14 شعبان 1398ع
نيڻن ۾ وَرهين جو اُوجاڳو،
ڏينهن پويان راتيون ويون،
سورن ورهين کان جاڳايو.
سنسان واٽ، نه پتو، نه سُڌ،
نيڻ ۾ ورهين جي ٿَڪ ۽ ڌُنڌ،
هٿوراڻيون ڏئي هلان پئي،
سالن کان ڪجهه نه ڏسان پئي.
آخر هڪ ويراني ۾ ٿڪجي،
سج لٿي جو واريءَ جي ڊٻن ۾،
ڪيئي سالن کان مان ٽٽجي،
چوڏهين جو چنڊ ڏٺم مان ڀٽن ۾.
هر زهريلي جيت ۽ نانگ کان،
بي خبر ٿي سُرَ ۽ سانگ کان،
واريءَ تي مان ليٽي پوان ٿي،
موت جي ننڊ مان سمهان ٿي.
**