ڪالم / مضمون

سنسار، سنڌ ۽ منھنجي سوچ

دنيا، پاڪستان ۽ سنڌ جي مختلف معاملن تي لکيل ڪالمن ۾ بشير منگيءَ مسئلن جي اپٽار ڪئي آھي. ھن ڪرنٽ افيئرز خاص ڪري سياست، ادب، تعليم، صحت سميت مختلف مسئلن تي ڪالم لکيا آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنسار، سنڌ ۽ منھنجي سوچ

دُرگئي واقعي جا ملڪي سياست تي پوندڙ اثر

صوبي سرحد جي مالاڪنڊ ايجنسي جي مکيه شهر درگئي ۾ 8 نومبر تي صبح جو 8:30 وڳي چادر ۾ ويڙهيل هڪ شخص ڊوڙندو اچي پنجاب ريجمينٽ جي تربيتي مرڪز ۾ گهڙي پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ 42 فوجي جوان موقعي تي شهيد 20 زخمي ۽ 10 جوانن کي نازڪ حالت ۾ مينگورا، پشاور ۽ راولپنڊي جي اسپتال ڏانهن علاج لاءِ پهچايو ويو آهي. 1971ع کانپوءِ هي پهريون ڀيرو وڏي طاقت سان فوج تي حملو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ جاني نقصان رسڻ جا اطلاع مليا آهن.
درگئي وارو علائقو تحريڪ نفاذ شريعت محمدي جو ڳڙهه سمجهيو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ منهنجو به هن شهر ۾ وڃڻ ٿيو هو. اسان صبح جو پشاور جي سرڪاري ريسٽ هائوس مان7:00 وڳي نڪتاسين، اسان جي سرڪاري گاڏي ۾ ويٺل گائيڊ محمد علي به هو. جيڪو اصل ۾ ڪرڪ شهر جو آهي پر نوڪري جي سلسلي ۾ پشاور ۾ رهائش پذير آهي جنهن کي هن علائقي جي سموري ڄاڻ هئي، گاڏي باچا خان چوڪ کان ٿيندي چارسده روڊ تي پهتي ان کان پوءِ کليل روڊ تي تيز ڊوڙندڙ گاڏي چارسده، صوابي، شير ڳڙهه سخه ڪوٽ کان ٿيندي 8:35 وڳي درگئي پهتي. درگئي وڏو شهر آهي هن شهر ۾ مدرسا جام آهن هر طرف مولوي ئي مولوي صاحبان نظر اچن ٿا. هن شهر جي چوڌاري سوات درياءَ مان پاڻي پيئندڙ زمينون سٺا فصل پيدا ڪن ٿيون. تنهنڪري هر طرف ساوڪ ۽ سبز کيت نظر ايندا آهن. ٻي پاسي کان برف پوش پهاڙن جو سلسلو به درگئي کان شروع ٿئي ٿو. درگئي مالا ڪنڊ ايجنسي جو پهريون وڏو شهر آهي ٿورو اڳيان بٽخيلا جو شهر آهي جنهن جي بازار ڊگهي آهي. جنهن لاءِ محمد علي ٻڌايو ته هي ايشيا کنڊ جي وڏي ۾ وڏي ڊگهي بازار آهي.
