شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

هڪ دور جو قصو

منهنجي وڏي ڀيڻ منور سلطانه جنهن کي اسان سڀ ۽ خاندان وارا ”آپا لاليءَ“ جي نالي سان سڏيندا هئاسين. اڄ مان اُن جو ذڪر ڪري رهي آهيان. آپا لالي ۽ منهنجو ڀاءُ لالا سڪندر حيات ننڍپڻ ۾ گورا چٽا، ڳاڙها ۽ سهڻا هوندا هئا. بابا سائين پيار مان اُنهن کي ”منهنجا لالا پٺاڻ، منهنجا گڊلا پٺاڻ“ چوندو هو. ايئن چوندي چوندي منور سلطانه لالي ۽ سڪندر حيات لالا ٿي ويو. وڏي ٿيڻ کان پوءِ اُنهن جا اصل نالا لالي آپا ۽ لالا سائين ٿي ويا، اڄ تائين خاندان ۾ اُنهن نالن سان اُنهن جي سڃاڻپ آهي.
هن مهل مان آپا لاليءَ (منور سلطانه) کي ياد ڪري هي سڀ ڪجهه لکي رهي آهيان، آپا لاليءَ جو انتقال ڇهين آگسٽ 2016ع ۾ ٿي چڪو آهي. هوءَ اسان ڀينرن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏي هئي. مان ۽ آپا لالي اُن دور جا ليکاري آهيون، جڏهن اسان جو مواد مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو هو. آپا لالي لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان ڪئي. اڳتي هلي اُن مضمون ڪهاڻيون ۽ شاعري لکي. اِهو مواد ”عبرت اخبار“ هفتيوار ”الفقراءَ“ سانگهڙ ۽ ”ماهوار اديون“ وغيره ۾ شايع ٿيو. اُن مضمون ۽ ڪهاڻيون ابتدائي دور ۾ رضيه سلطانه ۽ ايم سلطانه منور جي نالي سان شايع ڪرايون. سندس گهڻو مواد منور سلطانه جي نالي سان آهي، جيڪو ”عبرت اخبار“، ”هلال پاڪستان“ (حيدرآباد) ۽ ماهوار اديون ۾ شايع ٿيو.
اُهو ڇپجڻ وارو دور ڏاڍو پيارو هوندو آهي، پڙهندڙ اخبارن ۽ رسالن ۾ اوهان کي پڙهندا آهن. اهڙي طرح سان قدم به قدم ادب جي دنيا ۾ هلبو هو. اُهو ادب جو پورهيو سالن جي ڇپجڻ کان پوءِ وڃي ڪتابي صورت وٺندو هو.
آپا لالي ٽنڊو آدم مان مئٽرڪ پاس ڪري زبيده ڪاليج حيدرآباد مان انٽر سائنس ڪئي ۽ پوءِ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ٻه سال ڊاڪٽريءَ جا پڙهي الائجي ڇو اُن ميڊيڪل جي پڙهائي ڇڏي ڏني ۽ گهر جي دنيا وسائي ويهي رهي.
زندگيءَ جو گهڻو حصو ٽنڊوآدم ۾ بابا سائينءَ سان گڏ گذاريائين. حيدرآباد تائين به مشڪل سان ايندي هئي. ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ جو بي حد شوق هوندو هوس. ميوزڪ ٻڌڻ جي به شوقين هوندي هئي. گوري رنگت سهڻي، هٿ پير ته ڏاڍا سهڻا هوندا هئس، اڪيلي زندگي گذاريائين. بابا امان جي لالڏلي، ڪڏهن گهر جو ڪو به ڪم ڪو نه ڪيائين .
ٽنڊي آدم ۾ رهي ڪري ادا نثار حسيني آگم پبليڪيشن واري سان رابطو ڪيائين. ڪتاب ڇپائڻ جي خواهش ڪيائين.
ادا نثار حسيني ٽنڊو آدم ۾ پاڻ ايندو هو ۽ آپا لاليءَ کان مواد وٺي ويندو هو. اُن وقت مان ڪراچيءَ ۾ رهندي هئس. ڪراچيءَ جي ادبي توڙي سماجي دُنيا ۾ مون پنهنجي دنيا پئي ٺاهي. اوچتو مون کي خبر پئي ته آپا لاليءَ پنهنجو شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرايو آهي. اُهو ”ڳولا“ نالي شاعريءَ جو ڪتاب مون کي به مليو. اُن جو ٽائيٽل ڪَوَر فتاح هاليپوٽي ٺاهيو. ڪتابت خدا بخش ابڙي ڪئي. مهاڳ سائين استاد بُخاري صاحب جن جو لکيل آهي. ڳولا ڪتاب 1981ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو.
