مونجهه
هيانءَ جي مونجهه لاهه،
ٻڌاءِ ڪجهه مونکي،
وندرائي ڪجهه مونکي،
انهن جي ڳالهه ڪر،
جيڪي سڄي حياتيءَ
غرض جي ڪاتيءَ م به،
خوش رهيا،
ڏک جن کان پري رهيا،
انهن جي به ڳالهه ڪر،
جن جا جگر،
اسپتالن جي درن تي،
دوائن جسي نه هجڻ تي،
ڦٿڪي نه مئا هجن،
توڙي هنن وٽ،
نه هجي، پيسو،
خالي هجي کيسو.
اهڙن جو ٻڌاءِ،
جن جا ڪکن وارا گهر،
جهڙا جنگ جهر،
عاليشان بنگلن اڳيان،
سهڻن جنگلن اڳيان،
کنوڻ جي ٽڙڪاٽن ۾،
طوفان جي زوزاٽن ۾،
اڏامي ويا هجن،
پر انهن، عاليشان بنگلن،
سهڻن جنگلن جا،
خواب ڏٺا هجن.
اهي ڪهڙا انسان ،
جن بک جو ويلو،
ڏک جو حيلو،
نه ڏٺو هجي،
پوءِ سندن دلين ۾ ،
انسانيت جو ڪو،
وسيلو هجي.
اهي ڪهڙا عياش انسان،
جيڪي رات جي،
اونداهين ۾،
ڪتن جي،
اونائين ۾،
ڪکائن درن تي،
وڏن موٽرن تي،
پنهنجي نياڻي،
زال سياڻي،
ڇڏي اچن ٿا،
پوءِ به اُهي،
پوءِ به غيرتمند سڏائين ٿا.
اُهي ڪهڙا،
ڀائر ۽ پيئر،
جيڪي ڪيترن ويلن جي،
بک نه سهي،
پنهنجي مجبوري پسي،
بک جو سودو ڪن ٿا.
اهڙا ڪهڙا انسان ،
جيڪي پِيلو ڏٻرو،
جسم ڏسي،
بک ۽ مجبوري پسي،
موٽي وڃن ٿا،
هنن کي،
ليڙون لٽن ۾ ڇوڪر،
پيلي ڏٻري نينگر،
ڪا نه وڻي ٿي.
مون کي ڪجهه ٻڌاءِ،
مون کي ڪجهه سمجهاءِ،
ائين دنيا ۾ ڇو ٿوٿئي؟
غريب جي عزت،
بک ۾ وڪامجي ٿي،
ته اهو گناهه ٿيو،
پر امير جي عزت،
وڏي سوسائٽي ۾،
بي بها وڪامجي ٿي،
نه اهو گناهه نه ٿيو؟