هي شهر 8 نومبر تي صبح جو بارود جي بوءِ سان واسجي ويو. بارود جو اٿندڙ دونهون پهاڙن تي ڇانيل ڪارن ڪڪرن سان ملي فضا بارود جي ڌپ پکيڙي ڇڏي ۽ عام ماڻهن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ٿي ويو. ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هي اوچتو ڇا ٿي ويو، 20 اپريل 2004ع تي اتر وزيرستان ۾ مهمند رائفلر جي قافلي تي حملو ٿيو جنهن ۾ 7 فوجي مارجي ويا ۽ 26 زخمي ٿيا. ساڳي سال نومبر ۾ ڏکڻ وزيرستان جي علائقي شول ۾ سيڪورٽي اهلڪارن جي ٽرڪ کي ريموٽ ڪنٽرول بم سان اڏايو ويو. جنهن ۾ 8 فوجي شهيد ۽ 10 زخمي ٿي پيا. 25 جون 2000ع ڏکڻ وزيرستان، وانا ۾ هڪ فوجي گاڏي تي حملو ڪيو ويو. جنهن ۾ هڪ ميجر ۽ ڪيپٽن سميت 10 فوجي جوان مارجي ويا. اهڙي قسم جا فوج تي حملا انهن علائقن م ٿيندا رهيا آهن. پر تازو درگئي وارو آپگهاتي حملو ڪجهه مختلف ۽ الڳ آهي. هن واقعي جا وڏا اثر ملڪي سياست تي پوندا. هڪ بمبار هڪ وڏي پلاننگ سان ملڪ جي سڪيورٽي اداري ۾ داخل ٿي حملو ڪري وڃي ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته باقي ٻين ادارن جي تحفظ جي ضمانت ڪير ڏيندو؟. ان فڪر مند پهلو تي فوج ۽ فوجي حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ان لاءِ سخت اپاءُ وٺڻ گهرجن. فوجي حڪمران کي اهو به سوچڻ گهرجي ته صوبي سرحد جا ماڻهو پاڪستان سان زبردست محبت ڪن ٿا. اڄ اهي ماڻهو حڪمرانن کان نفرت ڪندي ڇو ٿا فوج سان مهاڏو اٽڪائين؟ هن وقت فوج ۾ 60 سيڪڙو پنجاب ۽ 35 سيڪڙو سرحد جا ماڻهو سلهاڙيل آهن ۽ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن جنهن ڪري اتان جي عوام جي هڪ خاص انسيت فوج سان رهي آهي، اُهي ڇو اڄ حڪمرانن جا مخالف آهن اهي سوال آهن جن تي حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي درگئي آپگهاتي حملي کي معمولي سمجهي درگذر ڪرڻ ڪنهن به طرح سان ٺيڪ ڪونهي.
حڪومت فوج تي آپگهاتي حملي جو الزام جماعت اسلامي جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. باجوڙ مدرسي مٿان ٿيل بمباري کانپوءِ ٽئين ڏينهن ئي فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ان بمباري جي جواب ۾ خطرناڪ جوابي حملا ٿي سگهن ٿا ۽ القاعده جا ماڻهو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا ان لاءِ ملڪ ۾ سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي. درگئي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي بابت حڪام کي توقع هئي بقول فوجي ترجمان جي ته سڪيورٽي سخت ڪئي وئي ته پوءِ ٽائيٽ سڪيورٽي هجڻ باوجود اهو حملو ڪيئن ٿيو؟. ان جو مطلب ته دهشتگرد وڌيڪ منظم ۽ طاقتور آهن. ڇاڪاڻ جو باجوڙ حملي جو جواب هفتي پوري ٿيڻ کان اڳ ڏنو ويو. جيڪڏهن هو هفتي ۾ پلاننگ ڪري هيڏو وڏو حملو ڪري سگهن ٿا ته مهينن جي پلاننگ ڪرڻ کانپوءِ هو ڇا نه ٿا ڪري سگهن!؟.
حڪومت جو موقف آهي ته باجوڙ وارو مدرسو القاعده جي پناهه گاه آهي. جڏهن ته مدرسي کي سنڀاليندڙ مولوي لياقت ۽ مولانا فقير محمد جا واسطا سڌا سنوان ايمن الذواهري ۽ حڪمت يار سان آهن ايمن الذواهري القاعده ۽ حڪمت يار افغانستان جا وار لارڊ آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ جماعت اسلامي سان واسطو ان مدرسي سان جوڙيو وڃي ٿو. سيپٽمبر ۾ ايشيا ٽائمز به پنهنجي پرچي ۾ هڪ انڪشاف ڪيو هو ته القاعده جو سربراه اسامه بن لادن تازوئي پاڪستان جي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي جو دورو ڪيو آهي. اسامه بن لادن افغان صوبي ڪنڙ ۽ نورستان کان ٿيندو وزيرستان اچي پهتو. اهو امڪان آهي ته هو باجوڙ ايجنسي به ويو هوندو. رسالي ۾ هڪ عيني شاهد جي حوالي سان لکيو ويو آهي ته لادن هڪ ڊبل ڪيبن ٽرڪ ۾ اچي پهتو آهي. ان ئي رسالي پهريون ڀيرو انڪشاف ڪيو هو ته لادن گردن جي بيماري مان چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو آهي.
