پبلشر نوٽ
منور سلطانه اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ به مقبول ليکڪ رهي آهي، جنهن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور ته پنهنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي به ڄاڻ نه هئي، اُن وقت منور سلطانه جهڙين ليکڪن عورتن کي پنهنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني.
منور سلطانه جي لکڻ جو انداز اهڙو جو سندس 1980ع واريون لکڻيون اڄ به نڪور ڀانسجن ٿيون. سندس لکڻين مان محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ عام عورتن کان الڳ ٿلڳ مزاج جي عورت هئي، هن سماج کي پنهنجي نظر سان ڏٺو ۽ لکيو آهي، سندس لکڻين ۾ هڪڙو پيغام آهي. هوءَ نه رڳو بهترين شاعر هئي پر سگهاري نثر نويسي پڻ ڪيائين. سندس پهريون شعري مجموعو ”ڳولا“ آگم پبليڪيشن طرفان 1981ع ۾ ڇپيو هو. جيڪو اڄ جي دؤر ۾ اڻ لڀ آهي.
سلطانه وقاصي سندس ننڍي ڀيڻ ناتي ڳولا ڪري اُن ڪتاب جي هڪ ڪاپي هٿ ڪري ورتي، جنهن بعد هن سنڌالاجي ۽ ٻين لائبريرين مان وڃي سندس ڪجهه ڪالم به ڦوٽو اسٽيٽ ڪرائي ورتا.
منور سلطانه پنهنجي دؤر جي وڏي ليکڪ رهي آهي، پر اڄ سندس لکڻيون اڻ لڀ آهن، اُهو ئي سبب آهي جو سندس ڀيڻ سلطانه وقاصي جي همت ۽ تمام گهڻي جاکوڙ سان هٿ ڪيل شاعري جو ڪتاب ڳولا ۽ سندس ڪجهه ڪالم گڏ ڪري هڪ ئي مجموعي ۾ آندا ويا آهن.
مرڪ پبيليڪيشن ڪراچيءَ طرفان منور سلطانه جو شاعري ۽ ڪالمن تي آڌاريل ڪتاب سندس پراڻي شاعراڻي ڪتاب جي نالي ”ڳولا“ سان ئي ڇپائي اوهان جي هٿن ۾ ڏئي رهيا آهيون، ادارو نه رڳو ليکڪ جون اڻ لڀ لکڻيون ٻيهر اشاعت هيٺ آڻي محفوظ ڪري رهيو آهي، پر عورتن جي لکندڙ پراڻي کيپ مان هڪڙو نئون ڪتاب به پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو.
مرتضيٰ لغاري
03005182494