آصف علي زرداري ۽ نواز وچ ۾ بيٺل بيورو ڪريسي
جيڪڏهن آصف علي زرداري مستقبل جي سياست ۾ اهڙو رويو رکيو ته عالمي برادري ويساهه ڪرڻ ڇڏي ڏيندي، پوءِ عوام جا مسئلا به اتي ئي رهجي ويندا، صرف پنهنجي غلطين سبب اڀريل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ وقت گذاريندو. آصف علي زرداري جي ڪاميابين ۾ آمريڪا ۽ ان جي نمائنده جماعت ”بيورو ڪريسي“آصف علي زرداري کي پنهنجي استادي ۾ سڀ ڪجهه سيکاري رهي آهي ۽ زرداري پنهنجا پتا بهتر انداز ۾ کيڏي رهيو آهي. حقيقت ۾ هُو سياسي تاش جا پتا هڪ چالاڪ رانديگر وانگر کيڏي رهيو آهي، بيورو ڪريسي مٿس ان لاءِ شفقت جو هٿ رکيو آهي ته آصف علي زرداري انهن لاءِ سولو آهي، جڏهن ته نواز شريف پراڻو کلاڙي ۽ بيورو ڪريسي جي خلاف آهي، تنهنڪري ڏکيو آهي، بيورو ڪريسي کي جيڪڏهن نواز شريف کان بنا نوازليگ ملي وڃي ها ته شايد ان کي قبول ڪن ها، تنهن هوندي به جتي بيورو ڪريسي آصف علي زرداري کي آشيرواد ڏئي اڳتي منزل تائين رسائيندي نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف بيورو ڪريسي ان ڪم ۾ به رڌل آهي ته نواز ليگ جي جاويد هاشمي ۽ نواز شريف مان جند ڇڏائجي ۽ ان جي متبادل طور شهباز شريف ۽ چوڌري نثار علي کي ن ليگ ۾ اڳتي آڻجي.“
تنهنڪري نواز ليگ هن وقت ٻن سوچن ۾ ورهائجي چڪي آهي. هڪ سوچ جيڪا چوڌري نثار وارن جي آهي، ان کي بيورو ڪريسي جي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته سوچ مخدوم جاويد هاشمي واري سوچ آهي جنهن جو حمايتي نواز شريف آهي، هاڻي شهباز شريف لاءِ اهو مسئلو انتهائي ڏکيو ٿي پيو آهي ته نواز شريف کي مستقبل جي سياست بابت ڪيئن سمجهائي، بيورو ڪريسي نواز شريف کي سياست ۾ ڏسڻ نه ٿي چاهي، وڏي ڳالهه ته بيورو ڪريسي پنجاب ۾ سياست کي پنهنجي ماتحت ڏسڻ گُهري ٿي، جنهن پنجاب جي سياست کي هاڻي گورنر سلمان تاثير جي ماتحت بڻائي ڇڏيو آهي. سلمان تاثير هڪ طرف پ پ پ جو ٺپو گهمي رهيو آهي ته ٻي طرف بيورو ڪريسي جو ڏنل ٽاسڪ به پورو ڪندي نظر اچي ٿو.
در اصل سلمان تاثير به بيورو ڪريسي جو مهرو آهي، جيڪو بيورو ڪريسي جي حڪمن جي تڪميل لاءِ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. بيورو ڪريسي جو ماڻهو هجڻ ڪري نواز ليگ کي سلمان تاثير بابت تحفظات آهن پر سلمان تاثير بيورو ڪريسي جو نمائندو آهي، تنهن ڪري هن جي سياست نواز ليگ جي سياست مٿان حاوي رهندي. هن وقت هو صدارتي چونڊن ۾ آصف علي زرداري جي پنجاب ۾ زبردست مهم هلائي رهيو آهي. ماضي ۾ ڏسجي ٿو ته سلمان تاثير آصف جو گهاٽو دوست ناهي رهيو جو ائين سمجهون ته هي ڪو پارٽي يا آصف سان دوستي ملهائي رهيو هجي پر اهو سمجهڻ گهرجي ته سلمان تاثير بيورو ڪريسي جو ڪم ڪري رهيو آهي. بيورو ڪريسي آخر نواز شريف خلاف ڇو آهي؟ ان جو سبب هي آهي ته هن صاحب پنهنجي اقتدار واري ڏهاڙن ۾ بيورو ڪريسي کي اکيون ڏيکاريون هيون، ڀاري مينڊيٽ هجڻ سبب 1998ع ۾ قومي اسيمبلي ۾ بغير بحث جي پندرهين ترميم منظور ڪرائي ڇڏي، اها ترميم شرعي نظام جي نفاذ بابت هئي پر سينيٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ ڪري هو نه شريعت نافذ ڪري نه سگهيو ۽ نه وري ملڪ جي امير المومنين جو خطاب ماڻي تاحيات اقتدار جا مزا ماڻن وارو خواب پورو ڪري سگهيو. نواز شريف تي طالبان ۽ القاعده اڳواڻن سان رابطا هجڻ جا الزام پڻ لڳايا ويا. خاص ڪري 1992ع ۾ آرمي چيف آصف نواز جنجوعه سميت ٽن ادارن جي سربراهن کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن تي نواز شريف جا آصف نواز جنجوعه سان اختلاف ٿيا. انهيءَ چپقلش دوران آصف جنجوعا هارٽ اٽيڪ ذريعي فوت ٿي ويو، اهڙي طرح جنجوعه صاحب جي گهر واري قتل جو الزام شريف برداران مٿان هنيو- ڇاڪاڻ جو آصف نواز جي جسم جي وارن جي ٽيسٽ ٻاهرين ملڪ مان ڪرائي وئي، جنهن جي رپورٽ ۾ هن کي زهر ڏنل هو.