هاڻي جڏهن طالبان جون حرڪتون پاڪستاني علائقن ۾ صاف نظر اينديون ته حڪومت طالبان ڪارواين ۽ سرگرمين کي ڪچلڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو حق به رکي ٿي. پاڪستان 9/11 کانپوءِ مسلسل دهشتگردي خلاف هڪ ڀرپور جنگ وڙهي رهيو آهي. ان مقصد تي ثابت قدم رهڻو آهي ۽ عملي طوراڳتي اچي ان جو مظاهرو به ڪرڻو آهي.
باجوڙ مان چونڊيل قومي اسيمبلي جو ميمبر هارون رشيد باجوڙ حملي جو اکين ڏٺو گواهه به آهي سو چوي ٿو مدرسي تي وحشياڻي بمباري آمريڪي جهازن ڪئي آهي. آمريڪي جهاز ڊرون سومر ڏينهن صبح جو بمباري ڪرڻ آيا هئا.هي چوي ٿو ته مان آمريڪي ڊرون جهازن کي سٺي نموني سڃاڻان ٿو هاڻي جيڪڏهن آمريڪي جهاز پاڪستان جي حدن ۾ اچي پاڪستاني عوام مٿان حملا ڪري آساني سان هليا وڃن ته اهو عمل به هڪ شرمناڪ عمل آهي. اهو عمل هڪ ٻي ملڪ تي اڳرائي واري زمري ۾ اچي ٿو. پوءِ صدر بش جي انهن لفظن کي تقويت ملي ٿي جنهن ۾ هن صاحب چيو هو ته دهشتگردن جي پويان پئي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا تنهنڪري پاڪستاني حڪمرانن کي گهرجي ته پنهنجي وطن ۾ پنهنجن ماڻهن سان پاڻ ئي حساب ڪن باقي ڌارين کان مارائڻ سان فوج خلاف نفرت وڌندي ته ٻي طرف عوام حڪمرانن خلاف اُٿي کڙو ٿيندو جنهن کي روڪڻ حڪمرانن جي وس کان ٻاهر هوندو.
حڪومت جو اهو موقف آهي ته هنن مولوي لياقت کي بار بار تنبيهه ڪئي ته هو مدرسي کي بند ڪري ڇڏي پر مولوي صاحب حڪومتي تنبيهه کي ڪا اهميت ڪا نه ڏني. اهڙن خيالن جو اظهار شيخوپوره ۾ هڪ جلسي کي خطاب ۾ جنرل مشرف هينئن ٿو ڪري ته ”اسان مسلسل هڪ سال کان مدرسي جي انتظاميا کي روڪيندا پيا اچون ته اوهان پنهنجون سرگرميون بند ڪريو پر هو پنهنجون سرگرميون جاري رکندا ٿي آيا آخر اسان ان نتيجي تي پهتاسون ته ان مدرسي کي بمباري ذريعي ختم ڪجي. جيڪڏهن ايئن نه ڪريون ها ته اتان جا پاليل دهشتگرد اسان کي اڏوهي جيان کائي وڃن ها، وڌيڪ حڪومت جو موقف هو ته اصل ۾ باجوڙ مدرسي جا ماڻهو امن معاهدي جي آڙ ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکيو پئي آيا ساڻ اسان کي ڌوڪو ڏيندا پئي آيا. تنهنڪري باجوڙ حملو وقتائتو فيصلو هو،. باجوڙ مدرسي تي حملي مان بچي ويل مولانا فقير محمد ۽ مولوي لياقت حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آهن. مولانا فقير محمد لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هڪ انتهائي خطرناڪ ويڙهاڪ ۽ جنگي پلانر آهي افغان بارڊر سان لاڳاپيل پاڪستاني قبائلي علائقن ۾ چئن سالن کان جاري پاڪ فوج سان ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ جيڪي طالبان ڪمانڊر اڳيان آيا آهن مولانا فقير محمد انهن ڪمانڊرن مان هڪ آهي مولانا فقير محمد پاڪستاني حڪام کي انتهائي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل آهي. هن مٿان طالبان ۽ القاعد اڳواڻن جي مدد ۽ پناهه ڏيڻ جا الزام آهن. 40 ورهين جو هي جنگجو باجوڙ جي صدر مقام خار کان نو ڪلوميٽر اتر طرف ڊما ڊولا جي چئي بالا ۾ جنم ورتو. صوابيءَ جي مشهور ديني مدرسي پنج پير مان ديني سند حاصل ڪيائين. مولانا فقير محمد روس خلاف جنگ ۾ افغان مجاهدن جي صفن ۾ شامل هو. انهن ئي ڏينهن ۾ طالبان ۽ القاعده جي اڳواڻن سان ويجهڙائپ ٿي هيس. باجوڙ جا ماڻهو هن جي خطرناڪ شخصيت ۽ گوريلا ڪاررواين کان باخبر آهن. پاڪستان ۾ سندس تعلق جماعت اسلامي سان آهي باجوڙ حملي کان ٻه ڏينهن اڳ آمريڪا خلاف باجوڙ ۾ ٿيل مظاهري ۾ هزارين ماڻهن جي قيادت ڪيائين، تقريبن ڏهه هزار ويڙهاڪ هن جي اشاري جا منتظر آهن.
