نويڪلي
پل پل کي،
اٿلائي پٿلائي ڏٺو،
مون کي ڪٿي،
ڪو به ڪرڻو،
سچي پيار جو جهرڻو،
مون کي نظر نه آيو.
مان ور ور ڏئي،
وري ڳولي، ڦولهي ڏٺو،
ڪٿي ڪو به ڪرڻو،
محبت جو جهرڻو،
مونکي نظر نه آيو.
مان جهاتي پائي ،
پنهنجي جيءَ ۾،
اٿاهه اونو سمنڊ ڏٺو،
جتي ڪو به ڪرڻو،
سچي پيار جو جهرڻو،
مون کي نظر نه آيو.
پر اندر اونهي سمنڊ ۾،
اميد جا ڪرڻا،
لٿا چڙيا پي،
جن ۾ زندگي هئي،
روشني ۽ جوش هو،
بندگي ۽ هوش هو،
پيار جي سچائي،
۽ خلوص هو.
پوءِ مان پنهنجي،
آس پاس نهاريو،
جتي ويراني،
نويڪلائي هئي،
هراس ۽ نراسي هئي.
پوءِ مون پنهنجي،
هن وجود کي،
نهايت بيدرديءَ سان،
وڏي جهدوجهد،
۽ سختيءَ سان،
بي حسيءَ جي،
سخت خول ۾،
سدائين لاءِ قيد ڪري ڇڏيو.
**