شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(12)

دنيا ۾ هٽلر جي ظلم جو عام مثال ڏنو ويندو آهي ته جيڪي هن اذبت خانا قائم ڪيا هئا تن مان نڪرڻ به ڏکيو هو ۽ لوڙڻ به ڏکيو هو. پر سنڌ جي مسلمانن ۾، خاص ڪري اسان جي ملڪ ۾ ۽ خصوصاً اسان جي معاشري ۾ جيڪا اذيت ۽ ڌڪار عورت برداشت ٿي ڪري، ان جو مثال ته هٽلر جي ظلم کان به وڌيڪ آهي. هڪ ڇوڪري ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين مختلف روپن ۾ جيڪو عذاب برداشت ڪري ٿي ان جو مثال به ڏئي نٿو سگهجي اسان جي هر گهر ۾ هٽلر جهڙا اذيت خانا کليل آهن ۽ بظاهر اسان هڪ عورت کي ڌيءَ، ڀيڻ، ۽ زال ۽ ماءُ جا مقدس لفظ ته ضرور ڏيون ٿا پران سان گڏ جيڪا اسان کيس اذيت ٿا ڏيون، ان جو تصور به اڄ ڪلهه جي مهذب معاشري ۾ نه آهي.
اسان وٽ ڪڏهن عورت کي عزت، ڪڏهن مذهب ، ڪڏهن اخلاق ۽ ڪڏهن وڏا ماڻهپي جي پردي ۾ جو ڪجهه ڀوڳڻو ٿو پوي ان جو تفصيل جيڪر ٻڌائجي ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اسان پڙهيل ۽ مهذب معاشري جا دعويدارآهيون ، پر حقيقت ۾ اسان جو ذهن اڃان تائين به اسلام واري دور جي اچڻ کان اڳي وارو آهي. اڳي ايترو ته هو ته ڌيءَ کي ماري پوري ڇڏيندا هئا، پر هت ته جيئرو رکي عورت کي باربار ماريو وڃي ٿو. خاص ڪري ذهني اذيت ڏئي اُن کي اُن طرح ۽ ان کانپوءِ جسماني اذيت ڏئي. اسان اهو ذهن جاهلن وارو پنهنجن نسلن کي ورثي ۾ اڃا به ڏيندا ٿا اچون. ڇا اهو سلسلو اڃان به ائين ئي جاري رهندو؟
اسان وٽ نياڻيءَ جو ڄمڻ رنج جو ۽ مسئلن جو باعث آهي ۽ اُهي مسئلا اسان جا پنهنجا هٿرادو پيدا ڪيل آهن. ڇوڪري ٿوري وڏي ٿئي ته سڀ کان پهريون ان کي اهو ذهني جهٽڪو ملي ٿو ته تون اسان تي بار آهين، پرائي در وڃڻو اٿئي، سو توکي وڌيڪ انگل ڪرڻ جو حق نه آهي. گهر ۾ سٺي شيءِ ايندي ته ڀاءُ لاءِ ايندي ۽ اُهو بچائيندو ته تون کائجانءِ. ڀاءُ کي ڀيڻ نه پر نوڪرياڻي ملندي آهي. پڙهائي جو رواج آهي، سومجبوري آهي، ته ڇوڪريءَ کي پڙهائڻو به آهي. اسڪول ۾ به چڱي ڪپڙي لاءِ پئي سڪندي مطلب ته سندس جائز ضرورت به پوري ڪانه ٿيندي آهي. اُن جي مقابلي ۾ سندس ڀاءُ جي هر ناجائز ضرورت خواهش پوري ڪئي ويندي آهي. کيس جيڪا عيد وغيره تي خرچي ملي يا ٿوري گهڻي ميڙي چونڊي هوندي اٿس ته اها به ڀاءُ وٺي ويندو آهي.
مان پنهنجي ذاتي مشاهدي جي ڳالهه ٿي ڪريان ته اهي تمام وڏا ماڻهو جيڪي پيسي جي لحاظ کان به ۽ انهن ۾ اڪثريت خاص ڪري وڏيرن جي آهي، توهان اگر سندن گهر لنگهي ويندا ته خبر نه پوندي ته وڏيري ڪير آهي ۽ نوڪرياڻي ڪهڙي آهي؟ گهر ۾ چار کٽون پيو ن هونديون ۽ اوطاق ڏسي توهان کي راجا اندر ياد اچي ويندو. ان کان سواءِ مايون اندر پٽاٽي بصر تي پيون گذران ڪن ۽ ٻاهر نوڪرن جا ڪتا به ٻوڙ پلاءَ کائن کين پنهنجي ضرورت لاءِ سلائي ڪڙهائي ڪرڻي پوندي آهي. مان ذاتي طرح اهڙن ڪيترن وڏيرن جي گهرن جا مثال ڏئي ٿي سگهان.
وچين طبقي جي عورت کي ڄمڻ کان پوءِ اهو انتظار رهي ٿو ته شادي کان پوءِ سُک ملندو. پر شادي کان پوءِ يا ته کيس ساهرن ۾ جانورن وانگر ڪم ڪرڻو ٿو پوي يا وري ٻاهر گهر کان نڪري نوڪري ڪرڻي ٿي پوي کيس ٻيڻي مصيبت سهڻي ٿي پوي. نوڪري نٿي ڪري ته گهر جي پورت ڪانه ٿي پوي ۽ نوڪري ڪري ٿي ته کيس گهر جي ڪم ۽ ٻاهر منهن ڏيڻو آهي!
نوڪري کان موٽندي کيس مڙس جي جُتي به لاهڻي آهي ڇو جو زال بهرحال پير جي جُتي آهي. وري هي طعنا به سهڻا اٿس ته ٻاهر عيش ڪري ٿي ۽ ڪمائي به پنهنجي لاءِ ٿي. ڪن حالتن ۾ عورتون پنهنجي ٻارن ۽ مڙس جو بار به کنيو بيٺيون هونديون آهن پر موٽ ۾ ٻه لفظ به همدردي جا نٿا ملنس. جي اتفاق سان ڪنهن عورت کي طلاق ملي ٿي يا وري سندس مڙس مري وڃي ٿو ته اسان ساڻس جيڪو سلوڪ ڪيون ٿا، ان کان سڀ ڪو واقف آهي ۽ اهڙي عورت سڄي معاشري جي ڌڪار سهي ٿي.
ڪي مرد ماءُ پيءُ جي چئي ۾ يا والدين جي دٻاءَ هيٺ اچي شادي ڪن ٿا . پوءِ ظاهر آهي ته اها زال ڪا نه ٿي وڻي، سو ماني به نه ٿي وڻي. ٿانءَ ٻوٿ ۾ هڻنس. يا وري اهڙا مرد ٻاهران ڪاوڙجي ايندا ۽ سامهون جي زال نظر اچي وئي ته ڏنڊو کڻي در بند ڪري ماريندس. جيسين سندن ڪاوڙ ڍري ٿئي !هي سڀ ڳالهيون اسان جي گهڻو ڪري هر گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آهن.
اسان پاڻ کي عظيم ۽ عزت وارا سڏايون ٿا. پر ڇا اسان اُهي عذاب خانا بند نٿا ڪري سگهون؟ اسان پنهنجي ماحول کي ڪجهه سڌاري نٿا سگهون.