ڪوئيٽا جا ڏينهن ۽ شاعر جو درد
ڇنڇر ڏينهن ننڊ مان ڪجهه دير سان اٿياسين. اڪبر سومري چيو ته تيار ٿي وٺ ته ناشتو ڪرڻ هلون. فليٽ کان هيٺ لهي چيم ڪيڏانهن هلون. چيائين ويهه گاڏيءَ ۾ افضل فوڊ پوائنٽ جناح روڊ تي ٿا هلون. اسين ڪورٽ جي ٻاهران روڊ تي گاڏي بيهاري. گاڏي مان لهي گاڏي ڊرائيور حوالي ڪئي سين. ڊرائيور وڻن جون چڪيون کڻي نوشڪي هليو ويو. جيڪا اڪبر جي روڊ سائيڊ آهي. اسين ڪورٽ کان نڪري جناح روڊ ڏانهن اڳتي هلياسين. زندگي ڀرپور انداز ۾ روان دوان هئي. سرد هوائون جسم کي ٿڌاڻ جو احساس ڏياري رهيون هيون. اسان جيئن منان چوڪ تي پهتاسين ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو. اسين ڪنڌ ورائي پوئتي ڪورٽ طرف نهاريوسين ته اها عمارت دونهين ۾ واسجي چڪي هئي. ماڻهن ۾ رڙيون ۽ ڀاڄ سموري ماحول کي خوفزده ڪري ڇڏيو. ٿوري دير ۾ ايمبولينس ۽ پوليس جون گاڏيون پهچڻ شروع ٿي ويون. مون ڀوءَ مان اڪبر کي چيو يار ناشتي کي ڇڏ هل ته گهر هلون، حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. اڪبر چيو ته يار هي ڀوائتو ماحول ڪلاڪ ٻن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو. ماڻهو بي حس ٿي چڪا آهن، هتان جي ماڻهن کي بمن جي پرواهه ئي ڪانهي ۽ نه وري ڪنهن جي مرڻ سان ڪا همدردي اٿن هر ماڻهو پنهنجن مسئلن ۾ ڦاٿو پيو آهي. ڪير مري، ڪير جيئي. ڪنهن جو ڄڻ ته واسطو ئي ڪونهي. اڪبر کي چيم ته ڇڏ يار ڳالهين کي ڀلا جتي پاڻ بيٺا آهيون اتي به ته بم ڌماڪو ٿي سگهي ٿو . ڀلا ڪهڙو ڀروسو آهي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
اڪبر منهنجي ڳالهه سمجهي ويو . اتان رڪشا ڪرائي واپس ارباب ٽائون آياسين. گهر پهچڻ کان اڳ رستي ۾ ناشتو ڪيوسين، گهر پهچندي مون ٽي وي کولي جتي هر نيوز چينل مان بريڪنگ نيوز ۽ الرٽ نيوز ذريعي ڪورٽ بم ڌماڪي کي فوڪس ڪيو پئي ويو. هن ڌماڪي ۾ سينيئر سول جج عبدالواحد دراني. نو وڪيلن سميت 16 ماڻهو مارجي ويا ۽ تقريبن چاليهه ماڻهو زخمي ٿيا. ڪوئيٽا ۾ ان قسم جو بم ڌماڪو پهريون ڀيرو ڪورٽ اندر ٿيو هو. ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال هو ته پاڪستان حڪومت پاران افغانين کي واپس افغانستان موڪلڻ جي خلاف مزاحمت جو عمل آهي اهڙن حالتن کي سامهون رکندي حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته خود ڪش حملن کي روڪڻ مشڪل آهي.
آچر ڏينهن صبح سوير اڪبر مون کي نوشڪي روڊ سائيٽ تي وٺي ويو. نوشڪي کان اڳيان تفتان پوءِ ايران جو بارڊر آهي. ڪوئيٽا کان ٻاهر لڪ پاس وارو علائقو پار ڪري اتي پهتاسين جتان هڪ رستو ڪراچي ٻيو رستو تفتان طرف وڃي ٿو. تفتان وارو رستو اڪبر سومرو جي نگراني ۾ ٺهي ٿو. هي سڙڪ اهم سڙڪ آهي جيڪا ايران ۽ پاڪستان کي ڳنڍي ٿي، هن شاهراهه تان ايران کان لڪ ڇپ ۾ ٻاهريون مال هتي اچي ٿو. ان ۾ خاص ڪري تيل شامل آهي. هن رستي سان آبادي گهٽ آهي، هڪ اڌ شهر آهي اتي انساني زندگيءَ کي سهولتون پهچائڻ واريون شيون ميسر ناهن. ماڻهو الله جي آسري پيا گذارين. باقي سردارن جا ٺٺ آهن. سردار مهانگي گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا، عام ماڻهوءَ جي پيرن ۾ سٺو جوتو به ميسر ڪونهي. هتي ايراني ڊيزل ڪوئيٽا کان به سستي اگهه تي ملي ٿي. روڊن جي ٻنهي پاسن کان ڊرم رکيو ماڻهو تيل پيا تيل وڪڻن. پاڪستاني پئٽرول ته ڪوئي وٺي ئي نه پيو. شام جو واپس گهر پهتاسين. شام جو رضوان سان ٽائيم رکيل هو. وري اتان صادق ڏانهن وڃڻو هو، سو ان ڏينهن صادق ڏانهن وڃي نه سگهيس.
