شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

ڳولا لئه ڳڻ ڳوت

ڀيڻ منور سلطانه، مون ڏٺي نه ٻڌي. هوڏانهن هوءَ عرصي کان اخبارن، رسالن ۾ليکڪا ٿي پئي آئي آهي، اِن سلسلي ۾ ميار اُن تي نه آهي، پر مون تي آهي، جو هڪ اُڀرندڙ نئين ليکڪا تحريري تصوير ۾ اَچي، اکرن ۾ آواز پئي ڏنا آهن. ۽ مون اُن ۾ اُسرندڙ سرجڻهار ڏي نهار نه ڪئي آهي، سچ پڇو ته ڏوهه پنهنجو به ناهي، هِن هڪ طرف خلائي ۽ ڪامپيوٽر، ٻئي طرف ائٽمي، هڪڙئين ڳالهيئن جن تي ته ٻئين ڳالهين ۾ دوزخي دؤر جي ڇتي ڇڪتاڻ پاڻ به ڇيهون ڇيهون لڳا پيا آهيون، اُهو حال اڄ جي هر سوچيندڙ، لوچيندڙ انسان جو آهي.

هر هيڄ کي هزار دليون ٿيون کپن هتي،
هڪ دل، هزار هيڄ، پُڇو ڇا پتي ڪجي!

هن وٺ وٺان هڻ هڻان جي هيچ ۾ هر فنڪار، قلمڪار جو حال هي آهي:

گهر جا ڀاتي چون: وقت ڏي!
ساٿ_ساٿي چون: وقت ڏي!
ٻار مُرڪي چون: وقت ڏي!
يار ڪُرڪي چون: وقت ڏي!
ڇير، ڇمڪا چون: وقت ڏي!
روڄ واڪا چون: وقت ڏي!
جهِير جهُونا چون: وقت ڏي!
فڪر تازا چون: وقت ڏي!
دل جو دلبر چوي: وقت ڏي!
قوم ابتر چوي: وقت ڏي!

پنهنجي پياري حياتي ايئن مون ونڊائي ورهائي ڇڏي.”وقت ڏي وقت ڏي“ جي پڪار آهي، جا لڳاتار چوڌاري گونجي رهي آهي، مڇريل مصروفيتون جيون جامو چٿريون چٿريون ڪري رهيون آهن، هر سمجهدار سمجهي سگهي ٿو ته ماڻهو جو جسم ۽ ڌيان هڪ وقت ۾ فقت هڪ ئي هنڌ ۽ هڪ ئي ڪم ڪري سگهي ٿو.

هڪڙي وقت ۾ هڪ ڪم ٿيندو.
يا ڇيرن جي ڇم ڇم ٻڌبي_
يا غمگينن جو غم ٿيندو.

