شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(08)

سيڪنڊ هئنڊ ڪمپليٽ سوٽ ۽ هٿ ۾ پائيپ ۽ ٻئي هٿ ۾ لڪڻ ، مغز تي انگريز ڇاپ قسم جي ٽوپي، رکيل، اها عجيب ۽ غريب شيءِ اڄ کان ڏهه يا پندرهن سال اڳي جي هئي جنهن کي اسان لنڊن پلٽ چوندا هئاسين، سندن وڃڻ جو ڪارڻ ڪهڙو؟ يا هو واقعي لنڊن مان ٿي آيو آهي به يا نه؟ اهي سبب خدا کي معلوم باقي اهو خانبهادر ماڻهن جي معلومات ۾ اضافو ڪندو هو ته مثلن لنڊن ۾ ٻچو ٻچو انگريزي ڳالهائي ٿو ! هوٽل ۾ وڃو ته ٻڪر مشين ۾ وجهو ته ٻئي پاسي ڪباب نڪري ايندا ۽ وري جي ڪباب وجهو ته ٻئي پاسي ساڳيو ٻڪر موٽي ملندو. ان کانسواءِ سائين لنڊن ۾ حسن جي ڇا ڳالهه ڪجي بس بهشت لڳو پيو آهي. هر گھٽيءَ ، هر روڊ ۽ هر گھر ۾ سهڻيون زائفون آهن، اتي وڃي احساس ٿئي ٿو ته مائٽن اسان جي شادي جنڻين سان ڪرائي آهي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ٻٽاڪون پيون هڻندو.
اڄ ڪالهه لنڊن يا آمريڪا وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه آهي. توهان کي خبر نه آهي اسان جو وڏو پاڙيسري آمريڪا آهي سو من ۾ جهاتي پائي سچل وانگر ديدار ڪري سگھجي ٿو. پر مان ڳالهه ڪندس ڪارن انگريزن جي، جيڪي اسان جي ملڪ جا ڀوتار لنڊن يا آمريڪا وڃي واپس ايندا آهن انهن جا گھر عبرتناڪ ٿي ويندا آهن بلڪ اهي بندا پاڻ عبرتناڪ هوندا آهن. سندن من ۾ لنڊن جي هوا پئي هلندي آهي پاڻ کي لنڊن جا ڪمشنر سڏرائيندا آهن. ماڻهن کي شايد خبر نه هجي ته لنڊن ۾ ڪمشنر پٽيوالي کي چئبو آهي ۽ ڪمشنر کي ڇا چئبو آهي اها ته انگريزن کي خبر، پر جيڪي ڀوتار لنڊن مان واپس موٽي پنهنجي زبان ڇڏي اڌوگابري انگريزي ڳالهائيندا آهن اهي پنهنجن مائٽن لاءِ ڏاڍا هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن.
اڄ کان پنج سال اڳي جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏي آفيسر جي گهر ۾ دعوت هئي اتي هڪ وڏي گھراڻي سان ملاقات ٿي. هي گھراڻو انهن ٻاويهن مان هڪ هو جنهن جو ذڪر اسان وٽ هلي پيو، سندن بدن تي ٻن ٽن لکن جو ته لباس ۽ زيور هئا، پر اهي ٻه ٽي لک به ضايع پئي مون کي لڳا ڇو جو اهي لک ڪک پئي لڳا. مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اهي لک ڇو ڍڪين پيا. هٿ ۾ سگريٽ ولائتي ۽ ڳالهائين به ولائتي. مغز تي مينار ۽ منهن تي مينا بازار پر ان مينا بازار لنڊن واريءَ ميڪ اپ جي تهن مان سندن چمڙي جي بي رونقي نظر پئي آئي. هي مايون لنڊن، نيو يارڪ ۽ پيرس وغيره پئي گهمي آيون هيون. منهنجي ڀرسان ويٺل ساهيڙي اهي ڳالهيون ٻڌي چيو ته هل پاڻ به آمريڪا هلون. مون چيو مانس ته ٺهيوبس ڪر ڪاڏي منهن منور جو ۽ ڪاڏي ٽنڊوالهيار. انهن ماين جي اکين ۾ رونق ڪا نه هئي، ڳالهائڻ ۾ جوش ۽ زندھ دلي ڪانه هئي، سندن مرڪ ۾ زندگي ڪانه هئي، انهن اهو احساس ڪيو جو اڌ ڪلاڪ ويهي اسان جو مغز خراب ڪريو ويون پر اها خبر پئي ته ڪٿي ڪک به انگ ڍڪي ٿو ۽ ڪٿي لک به عيب ڍڪي ٿو.
ريڊيو، ٽي وي، وي سي آر گھر ۾ اڄڪلهه عام آهن پر اسان انسانن پنهنجن ايجادن جو ضحيح استعمال نه ڪيو آهي. ريڊيو تي اڪثر گندا گانا ايندا آهن جيڪي ٻار رستن ۽ گھٽين ۾ پيا ڳائيندا آهن. ڪو زمانو هو شايد اڄ کان ڏهه سال کن اڳ ته هڪ فلم لڳي هئي جنهن ۾ هڪ هيرو ڊرائيور هوندو آهي ۽ مالڪ جي ڌيءَ سان عشق ڪندو آهي. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ان وقت گهڻن ماڻهن پنهنجا نوجوان ڊرائيور ڪڍي ڇڏيا هئا هاڻي تازو سلسله ڊرامو هلي بس ٿيو آهي. ان ۾ هڪ ڇوڪري پنهنجي ماءُ جي شادي ڪرائڻ جي چڪر ۾ هوندي آهي ڇو جو پاڻ شادي ڪري ويندي ته ماڻس جيڪا نوجواني ۾ بيوه ٿي وئي هئي سا اڪيلي رهجي ويندي سو ان ڪري ڊرامي جي خيال ته تمام سٺو هو پر هڪ واقعو ان ڊرامي دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيو. هڪ ڇوڪري ٻي ساهيڙي کي چوڻ لڳي ته مان به پنهنجي ماءُ جي شادي ڪرائيندس نه ته منهنجي شاديءَ کانپوءِ امان اڪيلي رهجي ويندي. ان تي سندس ساهيڙيءَ مذاق ۾ چيو ته ڪهڙي پروفيسر سان؟ اتي پوءِ ڳنڍجي ويون. مس ڪر ٻنهي کي ٻين ڇوڪرين پري ڪيو. اسان تاج پور پڪنڪ تي ويا هئاسين ته جڏهن اتان واپس اچڻ لڳاسين ته ننڍا ننڍا ڇوڪرا جن مان ڪنهنجي عمر ڏهن سالن کان مٿي نه هئي اهي سڀ گول دائري ۾ ويهي ڳائڻ لڳا ”ڇلو ڏي نشاني تنهنجي مهرباني“ )جزاڪ الله). ائين اسان لائيٽ جو بي جاءِ استعمال ٿا ڪريون، اسين رات جو هروڀرو جاڳي پنهنجي صحت برباد ٿا ڪريون حالانڪ رات آرام ڪرڻ لاءِ آهي پر اسان بنا مقصد جي پيا رات جو جاڳندا آهيون.
اهڙي طرح ٻيون نيو نيون ايجادون جيڪي اسان انسانن هڪ ٻئي جي بهتري لاءِ ڪيون آهن سي به اسان انسان هڪ ٻئي کي ذهني يا جسماني طو ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿا ڪريو ن.
اديون رسالو
جولاءِ 1983ع