شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(05)

زندگي جا مختلف مرحلا ٿين ٿاسو ان ۾ هڪ مرحلو شادي جو به آهي. شادي ڪن لاءِ خانه آبادي ڪن لاءِ تعدي ٿيندي آهي ڇوجو بدقسمتي سان سندن گلي ۾ هچا پئجي ويندي آهي. هر گهر ۾ جڏهن ڇوڪرو 25 سالن جو مس پهچندو آهي ته اُن کي پرڻايو ويندو آهي، ڇو جو دنيا جا سڀ کيب کٽي چڪو هوندو آهي. مطلب ته ڪاغذي ڊگري ۽ ڪاغذي نوڪري حاصل ڪري چڪو آهي، سو باقي رڳو پرڻو کپي. گهرن ۾ ڇوڪرين جي شاديءَ جو سعيو ته جلدي مائٽ ڪندا آهن، پر سڪيلڌو کين ياد ڏياريندو آهي ته کيس به ڪنوار کپي. بهرحال ان مرحلي مان نه چاهيندي به گھڻا ماڻهوپار پوندا آهن ڪي ويچارا اها حسرت دل ۾ کڻي وڃي حورن سان دل وندرائيندا آهن.
سو ان تي مان پنهنجو ڀاءُ نادر جو ذڪر ڪيان ڇو جوکيس شاديءَ جوڏاڍو شوق آهي، سندس هڙئي دوستن پرڻجي ويا آهن، پر پاڻ ويچارو اڃان اڪيلو آهي. گذريل مهيني سندس پرڻيل ٻه چار دوست ٽنڊي آدم آيا سو انهن کيس پنهنجي ازدواجي زندگي جو ايترو ته ڀيانڪ نقشو چٽي ٻڌايو جو ويچاري جو شوق جا جذبا ڪافي حد تائين سرد ٿي ويا. مثلاَ چيائون نه رات جو يارهين بجي کانپوءِ در هرگز ڪونه کوليندي. سندس دوست ٻڌايو ته رات جو يارهين بجي اسان گهر واپس پئي وياسين ته اسان جي گهر کان ٿورو اورتي پوليس جي گاڏي ،جيڪا اسان کي ڳولي رهي هئي. زالن رپورٽ ڪئي ته هي ٻئي بندا گم ٿي ويا آهن. اهڙيون ٻيون به ڳالهيون جهڙوڪ سس ننهن جي جهيڙن جون وغيره وغيره.
دوستن چيس ته جيترو وقت اڪيلو آهين اُهو سٺو آهي، باقي جي مصيبت ته هونئن به گلي ۾ پوڻي آهي. انهن ڇوڪرن اهو به چيو ته زالن جون سڀ فرمائشيون به پوريون ڪيون پوءِ به انهن کي اسانجي پرواه نه آهي. اڄ ڪالهه جون زالون پنهنجي مڙسن کي پنهنجي سينڊل جو ڪوڪو ٿيون سمجھن. جزاڪ الله عورتن ايتري ترقي ڪئي آهي! اها مونکي هاڻين خبر پئي، ڪو زمانو هو، مرد پنهنجي زال کي پير جي جتي سمجھندو هو.
شاديءَ تي ظاهر آهي ته ٿورو گھڻو خرچ به ٿيندو آهي ۽ امير ان وقت شان و شوڪت جو اظهار ڪندا آهن . ڪي ماڻهون هڪ کان وڌيڪ به شادي ڪندا آهن ۽ پنهنجي ٻيڙي پاڻ ٻوڙيندا آهن. جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر جي دروازي مان بندوق جي گوليءَ وانگر ٻاهر نڪري ته سمجھو ته سندس گهر ۾ هڪ کان وڌيڪ زالون آهن. هونئن به شريعت ۾ چار شاديون جائز آهن، سو خاص ڪري امير ماڻهون ان جي پابندي ڪندا آهن. وڏيرن وٽ ته هر سال چوٿين شاديءَ جي جاءِ خالي ٿيندي رهندي آهي ۽ سندس مرڻ کانپوءِ ملڪيت ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندي آهي ۽ پويان پيءُ جي قبر کي پيا پٽيندا آهن يا وري پيءُ جي زماني جي عيش کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀريندا آهن. وڏيري جي ڳوٺ جي مولوي صاحب جي ٻارنهن ئي مهينا لئه هوندي آهي، هر ڪڻڪ تي وڏيرو پاڻ پرڻجندو آهي ۽ ڦٽين تي سندس ڪو نه ڪو فرزند شادي ڪندو آهي. ننڍن فصلن تي به عيش ٿيندو آهي ويچاري هاريءَ جي پگهر جو پورهيو ڪراچي،لاهور يا ڪوه مري ۾ پيو خرچ ٿيندو آهي.
