئر ٿي ويا آهن ۽ ڪامورا عوام جا خادم ٿي چڪا آهن.
پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف به 2007ع کي چونڊن جو سال قرار ڏنو آهي چونڊن جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن رات ڏينهن رڌل آهي. ساڻ هتان جا ڪامورا به حرڪت ۾ اچي چڪا آهن. ڏسون هو ڪهڙي پارٽي کي ٿا اڳتي آڻي اقتدار حوالي ڪن. ڪامورن جي اهڙي موومينٽ کي ڏسندي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر راحيله ٽوانا خبرين اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته طاقتور نوڪر شاهيءَ عوام کي يرغمال بنائي رکيو آهي نوڪر شاهي پبلڪ سرونٽ بجاءِ حاڪم بڻجي چڪي آهي عوام جي ٽئڪسن مان پگهار کڻندڙ، عوام تي حڪم هلائن ٿا، هاڻي حڪومت ۾ ويٺل اهم عهدي تي رحيلا ٽوانا ائين چوي ته اسان ڇا سمجهون! پوءِ هتان جي غريب عوام جي قسمت جو ڇا ٿيندو.
بهرحال بنگلاديش جي ڪاموري ۽ اسان جي وطن جي ڪاموري ۾ وڏو فرق آهي. بنگلاديش جو ڪامورو حالتن مان گهڻو سکيو آهي ۽ هو ملڪ ۾ فوج جي دخل اندازي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ وڏي محنت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ جاکوڙي رهيو اهي ۽ وڏين مشڪلاتن مان ڪڍي هن مقام تي آندو آهي.
1971ع ۾ بنگلاديش هڪ مٽي جو ڍير هو. سال 1990ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ پڻ غريب ملڪن جي ٽاپ ٽين ۾ شامل ٿي چڪو هو. ملڪ جي 11 ڪروڙ 30 لک آبادي کي منهن ڏيڻ انهن سياستدانن ۽ ڪامورن جو ئي ڪمال هو. ان زماني ۾ مکيه چانهه ۽ سڻي جي پئداوار گهٽجي وئي ملڪ ۾ ٻوڏ به تباهي مچائي ڏني. سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. زرخيز فصل تباهه ٿيا. بهرحال بنگال جي عوام جي همت کي به داد ڏيڻ گهرجي جو هنن سرڪار سان ملي ڪري هر ڪٺن مرحلي ۾ ساٿ ڏنو آهي. سال 2000ع جي آبادي سرڪاري ڳڻپ موجب 129,147000 ٿي چڪي هئي. جيڪا هاڻ لڳ ڀڳ تيرنهن ڪروڙ ٿي چڪي آهي. هن ملڪ جي پکيڙ 143998 چورس ڪلوميٽر آهي ايندڙ چونڊن ۾ ملڪ جو تيرنهن ڪروڙ عوام پنهنجي ووٽ جو آزادانه استعمال ڪندو ۽ پنهنجي من پسند نمائندن کي چونڊي اسيمبلي ڏانهن اماڻيندو. بنگال جي ايندڙ چونڊن ۾ عوامي ليگ، بي اين پي کان سواءِ تازو نوبل امن ايوارڊ ماڻيندڙ پروفيسر يونس به چونڊ وڙهڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. پروفيسر يونس گرامين بئنڪ بنگلاديش جو مالڪ ۽ انچارج آهي جيڪو بنگلاديش جي غريب مسڪين ۽ بي سهارا ماڻهن جي مالي مدد ڪري دنيا جي هڏڏوکي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿيو آهي پروفيسر يونس جا هي لفظ وساري نٿا سگهجن جيڪي هن نوبل ايوارڊ حاصل ڪرڻ وقت چيا هئا ته ”مان محبت جو سوداگر آهيان محبت وڪڻندڙ آهيان ۽ محبت ئي خريد ڪندو آهيان“. هن شخص سان بنگالي عوام والهانه محبت ڪري ٿو. ٻي طرف بي اين پي ۽ عوامي ليگ پاران پروفيسر يونس کي ڌار ڌار پنهنجن پارٽين ۾ شموليت لاءِ درخواست ڪئي آهي. پر سياسي پنڊتن دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن پروفيسر يونس پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي ان پليٽ فارم تان چونڊ وڙهي ته عوام جو فيصلو بئلٽ ذريعي پروفيسر يونس جي ئي حق ۾ ٿيندو هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته پروفيسر يونس پاڻ ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري.
اهو به ڏسڻو آهي ته بنگلاديش جي اقتدار ۽ پاڪستان جي ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار ڪنهن جي نصيب ۾ ٿو اچي. فرق صاف ظاهر آهي ته بنگلاديش ۽ پاڪستان جي چونڊ مڪينزم ۾ وڏو فرق آهي هڪ طرف بنگلاديش جو ڪامورو آهي جيڪو سرڪار ۽ عوام سان سلهاڙيل نظر اچي ٿو ٻي طرف پاڪستان جي ڪاموري جو طاقتور هئڻ جا ثبوت راحيلا ٽوانا پنهنجي انٽرويو ۾ ڏئي ڇڏيا آهن. ۽ بنگلاديش جي ڪاموري جي چيلهه صدر ايازالدين احمد برطرفي واري حڪم ذريعي چٻي ڪري ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ جو ڪامورن جي اقتدار ۾ شراڪت نه پر عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ڪامورا پنهنجن فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندا ته کين سزا واري عمل مان ضرور گذرڻو پوندو. اهڙن ڪامورن کي سيکت ڏيڻ پاڪستان جو عوام به خواهش رکي ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪڏهن ٿو صدر مشرف، صدر ايازالدين وانگر ڪامورن خلاف انقلابي قدم کڻي، کين سکت ڏي.¡
تاريخ : 7-11-2006