ٻئي طرف جماعت اسلامي جي ڪردار تي سرسي نظر ڊوڙائبي ته جماعت اسلامي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوج جي اچي سامهون بيٺي آهي. جماعت هميشه فوج جي ساٿاري رهي آهي جماعت اسلامي بنگلاديش جي قتل عام، ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت ڪيرائڻ ۽ ڀٽي صاحب کي ڦاسي جي ڦندي تائين پهچائڻ، ايوب خان سان 1965ع واري جنگ ۾ ون يونٽ جي وجود ۾ حمايتي ۽ جنرل مشرف کي اسيمبلي ۾ ووٽ ڏئي صدارت جي ڪرسي تي ويهارڻ تائين فوج سان گڏ رهي آهي فوجي پاليسين ۽ فوجي اقتدارن جي بظاهر مخالفت ڪندڙ جماعت اندروني طور تي ساٿاري رهي آهي هن وقت جماعت اسلامي جو نيٽ ورڪ پوري دنيا ۾ ڦهليل آهي. هڪ منظم ۽ آرگنائيز تنظيم آهي. درگئي واقعي کانپوءِ حڪومت جماعت اسلامي مٿان پابندي هڻڻ لاءِ غور ڪري رهي آهي پر جماعت اسلامي تي ڪو به ايڪشن کڻڻ کان اڳ حڪومت کي سئو ڀيرا سوچڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو 69 سالن جي تاريخ ۾ جماعت فوج سان وفادار رهي آهي. هر مشڪل گهڙي ۾ ان جو ساٿ ڏنو آهي. جيڪڏهن حڪمرانن جماعت خلاف طاقت جو استعمال ڪيو ته پوءِ جماعت جي سيڪريٽري جنرل منور حسن جوهي بيان به سامهون رکڻ گهرجي ته جماعت اسلامي دنيا جي جهادي تحريڪن جي حمايت ڪري ٿي ۽ هميشه کلي طرح مدد ڪئي آهي. منور حسين جو چوڻ هو ته جماعت مشرف جي غيرآئيني حڪومت جي خلاف عوام کي منظم ڪندي ڇاڪاڻ جو عوام ۾ هن وقت حڪومت خلاف شديد غم ۽ غصو موجود آهي. اهڙن بيانن کانپوءِ صدر مشرف به جماعت تي ڏمريل نظر اچي ٿو ”صدر مشرف جو بيان آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو پوري طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ ان خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. حڪومت ۽ جماعت جي اڳواڻن جي بيانن کي سامهون رکندي ويجهڙ ۾ ٻنهي وچ ۾ زبردست ڪليش ٿيڻ جا امڪان موجود آهن هو صدر مشرف خلاف عوام ۽ فوج اندر بغاوت وارو ماحول پيدا ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ جو فوج ۾ ڪافي همدرديون جماعت اسلامي لاءِ آهن. اهي همدرديون ضرور رنگ لائينديون“
هن حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ درگئي جهڙا واقعا به ٿي سگهن ٿا. جنهن سان ملڪ ۾ انتشار ۽ انارڪي پيدا ٿي سگهي ٿي. پر فوج ۾ هڪ فيڪٽر اهڙو به موجود آهي جو فوج ۽ جماعت ۾ سرچاءُ ڪرائي سگهي ٿو رٽائرڊ فوجي ۽ رٽائر آءِ ايس آءِ جا اڳواڻ هن وقت جماعت اسلامي جي ويجهو آهن. اهي جماعت جي پاليسين کي فالو ڪندا آهن. ڪليش واري صورت ۾ پيدا ٿيل حالتون نه جماعت جي حق ۾ آهن نه ئي وري فوجي حڪمرانن جي حق ۾ آهن نه وري عوام جي حق ۾ آهن.