هيءَ سڄي محنت ادا نثار حُسينيءَ ڪئي ڇو ته آپا ٽنڊو آدم ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن هت ڪراچيءَ ۾ ادا نثار حسيني جنهن کي مان سُڃاڻيندي هئس ۽ ادبي محفلن ۾ ملاقات به ٿيل هئي. اُن مون کي فون ڪيو ته ادي منور سلطانه جو ڪتاب مون ڇپرايو آهي. ڪتاب جو وڪرو به سُٺو ٿيو آهي، سو مون ادي منور سلطانه کان پُڇيو ته هاڻ اوهان ڇا ٿا چاهيو؟ اُن مون کي چيو آهي ته مون کي ڪجهه به نه کپي، اگر ٿي سگهي ته منهنجي ننڍي ڀيڻ سلطانه وقاصيءَ جو ڪتاب ڇپرائي ڇڏيو.
ادا نثار حُسيني مون کي چيو جيڪڏهن اوهان پنهنجو مواد مون کي ڏيو ته مان اوهان جو ڪتاب ڇپرائڻ چاهيان ٿو. ڪتاب ڇپرائڻ جو ته مون سوچيو ئي ڪو نه هو. نه ڪا خبر هئي ته ڪتاب ڪيئن ڇپرائبو آهي. اُن وقت ڊائريءَ ۾ منهنجي شاعري لکيل ۽ جمع ٿيل هئي. سو مون ڇا ڪيو جو جيڪي شعر ڇپائڻا هئا، اُن کي نشانيون لڳائي اُها ڊائريءَ مون ادا نثار حسينيءَ کي ڏئي ڇڏي. جنوري 1984ع ۾ منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ادا نثار حُسيني ڇپرايو. جنهن جو ڪوَر ۽ بيڪ ڪوَر ٽائيٽل فتاح هاليپوٽي ٺاهيو.
منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو ”دونهاٽيل درشن“ هو. مون هن ڪتاب تي ڪا به محنت ڪا نه ڪئي. مون ڪجهه به ڪو نه سوچيو ته ڪتاب ڪيئن پيو ڇپجي. صرف عنوان مون رکيو هو ”دونهاٽيل درشن“. سڄي محنت ادا نثار حُسيني جي هئي. اُن ادا انور پيرزادي ۽ نورالهُدا شاه کان مهاڳ لکرايو. بس آپا لالي جي مهربانين ۽ ادا نثار حُسيني جي محنت سان منهنجو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو ۽ مون کي به مليو.
اُهو منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ منهنجي پهرين سڃاڻپ، ادب جي دنيا ۾ پهريون قدم داخل ٿيو .
ادا نثار حُسيني هڪ دفعو مون کي اهو ٻڌايو ته ادي توهان جو ڪتاب ايترو جلدي وڪامي ويو جو ڪجهه عرصي ۾ ئي مارڪيٽ ۾ ڪو نه پئي مليو. اِهي سڀ آپا لاليءَ جون مهربانيون هُيون اُن جي پيار جو تحفو هو. جو مان اڄ به اُن ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ جي حوالي سان سُڃاتي ويندي آهيان.
آپا لالي (منور سلطانه) اُن کان پوءِ به گهڻو لکيو، خاص ڪري اديون رسالي ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. هُن ڪيترا ڪالم لکيا آهن مون کي خبر نه ناهي. مان سندس هي تيرنهن ڪالم ڳولي جمع ڪري سگهي آهيان. آپا لاليءَ جون لکيل ڪهاڻيون ۽ مضمون مان ڳولي نه سگهي آهيان.
بهرحال هي ادبي پورهيو اُن ادبي دنيا جو آهي، جڏهن ڇوڪريون ادب جي دنيا ۾ گهٽ لکنديون هيون. مشاهدا تجربا مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي گهٽ ملندا هئا. اُن جي باوجود به آپا لاليءَ جا لکيل ڪالم ۽ شاعري ايتري ته جاندار آهي ڄڻ ته آپا لالي سڄي دنيا کي پنهنجو ڪيو ويٺي هئي.
آپا لالي (منور سلطانه) جو هي شاعري ۽ ڪالمن جو گڏيل ڪتاب مون ڇپرايو آهي. توهان پڙهو ڏسو ته هر دور جي سنڌي نياڻي ڇا ٿي سوچي؟ ڇا ٿي لکي. رشتا ۽ ناتا ڪيئن ٿي نڀائي. سندس لکيل ڪالمن ۾ توهان کي اُن جي سوچ ۽ حاصل ٿيل تجربن مان ملندا. اُن جيڪي مشاهدا ماڻيا اُهي سڀ زندگيءَ جي قريب ترين ملندا آهن. ڪالمن جو هر موضوع انوکو ۽ جاندار آهي. سياسي، سماجي ۽ اخلاقي مسئلن تي لکيل هي ڪالم هر دور جي نشاندهي ڪن ٿا.
اڄ آپا لالي هِن دنيا ۾ ڪونهي پر پنهنجي قلم جي ذريعي لکيل هي ادبي پورهئي ۾ هميشه زنده رهندي.
انسان فنا آهي، لکيل لفظ سوچون هميشه زنده ۽ جاودان آهن.
هي ادبي زندگي ماڻڻ به هر ڪنهن جو نصيب ڪو نه هوندو آهي. ڀاڳن وارا هوندا آهن جيڪي قلمي پورهيو ڪري زندگي ماڻيندا آهن.

سلطانه وقاصي