پر رضوان سان سٺي ڪچهري ٿي. اڪبر مان ۽ رضوان ڪوئيٽا کي خوب گهميوسين. ڪنٽومينٽ ايريا ۾ شاپنگ سينٽر وياسين ۽ خريداري ڪئي سين. شاپنگ سينٽر تي ماڻهن جي وڏي رش هئي.
سومر ڏينهن ٽي وي تي هڪ ٻي خبر ٻڌي تي پاڻي پت کان ڏهه ڪلوميٽر پري ويراني ۾ سمجهوتا ايڪسپريس ۾ ڌماڪي بعد باهه لڳي وئي. نتيجي ۾ 64 ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. مرڻ وارن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي هئي. ان بم ڌماڪي جو الزام ڀارت سرڪار لشڪر طيبه ۽ جيش محمد مٿان عائد ڪيو . جيڪي ڪشمير ۾ جهادي گروپن سان برسر پيڪار آهن. ان سانحي کانپوءِ خيال ڪيو وڃي ٿو ته شايد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشيدگي وڌي وڃي ۽ وزير خارجه خورشيد محمود قصوري جو دورو ملتوي ٿي وڃي. پر هن ڀيري ان جي ابتڙ ٻنهي ملڪن جي سربراهن سنجيدگيءَ کان ڪم ورتو ۽ حالتن کي پرکيو. نتيجي ۾ قصوري جو دورو ٿي ويو ۽ ملڪي حالتن کي ڪنٽرول به ڪيو ويو قصوري صاحب ڀارتي اپوزيشن اڳواڻن اٽل بهاري واجپائي ۽ ايل ڪي آڏواڻي سان به مليو. ٻنهي ملڪن پاران حادثي جو اتفاق راءِ سان گڏيل تحقيقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هڪٻئي سان هر مسئلي تي تعاون ۽ سهڪار ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي وئي. اهڙي عمل سان انهن عناصرن جي سوچ کي شڪست ملي جيڪي غير ضروري مسئلا اُڀاري پاڪ ڀارت تعلقات خراب ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. جيڪڏهن پاڪ ڀارت مستقبل ۾ اهڙو مثبت رويو اپنايو ته ڪي به ڏکيا ڏينهن پاڪ ڀارت جي عوام لاءِ نه ايندا. ڇاڪاڻ جو سرڪاري فيصلا ۽ رويا سڀ عوام سان سلهاڙيل هوندا آهن. تنهنڪري حڪومت تي فرض آهي عوام جي سک ۽ ڀلائي خاطر سنجيده رويا رکي. جنگ ۽ هوڏ واري پاليسي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ هاڃيڪار آهي.
اڱاري ڏينهن صادق سان گڏ ڪوئيٽا شهر گهمڻ لاءِ نڪتاسون. مولانا فضل الرحمان، حافظ حسين احمد جي گهرن وٽان گذرياسون ته صادق ٻڌايو ته مولوي صاحبان جا گهر ۽ مدرسا گڏ آهن. بلوچستان ۾ غربت هئڻ ڪري ماڻهو پنهنجا ٻارڙا مدرسن ڏانهن موڪلين ٿا جتي کين اسلامي تعليم سان سينگاريو وڃي ٿو. ساڻ ٽن ويلن جي ماني ۽ رهائش مفت ملي ٿي پوءِ اُهي ٻار جوان ٿي اهو سڀ ڪجهه ڪن ٿا جيڪي مدرسن طرفان حڪم ڏنو وڃي ٿو. بلوچستان ۾ ڏسڻ وٽان صرف حنه_ هوڙڪ جهيل يا زيارت وغيره ناهي. هي مدرسا به ڏسڻ وٽان آهن جتي مالا مال زندگيءَ کان محروم ٻارڙا ائين ٿا لڳن ڄڻ قيد ۾ گذاري رهيا هجن. انهن ٻارڙن جي اکين ۾ لڪل خواهشون چٽيون نظر اچين ٿيون. ڊڄي ڊڄي مون هڪ پٺاڻ ٻارڙي سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو مدرسي جي در تي بيٺل هو. چيو مانس ڇا حال اٿئي. هن ڪو به جواب نه ڏنو ڇاڪاڻ جو هو سواءِ پشتو جي اردو نه پيو ڄاڻي. هو مسلسل مون ڏانهن نهاري رهيو هو. هن جي ماٺ به پراسرار هئي. هن ننڍڙي ٻارڙي ٻه ٽي اکر پشتو ۾ ڳالهايا جيڪي مان سمجهي نه سگهيم .