شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(09)

اڄ ڪالهه ماٽيليون مائرون پنهنجن اڳ ڄاون پٽن کي هي دعائون پيو ڏين ته ”ابا توکي پوليس تان صدقو ڪيان“ ڇو جو ٻه ٽي پوليس تان خدا جا بندا صدقي ٿي نڪتا آهن. خدا جا بندا ته پوليس وارا به آهن سو ته اسان جو خيال آهي.باقي پوليس پاڻ کي ڇاٿي سمجهي؟ اها ته سوچڻ جي به اسان ۾ مجال نه آهي. قلم قهار به آهي، اگر پوليس وارن جي هٿ ۾ هجي، پر توهان کي خبر آهي ته پوليس قلم جو استعمال به گھٽ ڪندي آهي. بلڪه قلم کي به ڏنڊو سمجهي هلائيندي آهي. ان ڪري اسان وٽ پولسي وارا ايف آئي آر به اڪثر زباني ڪنداآهن، لکندا نه آهن، متان ريڪارڊ خراب ٿئي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ اڄ ڪالهه فوج اڪثر چوٿين پنجين سال کانپوءِ مڙئي اٺن سالن لاءِ مهمان هوندي آهي. اسان پاڪستاني ماڻهون هونئن به تمام گهڻا مهمان نواز هوندا آهيون سو اسان لاءِ مهمان باعث رحمت هوندا آهن. اڄ ڪالهه مان ٽي وي تي مختلف فوجي آفيسرن کي غور سان ڏسندي آهيان ته آئيندي اسان جو هنن مان ڪير ڇاٿوٿئي. منهنجون به ٽي ساهيڙيون ته سهڻا فوجي ٽي وي تي ڳولي پسند ڪن پيون نه هي وزير ٿيندو يا هي سفير ٿيندو بس چريون ڇوڪريون چَم جون.
منهنجي ننڍي ڀيڻ ٽي وي غور سان ڏسندي آهي سو سندس موڊ اڄ سٺو نه آهي. در حقيقت ٽي وي تي ڪ گلوڪارره اچي ٿي سا کيس به ۽ سندس ٻين ساهيڙين کي ڪا نه ٿي وڻي.سو هن مونکي چيو آهي ته هن ڪنواري گلوڪاره سو ڪو اهڙو ماڻهون شادي ڪري جو فن جو ويري هجي ۽ ڪوٽن وارو به هجي ته سبحان الله بند رکيس! درخواست اديون جي معرفت ٿي سگهي ٿي ڇو جو مائيءَ جو نالو في الحال راز ۾ آهي.شاديءَ جي باقاعده درخواست ۽ پڪ جي صورت ۾ اهو نالو صرف ٻن اميدوارن کي ٻڌائي سگهجي ٿو. پر ترسو هڪ عدد گلوڪار به آهي، سو اهو ڪنهن زميندار جو ڪمدار به ٿي سگهي ٿو، ان ۾ زميندار کي فائدو به آهي. ڇوجو اسان گنهگار بندا آهيون سو جڏهن دعا ڪندا آهيون ته الله ڪري مينهن پوي ته ڪونه پوندو آهي سو هي مستند ڪلاسيڪل گلوڪاره ميگهه ملهار ڳائيندو ته مينهن وسي پوندو. اڄ ڪالهه ٽيوب ويل به لائيٽ تي هلي جيڪڏهن زميندار رشوت نه ڏئي ته لائيٽ ڪٿان اچي ۽ ٽيوب ويل ڪيئن هلي؟ سو هي گلوڪار راڳ ديپڪ ڳائيندو ته لائيٽ اچي ويندي، يا وري ڀر واري دشمن زميندار جي ڪڻڪ جي کرن کي باهه ڏياري ٿا سگهون، بنا ڪنهن ٽيوب ويل جي، خرچ به گهڻو نه ۽ نه ئي پوليس جي خوشامد،رڳوگلوڪار جي پگهار ڀرڻي پوندي. سو اسان جي اهڙي طرح هن پاڻيءَ مان به جند ڇٽي ويندي!!
اڄ ڪلهه چادر ۽ چار ديواري ءَ جو ذڪر ڏاڍو آهي! سياستدان سڀ چار ديواريءَ ۾ آهن. مايون برقعا لاهي چادرون پائي ٻاهر نڪري آيون آهن! رهيا سرڪاري نوڪر، سي ته سرڪاري آهن،باقي رهيل اجرڪ پائي، ڌاڙيل ٿي پيا آهن! ٻين جي چوديواري جو شل خير هجي، پر اڄ ڪلهه ته ڌاڙيلن کان پوليس جي چوديواري محفوظ نه آهي. پوليس وارا يا سپاهي گشت ڪندا هئا سي ٿاڻن جي حفاظت ٿا ڪن ۽ حملي جي صورت ۾ گھرن ۾ لڪل هوندا آهن.
انگريزي فلمن جا ترجما ته وري ايترا خوفناڪ هونداآهن. جو اسان پاران پڙهيل ترجمو پڙهي سئنيما ۾گھٽ ويندا آهيون، ۽ اسڪرين تي وري بمن ۽ بندوقن جا ٺڪاءُ يا خوفناڪ بلائون ڏسي گهٻرائجي نڪري ايندا آهيون. 1970ع جو واقعو آهي ته منهنجو ڀاڻيجو مونکي هاسٽل مان وٺڻ آيو ۽ گهر جي بجاءِ مونکي انگريزي فلم گولڊ فيس ڏيکارڻ ويو. ان ڏينهن خميس هئي جو حيدرآباد جي سئنيما شام جو گولڊ فيس جو پوسٽراڃان لٿو ڪونه هوته نئي انگريزي فلم satanik سيٽنڪ لڳي وئي. سو اسان به اها ڏٺي. فلم ڏسي غور سان پوسٽر پڙهي ستين بجي گهر روانا ٿياسين. ادي وڏي به پريشان ته اسين ڪٿي غائب آهيون. مون چيومانس ته ادي اسان فلم پئي ڏٺي ادي چيو: اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فلم ته سڀ گڏجي ڏسي سگهوٿا. مون چيو ادي هيءَ فلم توهان جي ڪم جي ڪا نه هئي، رڳو منهنجي ڏسڻ جي هئي. اديءَ کي ڏاڍو تجسس ٿيوته اها ڪهڙي فلم هئي،اديءَ چيو نالو فلم جو ٻڌاءِ مون چيو انگريزي ته سٺو نالو اٿس مان جيڪو ترجمو پڙهي آئي آهيان سو اهو ترجمي وارو نالو ٻڌايان ٿي مون پنهنجي ڀاڻيجي ڏي اشارو ڪري چيو”شیطان کی خالہ“ اديءَ مون ڏانهن ڏٺو، چيائين: برابر تنهنجو شيطان ڀاڻيجو ۽ تون ان جي خالا هيءُ فلم برابر توهان ٻنهي جي ڏسڻ جي هئي.

جولاءِ 1984ع