شڪايت
مان تنهنجي سار کي،
سمجهي نٿي سگهان پئي،
توکي شڪايت آهي،
پر توکي نه رهي ڄاڻ،
پر توکي نه ٿيو اُهڃاڻ،
منهنجو اندر اٿئي خالي،
هي هٿ رهيا سدا سوالي،
مان تنهنجي سر تي،
تون منهنجي سر تي،
پوءِ به مان توکي،
سمجهي نٿي سگهان پئي،
توکي شڪايت آهي،
مون به ڪڏهن،
کنئي هئي خالي جهولي،
ٿي دنيا جي در تي سوالي،
صدا هنئي هئي،
پر مون کي ڪٿي به ،
پنهنجن يا پراون ۾،
ٻين انسانن ۾،
سج يا چنڊ ۾،
اُس يا پاڇي ۾،
زمين يا آسمان ۾،
دُنيا جي حيوان نمان انسانن ۾،
ڪابه پنهنجائپ،
پيار جي سڃاڻپ،
نه ملي سگهي.
پاڻ ٻئي ننڍپڻ ۾،
گڏ پڙهياسين،
ننڍڙين ڳالهين تي رُسياسين،
راندين ۾ وڙهياسين،
پر پل ۾ پرچياسين،
اُهي سپنا سچائيءَ جا،
پيار جي گهرائي جا،
مان اڄ به ڏسان پئي،
پاڻ انهن ۾ پسان پئي،
پوءِ مان توکي،
سمجهي نٿي سگهان پئي،
توکي شڪايت آهي.
تنهنجو هي خلوص ۽ پيار،
۽ سچائي اکين تي،
پر گھڻائيءَ ۾ ندين تي،
ٻوڏ به ايندي آ،
هر ڏسي ٻڏي به ايندي آ،
هر شي ٻڏي ويندي آ،
سو مان به ڊڄان پئي،
تڏهن توکان ڀڄان پئي.
مان به متان ،
تنهنجي پيار جي سچائيءَ ۾،
ٻڏي نه وڃان،
پاڻ کي وڃائي نه وهان،
تون دل ۾ نه ڪجانءِ،
پر منهنجن سڀني ڪوتاهين کي،
سڀني بيپرواهين کي،
معاف پئي ڪندي اچجانءِ،
پر پنهنجي سچي پيار کي،
سدائين مون لاءِ،
پنهنجي دل ۾،
سانڍي رکجانءِ.
**