چون ٿا ته ڪنهن وڏيري پنجين شادي ڪئي..... ”اڙي ڀيڻان هي ڇا؟“ سڄي ڳوٺ ۾ اهو چوٻول پئي هليو. نيٺ آخر ويچاري بيزار ٿي مولوي صاحب کي گهرائي چيو ته: ”مولوي صاحب مان ته هنن جاهلن مان اچي ڦاٿو آهيان. هنن اڻپڙهيلن ڄٽن کي ڪهڙي خبر ته شريعت ڇا ٿيندي آهي؟ پهرين انهن کان اهو پڇو ته قرآن شريف ۾ ڇا لکيل آهي؟ مونکي ته مجبوري ٿي پئي سو نڪاح ڪيم . مون واري پهرين زال اڄ سڀاڻي تي مرڻ واري آهي ڊاڪٽر ته گھڻا ڏينهن اڳ جواب ڏنو آهي سو مان ڪو ان کي گھٽو ڪونه ڏيندس تون مولوي صاحب هنن جاهلن مان منهنجي جند ڇڏاءِ.“
شام جو وڏيري جي اوطاق تي ڳوٺ جمع ٿيو ته مولوي صاحب چيو ته: “توهان کي خبر هوندي ته اسلام ۾ چئن شادين کان وڌيڪ جي اجازت نه آهي، پر وڏيري اهو ڪم ڪيو آهي ته اهو سمجهو ته وڏيرو مسلمان نه آهي ڪافر آهي.” وڏيرو به خوش ته ڪير ڪافر چوڻ سان ڪافر نه ٿيندو آهي ۽ ڳوٺ وارا به خوش ته وڏيرو ڪافر آهي مولوي صاحب فتويٰ ڏني آهي. ڪجهه ڏينهن سندس زال گذاري ويئي ته وڏيرو ٻيهر مسلمان ٿي ويو.
شادين ۾ واپار به ٿيندو آهي،امير گهر جي ملڪيت گهر ۾ رکندا آهن توهان ڀلجي به سندس اولاد کي ملڪيت نه سمجهجو بلڪه اصلي مال ملڪيت هوندي اٿن. يا وري حصاب ڪتاب سان شادي ڪنداآهن مثلاَ سيٺ فتو ڀائي ڌيءَ پرڻائي ته پنج لکن جو ڏاج ڏنو ۽ پنهنجو پٽ اتان پرڻائيندو ، جتان پنجن لکن جي ڏاج سان گڏ پٽ کي خاص سلامي ٻن ٽن لکن ملندي. اسان جهڙا مسڪين ته نوٽ ايترا خواب ۾ ڏسون ته اهو خواب دائمي ٿي وڃي ۽ مائٽ ڪفن پارائي وڃي کڏ ۾ اڇلي اچن. ڪي مون جهڙا ڄٽ پڙهي ڪنهن نوڪريءَ تي چڙهندا آهن ته کين سندن زال ڳوٺاڻي اچتو ئي ڪانه وڻندي آهي ۽ ذهني سڪون خاطر ٻي شادي ڪندا آهن. اها ٻئي ڳالهه آهي ته سندن اها زال پنهنجي ذهني سڪون خاطر يا ته ان ڄٽ کي ليکيندي ڪونه آهي يا ڪڏهن ڇڏي به ويندي آهي ، ڇو جو ڄٽن سان سندس گذر نه ٿيندو آهي . ڪي ماڻهون مختلف هنڌن تي مختلف نالن سان شادي ڪنداآهن انهن جو اهو يا ته مشغلو هوندو آهي ياوري بزنس، يا وري محض شوق.
بهرحال دورنگي دنيا هاڻ رنگ برنگي دنياآهي، سو ٿورو انسان کي سنڀالي هلڻ کپي نه ته ترڪي پيو ته وري نه اٿي سگھندو. احتياط لازم آهي.

اديون رسالو
سيپٽمبر 1982ع