جڏهن ڪنهن دلبر جي ديدار کان محرومي، يا قربائتي ڪچهري کان غير حاضري رهندي آهي. تڏهن ڪنهن فڪري ڪار زار ۾ قلم جي ترار سان جنگ جاري هوندي آهي. تنهن ڏينهن هڪ کوليءَ جهڙي ڪوٺيءَ ۾، هڪ چوٿاڙ پني تي، ڪنهن هوشيار قلمڪار جي ڪلا سان وشال ڪائنات جي وسعتن ۾، هڪ پتڪڙي انسان کي انسانيت جي، ٻيو به الائي ڇا جي ”ڳولا“ ڪندي ڏٺن. جڏهن ڳولائون ڳڻو اُن جو نالو ڳوليم ته ”منور سلطانه“
نثار آگم جي افيس ۾ فتاح جو ٽائيٽل ڏيکاريندي چيو: اڄڪلهه هن ڪتاب جي ڇپائي ۽ پڌرائي جي اڻ تُڻ ۾ آهيان.
اڄ 20 جولاءِ 1981ع فاروق، غلام علي، اڪبر (دادوءَ جا دوست) نثار حسيني جو خط هٿو هٿ کڻي آيا. کوليم معلوم ٿيم ته مان هاڻي ڪتابن جي مهاڳ يا ٻه اکر لکڻ لاءِ به يارن وٽ ياد ڪيو ٿو وڃان. هڪڙي نامي گرامي شاعر هڪ هنڌ چيو آهي ته جڏهن بي نمازي نماز پڙهندا آهن، تڏهن مون کي سڏي امام بڻائيندا آهن. مجبوري جو ٿي ٻنهي ڌرين جي. هڪ دفعي لطيف سائين جي جلسي تي شعر پڙهائن لاءِ گهرايو ويس. عين وقت صاحب_ صدر جي نه پهچي سگهڻ ڪري، جلسي جو صدر عرف محفل جو مور بنايو ويس. آخر ۾ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪري فرمان ڪيو ويو. ”هاڻي محفل جو مور لطيف سائين جي تصوف ۽ فلسلفي تي تقرير ڪندو“ اُن ڏينهن اُهو احساس شدت سان پيدا ٿيو ته شاعرن کي تقرير جي فن طرف به توجه ڏيڻ ضروري آهي.
ڪتابن تي ٻه اکر مهاڳ طور لکڻ جي مجبوري وري اهو احساس به اُڀاريو آهي ته انهيءَ ميدان ۾ گهڙڻ لاءِ به گهيڙ گهاٽ گهڙڻ گهرجن.
ويچارجي ٿو ته اڳيئي پنهنجن پورن، پهن ۾ پکڙيل، ڏهاڙيءَ جي ڏچن(Routine) پتيون پتيون ٿيل، شاعري ۽ شاعريءَ جي چڪر مان نڪري تقريرن تحريرن کي ڪهڙي ۽ ڪيتري پتي ڏئي سگهجي؟ ڪهڙو انصاف ڪري سگهبو؟
هُونئن_ منهنجو ايمان آهي ته هڪ اديب، شاعر لاءِ ڪنهن موقعي تي ٻه ٻول ٻولڻ ۽ ٻه لفظ لکڻ ڪو مها مامرو نه آهي، اهو هن جو فرض به آهي ته حق به.پر حقيقت هي آهي ته ڪنهن ڪم کي بهتر کان بهتر نموني تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪامياب نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي مطالعي، مشاهدي، تجربي مشق ۽ ان سان گڏ محبت، محنت جي ضرورت آهي. هي دؤر (Specialization) خاص مهارت جو آهي ۽ نه هر فن مولا ٿيڻ جو.
بهرحال هن اندر جي اظهار کان پوءِ هي نروار ڪندو هلان ته ڪنهن قلمڪار جي ڪاوش سان ٻيو قلمڪار انصاف سان هلي، بلڪل پيچيدو پُل صراطي پيچرو آهي. خاص ڪري اُن حساس ماڻهوءَ لاءِ جو گهڻو ڪري هر ماڻهوءَ کي موهڻو، هر محبتي پورهئي کي پيارو، هر خلوص ڀريل تخليق کي تهسين جوڳو سمجهندو هجي.
هڪ مصنف جي حيثيت ۾ انهي ڪيفيت مان گذريو آهيان ۽ اڃا تائين گذران پيو ته ڪو مصنف پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ڪهڙا سپنا لهندو آهي ۽ ڪهڙين ڪيفيتن ۾ پيو اڏامندو آهي ۽ ان لاءِ ڪهڙا حيلا هلائيندا آهي، سندس اُهي سڀئي حالتون سچ پچ همدردي لائق هونديون آهن.
ٻئي طرف ڪريم، لطيف، سچل ته ڇڏيو پر ڀاڳوڀان، حفيظ تيوڻي، سانوڻ فقير تي ڪي مهاڳ يا تعارف لکي، اسان سان روشناس نه ڪرايا ويا هئا. هو پنهنجي تشريح، پنهنجي وضاحت پاڻ هئا. پٺيانپوءِ عالم نقاد پاڻهئي انهن تي لکندا رهيا ۽ لکندا پيا. پر هن دؤر جي دستور پٽاندڙ، منڍ ۾ ٻن لفظن جي ضرورت پيدا ٿي پئي آهي.

