چوڏهين صدي
ويهين صديءَ جي ستر ۾،
مون ڇا ڏٺو؟
ويهين صديءِ جي آخر ۾.
مون ڪيترا عيسيٰ ،
صليبن تي چڙهندا ڏٺا،
مون ڪيترا يزيد،
يزيد کي به شرمائيندي ڏٺا.
مون ڪيترا منصور،
سنگسار ٿيندي ڏٺا،
مون ڪيترا بيگناهه،
خوشيءَ سان مرندي به ڏٺا.
مون وڍيل هٿ،
وڍيل پير ڏٺا،
مون لٽيل عصمتون،
وڍيل ضميرن جا ڍير به ڏٺا.
مون زبان بندي،
قيد و تنهائي ڏٺي،
مون رستن تي،
ڦٿڪندي انسانيت به ڏٺي.
هيءَ انتها آهي؟
هي ءَ ابتداآهي؟
مون فرعونن جي آخري شانتي ڏٺي،
سنگينن تي ٽنگيل اَمن ۽ آشتي به ڏٺي.
هي دور ختم ٿي رهيو آهي؟
هي دور شروع ٿي رهيو آهي؟
**