اربع ڏينهن اها خبر آئي ته پنجاب جي صوبائي وزير ظل هما کي گجرانوالا ۾ قتل ڪيو ويو هڪ جنوني قاتل غلام سرور ڇهن فوٽن کان پري فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنوني کي ڪو پڇتاءُ ڪونهي هو چوي ٿو ته عورت کي وزارت يا حڪمراني ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي. ائين اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي جنوني ملندا. جيڪي عورتن کي هڪ غلام واري حيثيت ڏيڻ کان مٿي نٿا سوچن. ڪارو ڪاري سميت ملڪيت جي وارثت تان عورتن جو خون ڪري ڪيترائي جنوني سرخرو ٿين ٿا. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪمراني تي ڪند ذهن رکندڙ ماڻهن کي اعتراض هئا ته اسان وزير اعظم بينظير کي سلام ڪيئن ڪريون ڇاڪاڻ جو هوءَ هڪ عورت آهي. بهرحال آمريڪا جي ڀلائيءَ سان بينظير ڀٽو اقتدار ماڻيو پر ٿوري عرصي ۾ اقتدار کان محروم ٿي وئي.
هينئر حقوق نسوان وارو بل هڪ قانوني شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. عورتن کي سڀئي انساني حقن ڏنا ويا آهن. پر اهو قانون عورت کي ڪو به تحفظ فراهم نٿو ڪري سگهي. اهڙي طرح هن ملڪ جا جنوني اهڙي قانون کان بالاتر آهن. جن کي عورت جي حڪمراني ۽ جائز حق ڏيڻ عذاب ٿا لڳن. هو اڄ به طاقتور آهن جيڪي پنهنجا فيصلا مڙهي عورت کي ذلت ۽ رسوائي جي ڌٻڻ ۾ ٿا ڌڪن. هاڻي ظل هما جي قاتل غلام سرور جو ڇا ٿيندو هو پنج اٺ سال قيد ڪاٽي ٻاهر ايندو ۽ فاتحانه انداز ۾ سرخرو ٿي نڪرندو. جي ڦاهي نه چاڙهيائونس ته وري اهڙا جنوني ڪردار نئين روپ ۾ جنم وٺندا ۽ ظل هما جهڙا جاکوڙي ڪردار مرندا رهندا. مون ان وقت ٻاهر نڪري برف پوش پهاڙن جي چوٽين ڏانهن نهاريو. اها رات سموري برسات پئي هئي. مون سمجهيو ته آسمان عورت جي ناحق خون تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.اسان جا ڳوڙها خشڪ آهن. پهاڙن ۾ سانت هئي بلند پهاڙ سواليه نشان بڻيل هئا. چوڏس چپ چپات ڪري منهنجو ساهه منجهي رهيو هو مون سعيد کي موٽرسائيڪل ڪڍڻ لاءِ چيو. جنهن سمورن شاهراهن تي گهمايو. ٿڌڙي هير ۽ وسندڙ مينهن جي ڪڻين منهنجي جسم کي جڏهن ڇهيو پئي ته ڪي پل فرحت محسوس ڪئي. وري واپس گهر آياسين. پر مون کي سڪون نه آيو وري مونجهه ٿي ڀلا سڪون ڪيئن ملي. جتي هڪ هفتي اندر هڪ معصوم عورت جو قتل ڪوئيٽا ڪورٽ ۾ بم ڌماڪو ۽ سمجهو تا ايڪسپريس سانحي ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جو خون وهيو هجي ڪنهن محب وطن ۽ حساس شاعر کي سڪون ڪٿي ملندو، پوءِ ڇو نه حنه هوڙڪ يا زيارت جي برفباري وارا نظارا هجن. انهيءَ وقت سکر واپسي جو پروگرام جوڙيو. بولان جي پهاڙن کي حالتن جو درد ڀريو نظم ٻڌايو ڪار ڪافي تيزي سان اڳتي وڌندي رهي. مان سڪون جي تلاش لاءِ بلوچستان جا خوبصورت منظر ڏسڻ ويم. پر مون ڪورٽ بم ڌماڪي وارا منظر ۽ معصوم ماڻهن جو وڍيل سسيون ڏسي دردن جي سوغات دل ۾ سمائي واپس سکر اچي پهتس.¡
تاريخ : 28-2-2007