منور سلطانه ”ڳولا“ ۾

منهنجي،اوهان سڀني پڙهندڙ جي آڏو، پني پني تي پکڙي ، سٽ سٽ ۾ سور، سُرور سليندي، عنوان هيٺ ارمان اوتيندي، جهرندي، جڙندي، اڳتي وڌندي هلي ٿي.
آءُ هن مهاڳ ۾ سندس شاعريءَ جو تفصيلي تجزيو نه ڪندس ۽ فني لوازمات جي اکري گورک ڌنڌي ۾ ڦاسي، ٻئي ڪنهن کي ڦاسائيندس، ۽ نه ڪو وري وچور سان ويهي، هڪ ٻه ٽي چار ڪري تشبيهون، استعارا، اهڃاڻ، عڪس، موسيقي، داخلي، خارجي، الجهنون، مطالعي، مشاهدي جا تاثرات وغيره ڳڻائيندس. هتي رڳو عرض ڪندس ته شاعر جون ڪي سوچون، ڪي سچ، ڪي سٽون ڪي بند، متاثر ضرور ڪن ٿا ۽ وڻن ٿا.
طعام تبارڪندڙ لاءِ اهو ڪافي آهي ته طعام واپرائيندي پسند اچي، سواد ڏئي، وڻي. اهو ضروري ناهي ته کائيندڙ کي اهو به پتو هجي ته هن ۾ مصاله ڪهڙا ۽ ڪيترا پيا.باهه ڪيتري تي، ۽ ڪيتري وقت ۾ رڌو.
شاعري اصل ۾ اندر جو اڌمو آهي،جو لفظن جي لڙين ۾ وجود وٺي، اکين ۽ ڪنن رستي باقي سڀني حواسن ۽ وجود کي گهيرو ڪري وڃي ٿي. ڪلام ۾ جيتري جِلا، شدت اڏام، موسيقي متاثرڪندڙ آهي، اوتروئي اُن شاعريءَ کي ڪاميابي جي قريب سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي شاعري جو ڪتاب ”ڳولا“ اوهان جي هٿن ۾ اچڻ وارو آهي، تنهنڪري سندس اثر سڌو سنئون اوهان پاڻ محسوس ڪري سگهندؤ.
هٿ- ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت، ايترو چٽو چئبو ته ڪي فن پارا ، زوري،زبردستي ۽ ٺهه پهه پنهنجو پاڻ مڃرائينداآهن ۽ ڪن جي لاءِ وري همدردي،ويچار ۽ پيار سان مطالعي ڪرڻ کانپوءِ قدرداني پيدا ٿيندي آهي. اهو. اهو قاعدو هر حسين وٽ، تصوير، تحرير، موسيقي، رقص، شاعري، وغيره سان لاڳاپيل آهي. ”ڳولا“ لفظ جي پڻ اها تقاضا آهي ته سونهن ،سچ، سوڀ کي ڳولڻ گهرجي.
هن مجموعي ۾ ڪٿي ناصحانا گفتا،ڪٿي معصوم ۽ سادا جذبا، ڪٿي جديد شاعريءَ جي موضوعن ۽ مضمونن جا جيئرا جاڳندا جهلڪا نظر اچن ٿا. گهاڙيٽي يا تڪنيڪ جي خيال کان آزاد نظم ۽ روايتي نظم سان گڏ، سگھڙن جي عوامي گهاڙ وارو رنگ به ڏسڻ ۾ ايندو.
وزن جي ڇڪ ۽ تاڻ ڏي گھٽ، قافين جي ٺَڪا ٺَڪيءَ ڏي ۾ مقصد جي پورائي ڏي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنل آهي.
انهيءَ پنهنجي عجيب، انوکي انداز، سچائي ۽ سڌي سنئين (Approach) سبب مواد وندرائيندڙ ۽ وڻندڙ ڏنل آهي.
توڙي جو موڪليل مواد ”ڊمي“ ڳنڍيل صفحن ۾ هو.ته به پڙهي پورو ڪرڻ کان اڳم رکجي نه سگهيو. اهو هن ڪري به ته اشارن،اهڃاڻن جي رمزن ۾ رڱيل ، ڪلاسيڪل ڳوڙهائي ۾ ڳوهيل،فني لوازمات ، فڪري گهراين ۾ ٻڏل، اونهو ۽ پيچيدو ادب پڙهي، پوءِ جي اندازن اوڻيل کليل جذبن واريون سڌيون سنواٽيون سٽون ماڻهون پڙهندو ته محفوظ ٿيندو، هو بهو اهڙيءَ طرح جيئن تمام تيز تکي روشنيءَ کان هلڪي ٿڌي روشني ۾ ايندي سڪون محسوس ٿيندو آهي. اها ئي خصوصيت آهي هن ڪتاب ۾ جو پڙهي پورو ڪرڻ تائين پاڻ سان وٺيو ٿو هلي. ڪتاب ۾ موضوعن جي (Veriey)آهي ۽ (Characters) ڪردار ڪافي ڏسجن ٿا.

مان پهرين زال
ڳائڻو
روماسا
راڻي (مرڪ)
ماٽيجي ماءُ (خراج تحسين)
مرد
فقيراڻي
مسافر

ڀائڙو وغيره اهي سڀ ڪردار آهن. هر انسان کي ٻئي انسان يا وٽ بابت ڪجهه ٻڌڻ، پڙهڻ،معلومات حاصل ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي. تنهنڪري ڪردار نگار به ڪتاب کي مزيدار بنائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.ان کانسواءِ هر نظم کي پنهنجو وجود آهي.

شاعراڻيءَ چواڻي:
پاڻ ۾ مان هڪ مڪمل شخصيت،
هر انسان جي هڪ مڪمل شخصيت،
هزارن مشڪلن جي باوجود به ____
مون ۾ رهي جيئڻ جي.
(وسعت)
سو سندس هر لکڻيءَ جو پنهنجي وس آهر دائرو آهي ۽ وت آهر اثر جي قوت آءُ هتي فقط ”مونجهه“ ۾ اوهان کي ليکڪا سان ملايان ٿو:

ڪجهه مون سان ڳالهاءِ!
هيانءِ جي مونجهه لاءِ،
ٻڌاءِ ڪجهه مون کي،
وندراءِ ڪجهه مون کي.

هنن سادين پر سچين سٽن جي التجا ۾ ڪيتري نه ڪشش آهي! اڳتي به هي سڄو نظم سچين دلسوز حقيقتن ، ڏٺل وائٺل هانءُ ڏاريندڙ واردتن سان ڀريو پيو آهي. هڪ هڪ بند، بند زبان ۾، درد مند دلين لاءِ اپيل ۽ زنده ضميرن لاءِ ”اُٿ جو“ آواز آهي: آخر: جيئن ميوي جو پنهنجو سواد ۽ افاديت آهي،هر گل پنهنجو وزن ۽ واس،تيئن هن شاعريءَ جي مجموعي جو به پنهنجو نيازو۽ پيارو وجود آهي. سنڌي شاعراڻي ادب ۾ خاص ڪري ڀينرن جي شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ هيءَ ڳٽڪو به پنهنجي جاءِ والاريندو.


استاد بخاري
دادو سنڌ
22 جولاءِ 1981ع