(03)
هڪڙو پهاڪو مونکي ياد پيو اچي ته ”تر جي گٿي سو چوٽون کائي“ ۽ اهو پهاڪو انهن نياڻين لاءِ آهي جيڪي غلط قدم ٿيون کڻن پوءِ سڄي عمر پڇتائين ٿيون. مان کُلي طرح هاڻي ان مسئلي جو اظهار ڪيان ته ڪي ڇوڪريون ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ پڙهندي ڪنهن نه ڪنهن مرد کي پسند ڪن ٿيون ته مائٽن کي ايتري به مهلت نٿيون ڏين جو اهي ويچارا ان ڇوڪري بابت پڇا ڳاڇا ڪن ۽ ان جلد بازي جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته يا ته اهو مرد انهن کي ڇڏي ٿو ڏي يا وري ٻارن سان گڏ مڙس کي به پالڻو ٿو پوي يا وري اهو اڳي ئي شادي وارو هوندو آهي سو پنهنجي ڪمائي ته پهرين زال کي موڪلي ٿو (جيڪي سندس پهرين زال ٻارن جو حق آهي) ۽ پاڻ ٻئي زال جي ڪمائيءَ تي هلي ٿو.
اڪثر ڪي ڇوڪريون اهڙي مرد سان به شادي ڪن ٿيون، جيڪي اڳي ئي شادي وارا هوندا آهن اهي مرد اڪثر ڪري پنهنجي ذهني سڪون، يا زال وڏي عمر جي آهي، يا وري زال ڄٽ آهي، جو جواز پيدا ڪري ٻي شادي ڪن ٿا ۽ ڇوڪريون به بنا ڪنهن سوچ جي ته اهو مرد جيڪو پهرين زال کي آساني سان ڇڏي پيو، پوءِ سڀاڻي توهان کي به ڇڏيندي دير نه ڪندو، سوان سان شادي ڪن ٿيون.چوندا آهن ته عورت ئي عورت جي درد کي سمجهي ٿي، پر اڄ جي عورت رڳو پاڻ لاءِ به نه ٿي سوچي ٻي عورت جي درد کي سمجهڻ جي ڳالهه ته وڃي کڏ جي تري۾ پوي.
هوءِ ته رڳو اهو ٿي سوچي ته هي مرد چوي ٿو ته مان شادي کانپوءِ پنهنجي پهرين زال کي ۽ ماءُ ڀيڻ کي ڪونه پڇندس. اهو سوچي خوش ٿئي ٿي اها سوچ يا دورا انديشي هن جي ذهن تي ڪو نه ٿي اچي ته جيڪو مرد پنهنجي رت کي ڇڏي پيو، سو تنهنجي ڪهڙي پرواهه ڪندو؟
تعليم يافته عورت، مرد تي Depend ڪرڻ ڇڏي ڏئي، بلڪه پنهنجي ذاتي اعتماد تي زندگي بسر ڪري، شاديءَ کي هرو ڀرو پنهنجو اهڙو مسئلو نه ڪري ته شادي کانسواءِ زندگي بسر ڪونه ٿيندي. اڄ جي ڇوڪري پنهنجي ماءُ پيءُ يار ڀائرن بار نه آهي، هوءَ پاڻ ڪمائي ٿي. باقي رهي شادي سان به سوچي سمجھي ڪري. اڄ سٺين ڇوڪرين لاءِ سٺيون مائٽيون سندن در تي هلي اينديون آهن، دنيا اڃا ته ڪن چڱين ڳالهين تي هلي پئي. اُميد ته منهنجون سنڌي ڀينرون منهنجو ڪالم پڙهي ٿوري غور و فڪر جو مادو پنهنجي اندر پيدا ڪنديون ۽ سٺي زندگي گذارينديون.
ائين نه جو وري مائٽ پنهنجن نياڻين کي تعليم کان محروم ڪري ۽ عزت خاطر ٻاهر نه ڪڍن، ائين وري اسان تعليم ۾ پوئتي پئجي وڃون ويا وري پڙهيل ڇوڪري جي عزت واري حيثيت نه رهي.
اديون رسالو
اپريل 1982ع