درگئي حملي جي خطرناڪ حملي کي رچرڊ بائوچر سخت حملو قرار ڏيندي آمريڪي حڪومت پاران مذمت ڪئي آهي. پاڪستان جو باشعور طبقو هاڻي اها راءِ ٿو رکي ته جيڪڏهن اهڙا حملا جاري رهيا ته پاڪستان جي سلامتي بابت ڪيترائي خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري صدر مشرف تي ملڪي سربراهه جي ناتي سان وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پاڪستان جي سلامتي لاءِ هر ممڪن اُپاءُ وٺي ۽ هر قدم سوچي سمجهي کڻي، ساڻ گهرو پاليسي کي سيبائتو بڻائڻ جي به ضرورت آهي. پنهنجن ماڻهن کي فوجي ٽوپلي ۽ ڏنڊي بغل ۾ ڪري هيسائڻ جي به ضرورت ڪانهي رعيت کي دوست سمجهي انهن جي موقف کي اهميت ڏي. تازو پاڪ افغان ۽ نيٽو فوج تي مشتمل آپريشن سسٽم عمل ۾ آيو آهي. جنهن سان عوام ۾ خدشا وڌي ويا آهن هاڻي نيٽو فورس کي قانوني حيثيت ملي وئي آهي. جنهن سان هو پاڪستاني حدن ۾ اچي پاڪستاني ماڻهن جي پڪڙ ڌڪڙ ۽ مَارَڪُٽَ ڪري هليا ويندا. اسان جا فورسز، نيٽو فورس سان گڏ ڪارروايون ڪندا. بهرحال حڪمرانن جا فيصلا آهن غريب عوام مسئلا پر امن نموني حل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو جنگ سان نه، پاڪستان ٽين دنيا جي انهن ڪيترن ئي اڀاڳن ملڪن مان هڪ آهي جتي ڊگهي عرصي تائين فوج جي سياست ۾ مداخلت نظر اچي ٿي. 69 سالن جي تاريخ ۾ چئن فوجي راڄن آڪٽوبر 1958ع ۾ ايوب خان، مارچ 1969ع ۾ يحيٰ خان، 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جو عذاب عوام سٺو ۽ 1999 کان جنرل مشرف کي سهندا پيا اچون جيڪي به ملڪ جا سياسي مسئلا آهن اهي فوجي جنرلن طرفان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. پر ان جا ڪي به خاطر خواهه نتيجا نه نڪتا آهن. سواءِ رياست ۽ عوام کي نقصان رسڻ جي. جيڪڏهن سياسي اڳواڻ ڏيهي ۽ پرڏيهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها ته جيڪر پاڪستان کي هي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. هي ملڪ ترقي ڪري ترقي يافته ۽ جمهوري ملڪن جي صف ۾ وڃي بيٺل هجي ها. هتي حالت اها آهي جو هڪ جنرل جيڪو ڏنڊو ڏيکاري عوام مٿان قابض رهيو ۽ پنهنجا فيصلا عوام مٿان ٿاڦيندو رهيو، ويندي ويندي اهو ڏنڊو ٻي جنرل جي حوالي ڪري وڃي ٿو. هڪ پاڪستاني جنرل، جنرل جان لارنس، انڊيا جو انگريز وائسراءِ 69-1864 ع جي سوچ جي هيئن تقليد ڪندي نظر اچي ٿو. ”نه اسان کي چونڊيو ويو آهي نه ئي ماڻهن پاران اقتدار سونپيو ويو آهي پر اسان هتي پنهنجي اخلاقي مٿڀرائپ، حالتن جو دٻاءُ ۽ خدا جي مرضي سان پهتا آهيون. هندستان تي حڪومت ڪرڻ لاءِ مليل سڀ اختيار حاصل آهن.ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي جيڪي اسان ڪري سگهون ٿا اهو ضرور ڪنداسين- اسان رڳو پنهنجي ضمير آڏو جوابدار آهيون نه ڪي ماڻهن.¡

تاريخ : 14-11-2006