اڄ جيڪا سياست نواز شريف ڪري رهيو آهي، ان ۾ سندس مددگار اهي آهن، جيڪي يا ته مذهبي ماڻهو آهن يا وري اهي مذهبي رٽائرڊ فوجي جنرل آهن يا وري اهي سياسي ڌڙا آهن، جيڪي بيورو ڪريسي جي خلاف آهن، نواز شريف جي جي سياست مان آمريڪا ۽ ملڪي بيورو ڪريسي جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهي. ڪجهه فوجي ادارن جا رٽائرڊ ماڻهو نواز شريف جي ويجهو آهن، جنهن ڪري آمريڪا نواز شريف کان سخت خوفائتو آهي آمريڪا هڪ ٽاسڪ بيوروڪرسي کي ڏنو ته هو نواز شريف کي سياست کان دور رکي ته اهو بهتر آهي، تنهنڪري نواز شريف جو آصف علي زرداري کان دور ٿيڻ به آصف علي زرداري لاءِ ڀلي جو ڪم آهي پر جيئن ته آصف علي زرداري جا استاد سياڻا آهن، تنهنڪري اهي نواز شريف سان آصف ذريعي ائين سياست ڪندا رهندا، جيئن آصف واعدا ۽ معاهدا ڪندو آيو ۽ نواز شريف کي ويجهو رکي ساڻ گڏ به کڻندو آيو، ڇاڪاڻ نواز شريف هڪ سياسي حقيقت آهي، جيڪو ڀاري مينڊيٽ سان گڏ پنجاب ۾ حڪومت هلائي رهيو آهي.
بيورو ڪريسي جي سياست آهي ته حڪومت ذريعي ججن کي بحال ڪرائي نواز شريف کي پسپا ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو نواز شريف ججن جو اشو کڻي پنجاب جي ماڻهن کان ووٽ ورتا، هاڻ جڏهن ججن جو مسئلو حل ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اٺن ججن ۽ پنجاب جي 5 ججن حلف کڻي ورتو آهي. ان عمل کان پوءِ نواز شريف جي سياست کي ڌچڪو لڳندو.
28 تاريخ تي ڏنل وڪيلن پاران ڌرڻي جو سڏ ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيو آهي، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ وڪيل تحريڪ ڪمزور ٿي چڪي آهي. جنهن جو اندازو اعتزاز احسن سميت ٻي ليڊر شپ کي ٿي چڪو آهي. تنهنڪري ايندڙ ڏينهن ۾ نواز شريف ۽ اُن جي همنوائن جي سهڪار سان وڪيل تحريڪ اهي نتيجا حاصل ڪري نه سگهندي ۽ جڏهن وڪيل ۽ ججن جو مسئلو حل ٿي ويندو ته پوءِ نواز شريف لاءِ سياست ۾ ڪو به اشو نه رهندو. رح نواز شريف جي ناڪام سياست جو فائدو آصف علي زرداري کي ملندو. بيورو ڪريسي اهڙي خطرناڪ ۽ بي رحم آهي جو اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل ماڻهو کان ڪرسي ائين ڇڪي وٺندي جو مالڪ کي خبر ئي ڪا نه پوندي آهي هاڻي ڏسڻو آهي ته اها بي رحم بيوروڪريسي، جا نواز شريف جي خلاف آهي اها آصف سان ڪيتري وفا ڪندي.¡
تاريخ : 02-09-2008